اجيت سنگھ يادو

هندستاني برڇي (نيزو، هلڪو ڀالو) اُڇلائيندڙ

اجيت سنگھ يادَوَ Ajeet Singh Yadav
ذاتی معلومات
قوميت  ڀارت
پيدائش سيپٽمبر 1993 (عمر 30 سال)اٽاوا، اتر پرديش، ڀارت
رهائش گواليار، مڌيا پرديش، ڀارت
قد 5 ft 11 in (1.80 m)
راند
راند ايٿليٽڪس
راند نيزو اڇلائڻ

اجيت سنگھ يادَو[1]، (پيدائش 05 سيپٽمبر 1993ع)، ھندوستاني پيرا ايٿليٽ آھي. جيڪو ايف ڇائيتاليھ ڪيٽيگري جي مردن جي نيزو اُڇلائڻ ۾ مُقابلو ڪري ٿو. ھي اولمپڪ پوڊيم اسڪيم جي ٽارگيٽ ھيٺ حڪومتِ ھندوستان جي اسپورٽس اٿارٽي ۾ شامل رھيو آھي. ھي ايل اين آءِ پي اِي گواليار مان جسماني اڀياس ۽ راند ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رھيو آھي. ھن ٻہ ڀيرا ورلڊ پيرا ايٿليٽڪس گرانڊ پِرڪس ۾ انڊيا جي نُمائندگي ڪندي 2019ع بيجنگ، چين ۾، ۽ 2021ع دبئي ۾ ايف ڇائيتاليھ ڪيٽيگري جي نيزو اڇلائڻ ۾ سونو ٻلو (Gold medal) کٽيو.[2][3]

شروعاتي زندگي سنواريو

اجيت سنگھ 1993ع ۾ ايتاواھ (انگريزي: Etawah) اُتر پرديش ۾ پيدا ٿيو. ھي گواليار، مڌيا پرديش ۾ پڙھي رھيو آھي. 2017ع ۾ دوست کي بچائيندي ساڻس خطرناڪ ريل هاڃو ٿي پيو، جنھن ۾ ھن ٺونٺ کان ھيٺ پنھنجي کاٻي ٻانھن وڃائي ڇڏي[4][5]. حادثي جي چار مھينن کانپوءِ جڏهن اڃا سندس ٻانھن جي بحالي ھلي رھي ھُئي، ھن پنچڪولا، ھريانہ ۾ ٿيندڙ پيرا ايٿليٽڪ سينيئر نيشنل 2018ع ۾ حصو ورتو.

پيشو سنواريو

پيرا جيولين (نيزي بازي) راند ۾ حصو وٺندي 2019ع ۾ ھن پنھنجي پھرين راند سان شروعات ڪئي. بيجنگ، چين ۾ ٿيل ستين ورلڊ پيرا ايٿليٽڪس گرانڊ پِرڪس ۾ حصو ورتائين ۽ نيزي بازي ۾ سونو تمغو کٽيائين[6]. 2019ع ۾ دبئي ۾ ٿيل ورلڊ پيرا ايٿليٽڪس چيمپئينشپ ۾ ھندوستان جي نُمائندگي ڪندي پِتل جو تمغو کٽيائين[7][8]۽ نتيجي طو 2020ع واري سمر پيرالمپڪس لاءِ اھل بڻجي ويو. ھن 2021ع ۾ دبئي ۾ ٿيل ورلڊ پيرا ايٿليٽڪس گرانڊ پِرڪس ۾ پڻ سونو تمغو کٽيو.[9]

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "Ajeet Singh - Athletics | Paralympic Athlete Profile". International Paralympic Committee. حاصل ڪيل 2021-11-22. 
  2. "एक हादसे में गंवाया हाथ, फिर भी पैरा एथलेटिक्स में देश को दिलाया गोल्ड". ETV Bharat News. حاصل ڪيل 2021-11-22. 
  3. "Invincible spirit - lost hand but not courage, Etawah’s Ajeet sights gold at Tokyo Paralympics". Hindustan Times. حاصل ڪيل 2021-11-22. 
  4. "दोस्त के लिए गंवाया हाथ, चोट के बाद भी नेशनल गेम्स में कमाया नाम, राष्ट्रीय स्तर पर पाया चौथा स्थान". Patrika News (ٻولي ۾ Hindi). حاصل ڪيل 2021-11-22. 
  5. "4 years after losing arm, para-athlete hopes to win another medal at Paralympics". Hindustan Times. حاصل ڪيل 2021-11-22. 
  6. "Dubai 2019 Results". https://www.paralympic.org/dubai-2019/schedule/info-live-results/atdu19/eng/at/engat_athletics-results-men-s-javelin-throw-f46-1-01.htm. 
  7. "India record best-ever medals tally in Dubai para event". www.gulftoday.ae. حاصل ڪيل 2021-11-22. 
  8. DelhiNovember 18, Press Trust of India New; November 18, 2019UPDATED:; Ist, 2019 20:59. "Kiren Rijiju felicitates World Para Athletics Championships medal winners with cash awards". India Today. حاصل ڪيل 2021-11-22. 
  9. "Invincible spirit - lost hand but not courage, Etawah’s Ajeet sights gold at Tokyo Paralympics". Hindustan Times. حاصل ڪيل 2021-11-22.