ارسطو(انگريزي: Aristotle ) (پ:384 ق م ۽ و:322 ق م) يونان جو فلسفي، رياضي دان ۽ فلڪيات جي ڄاڻو هيو، جنھن کي يوناني ۾ ارسطاطاليس سڏيندا آهن. عام طور تي ارسطو جي زندگي بابت تفصيل تسلي سان ثابت ناھن. ان جي سوانح تي لکيل قديم دؤر واريون لکڻيون ڪلپنا تي مشتمل آهن. اتهاڪسار انھن مان صرف ڪجهه مکيه گُڻن تي متفق آهن.

ارسطو


Aristotle

ارسطو جو مجسمو
پيدائش 384 ق م
اسٽيجيريا (قديم شھر),
چالڪيديڪي,
چالسيڊين ليگ,
اتر يونان
وفات 322 ق م (لڳ ڀڳ 62 سال)
يوبيئا، مقدوينہ
عهد قديم فلسفو
علائقو مغربي فلسفو
مڪتبه فڪر
شعبه عمل
اهم نظريا

سندس لکڻين ۾ پرڪرتي وگيان، فلسفو، لسانيات، معاشیات، سياست، نفسيات ۽ فنون شامل آهن. جيئن ته ايٿنس جي ليسيم ۾ فلسفي جي ارسطو جو پوئلڳ اسڪول جي باني جي طور تي، هن وڏي پيماني تي ارسطو جي روايت جي شروعات ڪئي، جنهن بعد جديد سائنس جي ترقي جي لاءِ بنياد رکيو.

ارسطو جي جيون جي باري ۾ تمام گھٽ ڄاڻ موجود آھي. هو ڪلاسيڪل دور ۾ اتر يونان جي شهر استاگيرا ۾ پيدا ٿيو. جڏهن ارسطو ٻار هو، ته سندس پيءُ، نڪوماڪس، مري ويو ۽ هن کي هڪ سرپرست پاليو. سترهن يا ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ هن ايٿنس ۾ افلاطون جي اڪيڊمي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ 347 ق.م. تائين اتي رهيو. افلاطون جي مرڻ کان ٿورو پوءِ، ارسطو ايٿنس ڇڏي، مقدوني جي فلپ ٻيون جي ارضيءَ تي، 343 ق.م ۾ اُن جي پٽ سڪندرِاعظم کي پاٺُ پڙهائڻ لڳو۔ هن لائيسيم ۾ هڪ لئبرري قائم ڪئي جنهن هن جي مدد ڪئي ته هن جا ڪيترائي سوين ڪتاب پيپيرس اسڪرول تي تيار ڪرڻ ۾ سهائتا ڪئي.


