ازدواجي تبديلي مذهب

شادي تي ٻَڌل مذهبي تبديلي

ازدواجي تبديلي (انگريزي ٻولي: Marital conversion) ، پرڻو جي لاءِ يا شادي جي هڪ پرچاءُ جهڙي (مصالحت آميز) عمل طور، يا ڪنهن خاص مذهبي عقيدو هجڻ لازمي تقاضا مطابق هڪ مذهبي تبديلي  آهي.[1] ان جي مطابق شادي ڪندڙ جوڙي ۾ مرد يا عورت کي رُڳو شادي جي مذهبي رسمن پوري ڪرڻ ۽ جيون ساٿي جي منشا جي لاءِ پنهنجو مذهب ڇڏي ٻيو مذهب قبول ڪرڻ تي اُڪسايو ويندو آهي. سڱاوتي  ( اينڊوگيمي (روايت يا قانون موجب پنهنجي برادري، قبيلي يا قوم ۾ پرڻو ڪرڻ) ) مذهبي ثقافتن کي ٻين مذهبن اندر (اِنٽرفيئٿ) شادي ڪرڻ ۽ نسلي هڪجهڙائي جي خلاف ڪُجھ مخالفت ٿي سگهي ٿي، ۽ اُهي کين تي پنهنجو حق سمجهندڙ ساٿين جي بدران ("ٻاهر شادي ڪرڻ") جي خلاف پڻ جهلَ (روڪ) جي دعويٰ پڻ ڪري سگهن ٿا. ان جي ابتڙ، کين انهن ماڻهن جي ازدواجي مٽاسٽا جي ضرورت ٿي سگهي ٿي جيڪي پنهنجو حق سمجهندڙ ساٿين  منجهان ڪنهن سان شادي ڪرڻ چاهيندا آهن.

قانوني پاسو سنواريو

ڪُجھ مُلڪن ۾ ازدواجي تبديلي مذهب تي عدالتي فيصلا پڻ آيا آهن ۽ قانون سازي پڻ ڪئي وئي آهي. ڀارت جي رياست اتر پرديش جي هاءِڪورٽ ڪنهن خاص مقصد يا لالچ جي سبب سان مذهبي تبديلي کي غير قانوني قرار ڏنو آهي. ڪورٽ 2014 ۾ پنهنجي فيصلي ۾ چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو رڳو شادي ڪرڻ جي نيت سان مذهب تبديل ڪري ٿو ۽ فلحال ايمان ناهي آندو ته اهڙي مذهبي تبديلي درست نٿي سمجهي سگهجي. اسلام قبول ڪرڻ لاءِ، اباڻي مذهب سميت اسلام جي ڄاڻ، حضرت محمد ۽ قرآن تي ايمان سميت، ضروري آهي. مذهب جي تبديليءَ جي لاءِ دل جي تبديلي سان گڏ انفرادي مذهبي عقيدن ۾ تبديلي هجڻ ضروري آهي. ان فيصلي موجب، عدالت مسلم ڇوڪرَن سان شادي ڪرڻ جي لاءِ پنج هندو ڇوڪرين طرفان درخواستن کي رد ڪيو ويو. نورجهان بيگم عرف انجلي مشيرا ۽ ٻين طرفان درج ڪيل درخواستن تي، جسٽس ڪيسراڻي ان حڪم جي ٻُڌڻيءَ کانپوءِ حڪم ڏنو جڏهن ڇوڪرين کي عدالت ۾ حاضر ٿيڻ کانپوءِ اسلام بابت پُڇيو ويو تہ انهن کي ڪابہ معلومات نہ هُئي. عدالت چيو تہ، "ڪوبہ صيحتمند بالغ شخص سچي ايمان سان اسلام کي قبول ڪري سگهي ٿو جڏهن تہ هنن ڇوڪرين رُڳو شادي ڪرڻ جي لاءِ اسلام قبوليو آهي"، اهي انهن عقيدن کان پَري آهن، هي ان بابت پڻ نٿيون ڄاڻين. مذهبي عقيدن ۾ تبديلي کان بنا، مذهب جي تبديلي درست نٿي سمجهي سگهجي.[2]

