احمد حسن داني (Ahmad Hasan Dani) پاڪستان جو مشهور آرڪيالاجسٽ، تاريخدان ۽ ٻولي جو ماهر هو. هن 20 جون 1920ع تي ڀارتي رياست شتيسڳڙهه جي باسنا جنم ورتو ۽ 26 جنوري 2009ع تي اسلام آباد ۾ دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو. اي ايڇ داني (A. H. Dani) بنارس هندو يونيورسٽي مان 1944ع ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ پاڻ 1945ع ۾ مشهور آرڪيالاجسٽ مارٽيمر ويلر جي سربراهي هيٺ آرڪيالاجي جي شعبي ۾ ٽريني جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو. هن سر مارٽيمر ويلر طرفان ٽيڪسيلا ۽ موهن جو دڙو جي کوٽائي واري ڪم ۾ ساڻس شرڪت ڪئي. جنهن کان پوءِ کيس برٽش انڊيا جي آرڪيالاجي کاتي طرفان آگرا ۽ تاج محل جي تاريخي ورثن جي سار سنڀال ۽ حفاظت لاءِ مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ پروفيسر داني يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي انسٽيٽيوٽ آف آرڪيالاجي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.

احمد حسن داني نه رڳو سنسڪرت جو پاڪستان ۾ وڏو عالم هو، بلڪي پشاور يونيورسٽيءَ ۾ آرڪيالاجي شعبي جو چيئرمين، ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جي قديم آثارن جو ماھر پڻ هو. پاڻ ٽيڪسلا انسٽيٽيوٽ آف ايشين سولائيزيشن جو ڊائريڪٽر رهيو. قائداعظم يونيورسٽيءَ جو پروفيسر امرٽس به رهيو. داني صاحب ڪيترين پاڪ-ڀارت ٻولين جو ڄاڻو هو.

ھي پھريون مسلمان عالم ھو، جنھن بنارس ھندو يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گريجوئيشن ڪئي. کيس مڃتا طور پاڪستان سرڪار طرفان ’ھلال امتياز‘ جو تمغو عطا ڪيو ويو. سندس کوڙ مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آھن، -جن ۾ مڪليءَ جي آثارن تي انگريزي ۾ “Islamic Architect of Thatta” نالي ڪتاب اهم آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو محترم عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي ۽ ان کي سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو آهي. پاڪستان ۾ سڪن جي علم تي مهارت هئس، سندس رهنمائيءَ ۾ نوجوان محقق عبدالله خان ورياهه سڪن بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ اڳتي هلي ڊاڪٽر غلام علي الانا وٽ ”سِڪن جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ“ جي عنوان تي پي ايڇ ڊي پئي ڪئي، پر افسوس جو آخري سيمينار کان اڳ عبدالله خان گذاري ويو، سندس ڪيل محنت ڇاپجي پڌري ٿيڻ جي انتظار ۾ آهي.

پروفيسر داني سنڌو سڀيتا تي تحقيق ۾ ڏاڍو اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ديرا اسماعيل خان ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ رحمان ڍيري جي کوٽائي ڪرائي. پاڻ گنڌارا تهذيب جي ماڳن تي ڪافي کوجنا ڪئي. پروفيسر داني پنهنجي تحقيق ذريعي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌو سڀيتا هن ماٿري جي پنهنجي اصلوڪي تهذيب هئي پروفيسر داني سنڌو سڀيتا بابت ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکيا.[1][2]