پنجاب جي نامياري ليکڪ ۽ شاعر احمد سليم جو پورو نالو محمد سليم خواجه آهي. سندس جنم گجرات ۾ 26 جنوري 1945ع تي ٿيو. فيض احمد فيض، شيخ اياز ۽ نجم حسين سيد سان سندس ويجهڙائي رهي. يحيٰ خان جي مارشل لا واري زماني ۾ هُن جيل به ڪاٽيو. پيشي جي لحاظ کان هن وقت صحافت سان لاڳاپيل آهي ۽ SDPI (اسلام آباد) ۾ خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. سندس تصنيفن ۾ ڪن تنبور (شعري مجموعو)، 2 نورمناريَ (شاعري)، 3 رات دي رات (فيض جي منتخب اردو نظمن جو پنجابي ترجمو) 4 نال ميري ڪوئِي چلي (ناولٽ)، 5 جوبيجل ني آکهيا (شيخ اياز جي منتخب سنڌي شاعري جو پنجابي ترجمو)، 6 ڪونجان موئيان (شعري مجموعه) 7 گهڙي دي ٽِڪ ٽِڪ (شاعري) 8 جب دوست نهين هوتا (شاعري) شامل آهن.[1]

حوالا سنواريو