عيسائيت سنواريو

ڪيٿولڪ ازم سنواريو

تاريخي طور، ڪيٿولڪ چرچ موجب، ڪيٿولڪن کي رُڳو ٻين ڪيٿولڪ فردن (اوڀر رواج جي فردن سميت) سان شادي ڪرڻ جو پابند ڪيو ويو هيو، ۽ غير-ڪيٿولڪ پارٽي جي ازدواجي مٽاسٽا تقريبن فرض سمجيو ويندو هيو.[3] ان هوندي به، ڪيٿولڪ جي لاءِ آزاد / اولڊ ڪيٿولڪ (جيڪو روم سان شراڪت، يا سڱ ۾ نہ هجي) يا غير ڪيٿولڪ سان بپٽائزڊ وٺڻ واري طريقي سان ڪيٿولڪ چرچ جي ذريعي بپٽائزڊ ڏيڻ جائز هيو (مثال، مسيحي جهڙوڪ ايپسڪوپلس يا لوٿران، ۽ اوڀر آرٿوڊوڪس)، پر هڪ بشپ وسيلي ورهاست جي اجازت ڏني ويندي هئي ۽ غير ڪيٿولڪ پارٽي کي ٻارن جي پرورش ڪيٿولڪ جي حيثيت سان ڪرڻ تي اتفاق ڪرڻو پيو. غير بپٽائز ماڻهن، يعني تمام غير مسيحي ۽ ڪُجھ مسيحي فرقن (جيئن يونٽاريئنز يا مورمونز) جي ميمبرن سان شادي ڪرڻ منع ڪئي وئي هئي. جيڪڏهن انهين انهن حالتن هيٺ مذهبي شادي ممڪن نہ هجي تہ سول شادي ئي اڪيلو متبادل ٿي سگهي پئي.

آئگلسيا ني ڪرسٽو سنواريو

ايگليسيا ني ڪرسٽو، هڪ غير تثليثي (نان ٽرائنيٽارين) چرچ جيڪو فلپائن جو سڀ کان وڏو ديسي مسيحي فرقو آهي، تنهن موجب غير پوئلڳ (غير مذهبي ماڻهو) کي شادي کان اڳ مذهب ۾ تبديل ٿيڻ جي ضرورت هوندي آهي. ان جي اُبتڙ، جيڪي ميمبر مذهب کان ٻاهر شادي ڪري چُڪا آهن، تن کي پاڻمُرادو چرچ کان تڙيو (ڪڍي ڇڏيو) ويندو آهي. سول شادي کانپوءِ چرچ شادي (چَرچ جي روايت موجب شادي ڪرڻ) ضروري آهي.

هندوازم سنواريو

هندومت ۾ ان طرح جي عمل لاءِ ڇڏ ڇوٽ آهي ايتري قدر تہ جيڪڏهن هندوازم (سناتن ڌرم) کي مڃيندڙ سمجهي ٿو تہ سمورا مذهب خدا ڏانهن وٺي ويندڙ هڪ رستو آهن، پر ان ۾ سياسي اختلاف پڻ ٿي سگهن ٿا ۽ انهيءَ ڪري ازدواجي تبديلي کي ڪڏهن ڪڏهن نندڻ (دل ڀڃڻ) جو نشانو پڻ بڻايو ويندو آهي. سموري هندو اتهاس (تاريخ) ۾، هڪٻئي جي مذهبن ۾ شاديون (انٽررليجئس ميرئج) ڪرڻ پڻ هڪٻئي سان شانتي (امن) ۽ ايڪو (ٻَڌي) قائم ڪرڻ جو هڪ طريقو رهيو آهي.

اسلام سنواريو

شادي منجهان پيدا ٿيندڙ ٻارن کي "مڃيندڙ (ايمان رکندڙ)" طور پاليو نپايو وڃِي، جيڪو مسلمانن لاءِ گڏيل عام اصطلاح آهي.

اسلام ۾ مسلم ماڻهو يا عورت کي مذهب کان ٻاهر غير مذهبي عورت يا مرد سان پرڻو ڪرڻ تي سختيءَ سان بندش وڌل آهي، ايتري قدر جيڪڏهن ڪو مسلمان مرد يا عورت ڪنهن ٻئي عقيدي يا ٻئي مذهب جي فرد سان پرڻو ڪرڻ چاهي ته کين ان کان روڪيو ويو آهي ان جي ابتڙ کين ڪنهن مسلم غلام يا غلامِڻ سان پرڻو ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. يا وري غير مذهبي ساٿيءَ سان پرڻو ڪرڻ لاءِ ان جو مذهب ڦيرائڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي.

يهوديت سنواريو

شادي جي سبب مذهبي تبديلي بابت يهودي خيال گهڻي ريت اهڙين شادين جا مخالف آهن ايتري قدرتہ جيڪڏهن اهڙين (انٽرميئرج) شادين کي برداشت ناهي ڪيو ويندو.[4]

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

ٻاهِريان ڳنڍڻا سنواريو