ساڳيائپ، جيئن جو تيئن يا اسٽيٽس ڪو (status quo) لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، هن اصطلاح جي معنا آهي”ساڳي حالت برقرار هُجڻ“ يا اڳوڻي حالت برقرار رکڻ. ويجهي ماضيءَ جي بين الاقوامي سياست ۾ آمريڪا جي صدر ’جيمس منرو‘ 22 ڊسمبر 1823ع تي آمريڪي ڪانگريس آڏو پنهنجي تقرير ۾ هن نيتيءَ جو ذڪر ڪيو. جنهن جا ٻه مکيه اصول هئا. هڪ ته مختلف يورپي ملڪن جي وچ ۾ موجود ’طاقت جي ورهاست‘ جو آمريڪا احترام ڪندو. ٻيو ته طاقت جي اهڙي ورڇ ۾ ٿيندڙ ڪنهن به غير فطري تبديليءَ جي ڪوشش جي آمريڪا مزاحمت ڪندو.[1]

حوالا سنواريو

  1. Status quo | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون, وقت 2017-09-23 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-01-30