زندگي سنواريو

ارسطو جو جنم 384 ق م ۾ موجوده يونان جي شھر ٿيسالونڪي جي اوڀر طرف 55 ڪ م جي فاصلي تي ڪلڪڊيڪي اپٻيٽ جي ھڪ قديم شھر اسٽيجائرا ۾ ٿيو.[3][4]. ارسطوءَ جو پيءُ نيڪوماخوس يونان جي رياست مقدونيا جي بادشاهه ۽ سڪندراعظم جي ڏاڏي امينٽاس ٻئين جو درٻاري حڪيم هو[4][3] ننڍپڻ ۾ کيس طب ۽ علم حياتيات جي تعليم سندس والد کان ملي[5] .ارسطو ارڙهن سالن جي عمر ۾ اٿينس آيو. ويهن سالن تائين هڪ ٻئي عظيم فيلسوف افلاطون جي صحبت ۾ رهيو ۽ ان جي درسگاھ اڪيڊمي ۾ کانئس گهڻو ڪجهه پرايائين[3]. ارسطو پاڻ، ان وقت جي حڪيمن جي بيداريءَ واري تنظيم جو ميمبر هو. هو دوائن جي فضا ۾ پليو هو،[4] هڪ قصي موجب، هن پنهنجي وڏن جي جائداد، عيش عشرت ۾ ختم ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ هو، پيٽ قوت حاصل ڪرڻ خاطر، فوج ۾ داخل ٿيو ۽ آخرڪار اسٽيجائرا موٽي، طب اختيار ڪيائين. ٽيهن سالن جي ڄمار ۾، افلاطون جي فلسفي کي سکڻ لاءِ اٿينس روانو ٿيو. ٻئي هڪ قصي مطابق، جڏهن هو اڃا ارڙهن سالن جو مس هو، ته هن پاڻ کي افلاطون جي سنڀال ۽ رهبريءَ هيٺ سونپيو.[6] ارسطوءَ جي نالي ارسطاطاليس جي معنيٰ ”حڪمت سان پيار ڪندڙ“ آهي[3]. افلاطون فوت ٿي ويو ته ارسطو اتان ميسيا هليو آيو، جتي بادشاهه وٽ وڃي نوڪري ڪيائين. ارسطوءَ بادشاهه جي ڀاڻيجيءَ، پائي ٿياس سان شادي ڪئي[3]. چئن سالن کان پوءِ مقدونيا آيو، جتي کيس بادشاهه فلپ گهرايو هو. ارسطوءَ اتي سڪندراعظم کي ڇهه سال پڙهايو. ڪجهه سال مقدونيا ۾ رهڻ کان پوءِ 327 ق.م ۾ ارسطو ٻيهر اٿينس هليو آيو، جتي هن اسڪول ”ليئم“ جو بنياد وڌو[3]. هو پڙهائڻ کان سواءِ لکندو به رهيو. جڏهن 323 ق. م ۾ اوچتو سڪندراعظم جي دوستن کي گرفتار ڪيو ويو. ارسطو اٿينس مان ڀڄي ايوپيا جي شهر چلس هليو آيو. ارسطوءَ جي جامع شخصيت، ادب، فنون لطيفه، سائنس، منطق ۽ فلسفي تي نهايت دور رس اثر مرتب ڪيا آهن. اهڙيءَ طرح کيس وري فاتح عالم سڪندراعظم جي استاد هئڻ جو پڻ شرف حاصل آهي[3]. 347 يا 348 ق م تائين لڳ ڀڳ 20 سال ھن افلاطون جي اڪيڊمي ۾ گذاريا. جڏھن اڪيڊمي جو نگران افلاطون جو ڀائيٽو اسپوسيپز ٿيو تہ ھن افلاطون جي وفات کان ٿورو اڳ اڪيڊمي کي ڇڏي زينوڪريٽيز سان گڏجي موجوده ترڪي جي خطي اناطوليه جي علائقي اٽارنيئس جي حاڪم ھرميئس جي درٻار ۾ آيو. ھرنيئس ھن جو دوست ھيو جيڪو پڻ اڪيڊمي ۾ پڙھيو ھو. ھرميئس جي وفات کان پوءِ جي پنھنجي ھڪ شاگرد ٿيوفراسٽس سان گڏجي موجوده ترڪي جي ايجيئن سمنڊ ۾ واقع ليزباس واري ٻيٽ ڏانھن سفر ڪيو جتي ھن علم حياتيات ۽ علم نباتات تي تحقيق ڪئي. ان ٻيٽ تي ھن جي شادي ھرميئس جي پاليل نياڻي يا ڀائيٽي پٿيئس سان ٿي. ھن کي ان مان ھڪ ڌي پيدا ٿي جنھن جو نالو پڻ پٿيئس رکيو ويو. سن 343 ق م ۾ مقدونيه جي بادشاھ فلپ ٻئين کيس پنھنجي پٽ سڪندراعظم کي پڙھائڻ لاء گھرايو

 
"جين ليون جيروم فيرس پاران ٺاهيل تصوير ۾"ارسطوءَ کي الیگزینڊر کي پاٺُ پڙهائيندي ڏيکاريو ويو آهي"
 
