اخروٽ يا اکڙوٽ هڪ قسم جو وڻ جيڪو جابلو ايراضيءَ ۾ سمنڊ جي سطح کان گهٽ ۾ گهٽ چار پنج هزار فوٽن جي اُوچائيءَ تي ٿيندو آهي. هن جو ڦر سُڪل ميوي ۾ شمار ٿيندو آهي. -پاڪستان- ۾ مري، -پاراچنار-، سوات ۽ آزاد ڪشمير ۾ -جام- ٿيندو آهي. هن جو مغز کائبو آهي، ۽ مٺاين ۾ استعمال ٿيندو آهي. مارچ ۾ ٻُور ڪري ٿو. -جولاءِ- جي آخر ۾ ميوو پچندو اٿس. ڪن حڪيمن جو خيال آهي ته هن جو اندريون مغز، دل ۽ دماغ کي قوت ڏيندڙ، بدن کي -ٿلهو- ڪندڙ ۽ معدي جا ڪينئان ماريندڙ آهي. هن جو -تيل- سنڌن جي سور ۽ عضون جي سوڄ ٽارڻ لاءِ مفيد آهي. اکڙوٽ وڻ مان عمارتي ڪاٺ ملندو آهي، جنهن مان تمام سٺو ۽ مضبوط فرنيچر ٺهندو آهي. اکڙوٽ جو وڻ 65 فوٽ کن اوچو ٿيندو آهي. هن وڻ جي ڇوڏي کي سنڌ ۾ ”مساڳ“ چوندا آهن، جيڪو ڏند صاف ڪرڻ ۾ ڪم ايندو آهي. اکڙوٽ جو -تيل- جابلو ماڻهو رڌ پچاءُ ۾ به ڪم آڻيندا آهن. اکڙوٽ جا ٻه قسم آهن: ڪاغذي اکڙوٽ ۽ ڪاٺي اکڙوٽ.[1]

حوالا سنواريو