استادن جو عالمي ڏينهن

عالمي ڏينھن

استادن جو عالمي ڏينهن (انگريزي: World Teachers' Day يا International Teachers Day)، هر سال 5 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو آهي. هي ڏينهن پهريون دفعو 1994ع تي ملهايو ويو. هي ڏينهن 1966ع تي گڏيل قومن جي تعليمي، علمي ۽ ثقافتي تنظيم ۽ مزدورن جي عالمي اداري پاران استادن جي حالت بابت دستخط ڪيل دستاويز جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي.[1] جيڪا دستاويز دنيا جي استادن جي مسئلن ۽ مرتبي بابت آگاهي ڏئي ٿو. دستخط ڪيل دستاويز ۾ تعليمي پاليسي، ڀرتي، استادن جي شروعاتي تربيت، استادن جي تعليم، ڪم جي حالت بابت ڪجهه پيمانا مقرر ڪيا ويا.[2] هن ڏينهن جو مقصدن استادن جي محنت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ استادن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ جاڳرتا اجاگر ڪرڻ آهي.[3]

استادن جو عالمي ڏينهن
ملهائڻ وارا استادن جو تنظيمون ۽ شاگرد
تاريخ 5 آڪٽوبر
دورانيو 1 ڏينهن
تقرر ساليانو

حوالا سنواريو

  1. "World Teachers' Day - 5 October 2017". UNESCO. حاصل ڪيل 2017-10-06. 
  2. Power, Colin (2014). The Power of Education: Education for All, Development, Globalisation and UNESCO. New York: Springer. pp. 191. ISBN 9789812872210. 
  3. "Teaching in Freedom, Empowering Teachers". UNESCO. حاصل ڪيل 2017-10-06.