ارسطو جي منھن جي مورتي

ھن کي مقدوينه جي شاھي درسگاه جو نگران بڻايو ويو. مشرق طرف فارس جي فتح جو سڪندراعظم جي ذھن ۾ خيال ارسطو وڌو ھيو. سن 355 ق م ۾ ارسطو اٿينس ۾ موٽي آيو ۽ پنھنجي درسگاه لئسيوم جي نالي سان وڻن جي جهڳٽي ۾ قائم ڪئي جتي ھن 335 ق م کان 323 ق م تائين ٻارھن سالن تائين پڙھايو. اهو پوءِ هلندڙ ڦرندڙ (Peripatetic) اسڪول جي نالي سان سڃاتو وڃڻ لڳو. انهي ڪري جو ارسطو کي پنهنجن شاگردن سان ڳالهائيندي گهمڻ جي عادت هوندي هئي[7].ان عرصي دوران ھن پنھنجا اھم ڪتاب اتي لکيا. اٿينس ۾ ھن جي زال پٿيئس وفات ڪئي جنھن بعد ھن اسٽيجائرا جي ھڪ عورت ھرپائيلس کي رکيل بڻايو جنھن مان کيس ھڪ پٽ ڄائو جنھن تي ھن پنھنجي پيءُ وارو نالو يعني نيڪوماخوس رکيو. 322 ق م ۾ سڪندراعظم جي وفات بعد اٿينس وارا مقدوينه جي خلاف ٿي ويا ۽ ارسطو جي مخالفت شروع ڪيائون جنھن ڪري ھن اٿينس کي خيرباد چئي پنھنجي ناناڻي علائقي يوبيئا ۾ آيو جتي زندگي جا باقي ڏينھن گذاري وفات ڪئي.

ارسطو جو فلسفو سنواريو

هن پنهنجي فلسفي جو آغاز افلاطون جي نظرين تي تنقيد سان ڪيو. ارسطو هن ڪائنات کي ازلي ۽ ابدي تسليم ڪري ٿو. کيس هن ڪائنات ۾ عظيم مقصد ڪارفرما نظر اچي ٿو[3]. ساڳئي وقت هن جي نظر ۾ ڪائنات جو ازلي محرڪ، آخري حقيقت، ”خير“ يعني ”نيڪي“ آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ ضروري آهي. هو روح کي پڻ حقيقت قرار ڏئي ٿو، ليڪن هو ان کي جسم لاءِ هيئت (form) جو درجو ڏئي ٿو ۽ ان کي جسم لاءِ مقصد ۽ تڪميل جو ڪارڻ سمجهي ٿو ھن جي خيال مطابق جسم سان روح جو تعلق اهڙو آهي، جيئن نظر جو اک سان[3]. هتي اهو ٻڌائڻ مناسب آهي ته ارسطو سڀني فاني شين جا ٻه جزا ڄاڻائي ٿو: اول مادو ۽ ٻيو صورت يا قبول ڪرڻ جي صلاحيت[3]. صورت جي ڪري ئي اسين ان شيءِ کي ڪنهن قسم يا نوع سان منسوب ڪندا آهيون. ارسطوءَ جي ان تعريف مطابق اسان کي مادو ڪڏهن به ملي نه سگهندو، ڇوته صورت کان سواءِ اهو لاشيءِ ٿي پوندو. ان لحاظ کان هو خدا کي محض صورت (form) ڪوٺي ٿو، ۽ مادي کان پاڪ سمجهي ٿو[3]. اهو ارسطو ئي هو، جنهن فلسفي جي دنيا ۾ مابعد الطبعيات (Metaphysics) جو اصطلاح وضع ڪيو جنهن مان هن جو مطلب هو ته هي مضمون يا ڳالهيون، طبعيات جي دائري کان ٻاهر آهن، جهڙوڪ: ذهن، نفس، روح ۽ خدا وغيره. -ان- کان سواءِ اهڙا سوال به -ان- دائري کان ٻاهر آهن ته مادي ۽ ذهن ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇا انسان آزاد ۽ خودمختيار آهي؟ ڇا خدا جو وجود آهي وغيره. انهن سوالن کي -ارسطو- ئي پهريون دفعو مابعدالطبعيات جي عنوان سان بحث هيٺ آندو[3]. ارسطوءَ، علت (Causality) جي تصور تي به نهايت تفصيلي غور ۽ فڪر ڪيو، ۽ هن علت جا چار قسم ڄاڻايا:

  1. علت مادي (Material cause)،
  2. علت فاعلي (Efficient cause)،
  3. علت صوري (Formal cause)،
  4. علت غائي (Final cause).

