ادريس عليہ السلام

ادريس عليہ السلام
(عربي ۾: إدريس خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
عملي زندگي
پيشو نبي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

ادريس الله جو ٽيون نبي ھيو. جنھن اٰل قابيل سان جھنگ ڪئي ھئي.

احوال سنواريو

حضرت -ادريس عليه السلام-، -الله- تعاليٰ جو پيغمبر هو. پاڻ انيف (مصر) ۾ پيدا ٿيو. عرب جا ماڻهو کيس هرمس، ادريس ۽ مثلث بالمغمه جي نالن سان سڏيندا آهن. پاڻ 105 سال نبوت جا فرض ادا ڪيائون ۽ عام ماڻهن جي بهتريءَ لاءِ -الله- جو پيغام پهچائيندا رهيا، مٿن ٽيهه صحيفا نازل ٿيا. 65 سالن جي عمر ۾ بروفا نالي هڪ نيڪ خاتون سان شادي ڪيائون، جنهن مان کيس هڪ فرزند متوشلح پيدا ٿيو. قرآن پاڪ ۾ ٻه دفعا سندن ذڪر آيو آهي. پهرين سورة مريم ۾، -جتي- ٻين نبين سڳورن جو ذڪر ڪندي 56 -آيت- ۾ فرمايو ويو آهي ته: ”اي نبي، پاڪ ڪتاب ۾ -ادريس عليه السلام- جو ذڪر ڪر، هو راست بازي جو پيڪر ۽ نبي هو، اسان -ان- کي تمام وڏي مقام تي پهچائي ڇڏيو هو.“ ٻيو سورة الانبياء جي 85 -آيت- ۾ حضرت اسماعيل عليه -اسلام-، حضرت -ادريس عليه السلام- ۽ حضرت ذوالڪفل عليه السلام جو ذڪر آيو آهي ۽ چيو ويو آهي ته ”اهي سڀئي حق جي راهه تي صبر ڪرڻ وارا هئا، اسان انهن کي پنهنجي رحمت جي سايي ۾ کڻي ورتو. هو يقيناً نيڪ ماڻهن مان هئا.“ -انجيل- ۾ به حضرت -ادريس عليه السلام- جو ذڪر موجود آهي[1]

حوالا سنواريو