هو خدا کي علت غائي سمجهي ٿو[3]. ڏٺو وڃي ته وچئين دور ۾ ارسطوءَ جي منطق ۽ فڪر، مسلمان مفڪرن، -ابن سينا- ۽ -ابن رشد- وغيره کي ڪافي متاثر ڪيو، پر هنن ارسطوءَ جي فڪر ۾ گهڻا سڌارا ۽ واڌارا پڻ ڪيا[3].

انسان بابت خيال سنواريو

”ارسطو“ انسان کي ”حيوانِ ناطق“ يعني ”ڳالهائيندڙ جانور“ سڏيو آهين. ارسطو جي خيال ۾ ”ڳالهائڻ يا پنهنجي خيالن ۽ ويچارن جو اظهار ڪرڻ جي صلاحيت ئي انسان کي ٻين حيوانن کان مٿانهون رکي ٿي.“ انسان جي اها فضيلت ئي سندس سڃاڻپ آهي ۽ ان فضيلت کان انسان کي جدا ڪرڻ جو تصور به اڻٿيڻو آهي. ان ڪري راءِ جي اظهار جو حق نه رڳو انسان جو پيدائشي حق آهي پر ان حق کان انسان کي محروم ڪرڻ يا ان ۾ گهٽ وڌائي ڪرڻ جي هر ڪوشش پڻ انسان دشمن قدم آهي.[8][9]

منطق جو بنياد سنواريو

سڀ کان پهرين رتبو، ارسطوءَ کي انهيءَ ڪري مليو، جو سواءِ ڪنهن سابق رهبر جي، محض پنهنجي دماغي محنت سان، هن هڪ نئين سائنس ايجاد ڪئي. جنهن کي منطق جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو[4]. رينن (Renan) چوي ٿو ته ايستائين ڪنهن به شخص جي تعليم ۽ تربيت مڪمل نه ٿيندي، جيستائين هو، سڌي يا اڻ سڌي طرح، يونان جي ضابطي هيٺ نه آيو آهي. پر درحقيقت، خود يوناني ذهن، بي ضابطي ۽ بي ترتيب هو، جيستائين ارسطوءَ جو سخت ۽ ڪڙي نسخي، هڪ طريقو مهيا نه ڪيو، جنهن سان خيال کي آزمائي سگهجي ۽ درست ڪري سگهجي[4].

آتما بابت خيال سنواريو

ارسطوءَ جو آتما بابت نظريو، هڪ دلچسپ وصف سان شروع ٿئي ٿو. آتما حياتيءَ جو بنيادي تَتوَ آهي ۽ سندس قوتن ۽ عملن جو جوڙ آهي[4]. ٻوٽن ۾ آتما، ڇَڙو خوراڪ ۽ نسل وڌائڻ جي سَگهه آهي[4]. انسان ۾ آتما، عقل ڪم آڻڻ ۽ ويچار ڪرڻ جي سگهه پڻ آهي. جانورن ۾ آتما، حواس ڪم آڻڻ ۽ چرپر ڪرڻ جي سگهه آهي[4]. پر آتما بدن کان سواءِ رهي نٿو سگهي[4]. آتما ۽ جسم، ائين آهي، جيئن ميڻ ۽ ان جي صورت. صرف تصور ۾، اهي هڪ ٻئي کان جدا ڪري سگهجن ٿا، پر حقيقت ۾ اهي هڪ نظام قائم ڪن ٿا. ڪا انفرادي ۽ خاص آتما، فقط پنهنجي جسم ۾ ئي رهي سگهندو[4]. تنهن هوندي به آتما هڪ جسماني شيءِ ڪانه آهي ۽ اها فنا به نٿي ٿي سگهي. انساني آتما جي، عقل واري سگهه جو هڪ حصو، ساڪن آهي، اهو حافظي سان وابسته آهي ۽ جسم سان گڏ مري وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته جسم ئي، حافظي کي قائم رکيو[4]. پر متحرڪ عقل يا خيال جي نج نبار قوت، حافظي جي محتاج نه آهي ۽ زوال ان تي اثر پذير نٿو ٿي سگهي. متحرڪ عقل، انسان جو، ڪُلي تتو آهي ۽ نه شخصي. ڪنهن به بني بشر جي اهڙي شخصيت زنده نٿي رهي، جيڪا عارضي محبت ۽ خواهش سان ڀرپور آهي، پر ذهن، خيالي ۽ غير شخصي حيثيت ۾ هميشه قائم رهي ٿو[4].

لئسيوم درسگاه سنواريو

 
مقدوينه جي شھر ميزا ۾ قائم ڪيل ارسطو جو اسڪول

پنهنجي عمر جي ٽيونجاهين سال ۾، ارسطوءَ اٿيينز ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو، جنهن جو نالو ’لئسيوم‘ (Lyceum) هو[4]. ايترا ته شاگرد ان اسڪول ۾ داخل ٿيا، جو هن کي انتظام جي لحاظ کان، ڪيترن پيچيده قاعدن ٺاهڻ جي ضرورت محسوس ٿي[4]. شاگردن خود قاعدا جوڙيا ۽ ڏهن ڏهن ڏينهن کان پوءِ، پاڻ مان هڪ کي اسڪول جي نگرانيءَ لاءِ چونڊيندا هئا[4]. اهو نئون اسڪول، افلاطون جي قائم ڪيل اسڪول جو هوبهو نقل ته نه هو. تڏهن به هن تعليم گاهه ۾، رياضي، الاهيات ۽ سياست ڏانهن وڌيڪ زور ڏنو ويندو هو. ان کان سواءِ علم حياتيات ۽ طبيعات طرف پڻ ڌيان ڏنو ويندو هو[4]. جيڪڏهن اسان پلني تي اعتبار ڪريون، ته سندس چوڻ مطابق، سڪندر، شڪار ڪندڙن، شڪار گاهن جي نگهبانن، باغبانن ۽ مهاڻن کي حڪم ڏنو هو، ته هو ارسطوءَ کي سندس خواهش موجب هر قسم جي حيواني ۽ نباتاتي مواد مهيا ڪري ڏين. ٻيا مؤرخ اسان کي ٻڌائين ٿا، ته ڪنهن زماني ۾، هڪ هزار ماڻهو، هن جي حڪم موجب، يونان ۽ ايشيا ۾ پکڙجي ويا، انهيءَ ارادي سان ته هو ارسطوءَ کي هرهڪ ملڪ جا قسمين قسمين جانور ۽ ٻوٽا جمع ڪري ڏين[4]. اهڙي قسم جي مواد جي ڪري، هو دنيا جي پهرين چڙيا گهر ۾ نباتاتي باغ قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. انهن جانورن ۽ ٻوٽن کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪرڻ، ارسطوءَ جي علمي ۽ فلسفياڻي مطالعي جو هڪ اهم سبب هو. هن ڳالھه جي اهميت ۾ ڪو وڌاءُ ٿي نٿو سگهي[4]. اٿينس چوي ٿو ته سڪندر کيس (ارسطوءَ کي) علم طبيعي ۽ علم حيات جي کوجنا لاءِ 800 يوناني سڪا ڏنا. جن جو ملهه موجوده زماني ۾ اٽڪل چاليهه لک ڊالر آهي[4]. ڪيترن جو خيال آهي، ته ارسطوءَ جي صلاح تي، سڪندر هڪ ماهرن جو ٽولو موڪليو، ته هو نيل نديءَ جي سرچشمي وٽ وڃ جاچ جوچ ڪري، ته ڪهڙن سبب ڪري نيل ندي، ڪن خاص موسمن ۾ سيلاب آڻي ٿي[4]. ارسطوءَ لاءِ 158 مختلف سياسي آئينن جو ڊائيجسٽ تيار ڪرڻ، ڏيکاري ٿو ته کيس ڪافي مددگار مليل هئا[4]. يورپ جي تاريخ ۾ هيءُ پهريون مثال آهي، جو سائنس جي ترقيءَ لاءِ ايڏي وسيع پئماني تي ملڪ جي دولت صرف ڪئي وئي[4].

ارسطو جا لکيل ڪتاب سنواريو

ارسطوءَ جي مستقل تصنيفن ۾ شعر، سياست ۽ اخلاقيات خاص ڪري قابل ذڪر آهن. -ان- کان سواءِ طبعيات، حياتيات، مابعدالطبعيات، منطق ۽ تقرير تي سندس مختصر رسالا موجود آهن[3]. ارسطوءَ تمام گهڻن موضوعن تي لکيو آهي، -جن- ۾ سائنس، ادب، فلسفو، سياست وغيره اچي وڃن ٿا. سندس ڪتابن جي فلسفي جي هاڻوڪي دؤر ۾ به تمام وڏي اهميت ۽ قدر آهي. هن اهڙيون بيشمار ڳالهيون لکيون آهن، جن جو لاڀ اڄ جو انسان به ماڻي سگهي ٿو. دنيا جي تقريباً مڙني موضوعن تي سندس ويچار ملن ٿا.[3]. ارسطو جون تصنيفون، سَوَن جي تعداد ۾ آهن. ڪي قديمي مصنف چون ٿا، ته هن چار سؤ ڪتاب لکيا. پر ڪي وري ائين چون ٿا، ته هن هڪ هزار ڪتاب لکيا. جيڪي ڪتاب اسان کي هن وقت دستياب ٿيا آهن، سي اصلوڪي ڪم جو صرف هڪ حصو آهن پر ان جي باوجود، سندس سڄي ڪم جي وسعت ۽ بلنديءَ کي خيال ۾ رکندي اسان کي مڃڻو ٿو پوي، ته سندس لکتون، هڪ مڪمل ڪتبخانو ٺاهين ٿيون. سڀ کان پهريائين، منطقي ڪتاب اچن ٿا، جن مان مشهور آهن:

  • درجا بندي (Categaries)،
  • موضوع (Topics)،
  • تحليل کان پهرين (Prior)،
  • تحليل کان بعد ۾(Posterior analytics)،
  • ڌُڪا (Propsitions)،
  • سوفسطائي ترديدون (Sophistical Refutation).

اهي سڀ ڪتاب ارسطوءَ جي پوئلڳن جمع ڪري، نظام منطق (Organon) جي عنوان سان شايع ڪيا، جنهن جو مطلب آهي صحيح خيال ڪرڻ جي قاعدن جو ڪتاب. تنهن کان پوءِ، سائنس جا ھيٺيان ڪتاب اچن ٿا:

  • طبيعات (Physics)،
  • فلڪيات (On the Heavens)،
  • نشوونما ۽ زوال (Growth and Decay)، *موسميات (Meteorology)،
  • قدرتي تاريخ (Natural History)،
  • روحانيت (On the Soul)،
  • جانورن جا حصا (Parts of Animals)، *جانورن جي حرڪت (Movement of Animals) ،
  • جانورن جي پيدائش (Generation of Animals)

ٻيا اهي ڪتاب آهن، جن جو جماليات سان واسطو آهي، جهڙوڪ:

  • خطابت جو فن (Rhetoric)
  • شاعريءَ تي تنقيد (Peotics).

آخر ۾ اهي ڪتاب اچن ٿا، جن جو فلسفي سان تعلق آهي، جهڙوڪ:

  • اخلاقيات (Ethicals)،
  • سياسيات (Politics)،
  • مابعدالطبعيات (Metaphysics).[10]ڏهين صديءَ ۾ اهي ڪتاب عربيءَ ۽ هيبريو (عبراني) ۾ ترجمو ڪيا ويا. سن 1225ع ۾ لئٽن ۾ ترجمو شايع ٿيو. ابيلارڊ (Abelard) جي خوش گفتاريءَ کان وٺي ٿامس اڪيناس (Thomas Aquinas) جي انسائيڪلوپيڊيا تائين وارا مڪتب فڪر تمام وڌيا ويجها. صليبي لڙاين وقت عيسائين، سندس ڪتابن جا صحيح نسخا، يورپ ۾ آندا. ان کان پوءِ قسطنطنيه جي عالمن سن 1453ع ۾ حملو ڪندڙ ترڪن کان ڀڄي، پاڻ سان گڏ ارسطوءَ جا علمي خزانا آندا. جهڙيءَ طرح بائيبل، ديني ادارن ۾ ، هڪ مشڪل کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ بي نقص ڪتاب ليکيو ويندو هو، ساڳيءَ ريت ارسطوءَ جي لکڻين پڻ، فلسفي جي ادارن ۾ بي مثال اهميت حاصل ڪئي. سن 1215ع ۾ پوپ جي نمائندي، پئرس ۾ ارسطوءَ جي تصنيفن تي تقريرون ڪرڻ کان منع ڪئي. سن 1231ع ۾ گريگوري يارهين (Gregory XI)، هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي، ته اها ارسطوءَ جي تصنيفن کي غير ديني ڳالهين کان پاڪ ڪري. سن 1260ع ۾ هرهڪ عيسائي مدرسي ۾ ارسطوءَ جا ڪتاب لازمي طور پڙهيا ويندا هئا. جيڪو به ارسطوءَ جي خيالن جي خلاف ويندو هو، تنهن کي مذهبي مجلسون مناسب سزا ڏينديون هيون. چوڏهينءَ صدي جو مشهور شاعر چاسر (Chaucer) ان وقت جي هڪ طالب العلم بابت هيٺين لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:

”هو ان ۾ راحت محسوس ڪندو هو، ته پنهنجي بستري جي مٿن کان، ارسطوءَ جي فلسفي جا ويهه ڪتاب، ڪارن يا ڳاڙهن ڪپڙن جي پوتڙن ۾ ويڙهيل رکي ڇڏي.“[11]

سائنس ۾ خدمتون سنواريو

رينن چوي ٿو ته، ”سقراط، انسان ذات کي فلسفو ڏنو ۽ ارسطوءَ سائنس. سقراط کان اڳ، فلسفو موجود هو ۽ ارسطوءَ کان اڳ سائنس موجود هئي. سقراط ۽ ارسطوءَ کان پوءِ، فلسفي ۽ سائنس نهايت تيزيءَ سان قدم وڌايا آهن. پر فلسفي ۽ سائنس جي عمارت، سقراط ۽ ارسطوءَ جي رکيل بنياد تي ٺهي.“ ارسطوءَ کان اڳ سائنس اڃا ڪچي ٻار وانگر پيٽ ۾ هئي. ارسطوءَ ان ٻار کي مڪمل ڪري. هن دنيا جي آڏو پيش ڪيو.[12]

ارسطو جي پڇاڙي سنواريو

ارسطو جي ڀائٽي ڪئلسٿينيز (Calisthenes) سڪندراعظم کي ديوتا ڪري مڃڻ ۽ سندس پوڄا ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جنهن ڪري سڪندر ڏاڍو ڏمريو ۽ کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏنائين. ارسطوءَ اهڙي فتويٰ خلاف اعتراض اٿاريو. جنهن ڪري، ان کان پوءِ سڪندر سان سندس تعلقات خوشگوار نه رهيا[4]. سڪندر، انهيءَ اعتراض جي جواب ۾ اشارن ۾ چيو، ته هو قادر مطلق (Omminipotence) هئڻ جي حيثيت ۾ فلسفين کي به موت جي سزا ڏئي سگھي ٿو[4].پوئين دور ۾ جڏهن سڪندر حڪم ڏنو ته اٿينس جي وچ ۾ ارسطوءَ جو بت رکيو وڃي، تڏهن اٿينس جي رهواسين کي سخت غصو آيو. انهيءَ ڳالھ جو نتيجو اهو نڪتو، جو اڪيڊميءَ ۾ افلاطون جا جانشين، اسوڪريٽ (Isocrates) ۽ فصاحت جي اسڪول جا ڪارڪن ۽ ڊيماسٿينز (Demosthenes) جي تقريرن تي نچڻ وارا جوشيلا ميڙ، ساٽ سٽڻ لڳا ۽ گوڙ ڪرڻ لڳا، ته ارسطوءَ کي يا ملڪ نيڪالي ڏني وڃي يا موت جي سزا[4]. اوچتو سڪندر جو موت (323 ق.م) تي ٿيو. اٿينس ۾ خوشيءَ جي لهر ڇائنجي ويئي[4]. مقدونيا جي ڌر کي ٿڏيو ويو ۽ اٿينس جي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو ويو. سڪندر جو جانشين ۽ دوست، ائنٽي پيٽر (Antipater) فسادي شهر تي چڙهائي ڪري آيو. مقدونيا جي ڌر وارن مان گهڻا ڀڄي ويا[4]. يوريميڊان (Eurymedon) نالي اعليٰ پوڄاري، ارسطوءَ جي خلاف هي الزام لڳايو، ته هن اها سکيا ڏني هئي، ته پوڄا ۽ قرباني بي فائده هيون، ارسطوءَ ڏٺو ته مٿس مقدمو هلائيندڙ منصف ۽ ماڻهن جا انبوهه، انهن ماڻهن کان به وڌيڪ سخت دل هئا، جن سقراط جو خون ڪيو هو. تنهن ڪري نهايت عقلمنديءَ سان هن اٿينس جو شهر ڇڏي ڏنو، شهر ڇڏيندي هن چيو، ته هو اٿينس کي ٻيو دفعو فلسفي خلاف، گناهه ڪرڻ جو موقعو نه ڏيندو[4]. ائين ڪرڻ ۾ هن ڪا بزدلي ڪانه ڏيکاري هئي. ڇاڪاڻ ته اٿينس جي ڏوهارين کي، هميشه جلاوطني قبول ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو[4]. ڪالسز (Chalcis) ۾ پهچڻ شرط، ارسطو بيمار ٿي پيو. ڊائو جنزليئرش (Diogenes Leartius) اسان کي ٻڌائي ٿو، ته ٻڍڙي فلسفي زماني جي ناراضگيءَ تي مايوس ٿي، زهر جو پيالو پي، خودڪشي ڪئي. اهڙيءَ ريت اٿينس ڇڏڻ کانپوءِ، چند مهينن اندر سندس المناڪ موت (322 ق.م ) ٿيو.[13]

حوالا سنواريو

  1. Kantor, J. R. (1963). The Scientific Evolution of Psychology, Volume I. Principia Press. p. 116. ISBN 978-0-911188-25-7. 
  2. Aristotle (350 B.C.). On the soul. Translated by J. A. Smith
  3. 3.00 3.01 3.02 3.03 3.04 3.05 3.06 3.07 3.08 3.09 3.10 3.11 3.12 3.13 3.14 3.15 [ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=ارسطو ارسطو : (Sindhianaسنڌيانا)] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
  4. 4.00 4.01 4.02 4.03 4.04 4.05 4.06 4.07 4.08 4.09 4.10 4.11 4.12 4.13 4.14 4.15 4.16 4.17 4.18 4.19 4.20 4.21 4.22 4.23 4.24 4.25 4.26 4.27 4.28 [1] ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ
  5. Borchers, Timothy A.; Hundley, Heather (2018). Rhetorical theory : an introduction (Second ed.). Long Grove, Illinois. ISBN 978-1-4786-3580-2. OCLC 1031145493. 
  6. ارسطو : (Sindhianaسنڌيانا)
  7. [2] ڪتاب جو نالو؛ هڪ سؤ عظيم ڪتاب؛ مصنف: محمد احمد منصور عباسي؛ ايڊيشن:2012ع؛ ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  8. سياست، سماج ۽ آزادي (خالد چانڊيو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-28 
  9. ڪتاب: سياست، سماج ۽ آزادي
  10. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد){ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}
  11. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد){ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}
  12. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد){ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}
  13. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد){ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}