اثباتيت (Positivisim) اهڙي تحريڪ، جنھن جو مقصد مابعد الطبعيات (Metaphysics) ختم ڪرڻ آهي. هيءَ فلسفيانہ تحريڪ قديم فلسفياڻہ ۽ مذهبي مسئلن ۽ قدرن کي فضول ۽ بي معنيٰ قرار ڏئي ٿي. ان جو اصل بانيڪار اگسٽڪو مٽي (1798 – 1857ع) آهي. هن مڪتب فڪر وارن جو خيال آهي تہ: ”Truth is objective, knowable, separate from human thought“ (سچ خارجي شيءِ آهي، جنهن کي ڄاڻي سگهجي ٿو ۽ اهو انسان جي سوچ کان ڌار حيثيت رکندڙ آهي.) يعني سچو علم ٻاهرين شين جي مشاهدن ۽ تجربن مان ڄاڻي سگهجي ٿو، ان ۾ انسان جي سوچ، فڪر يا وجدان کي ڪوبہ دخل نہ آهي.[1]

اثباتيت پڄاڻان سنواريو

’اثباتيت پڄاڻان‘ (Post-Positivism) وارو نظريو سائنسي ۽ مقداري تحقيق کي رد ڪري ٿو. ڊونالڊ ڪيبمل جو چوڻ آهي تہ: ”All research has a qualitative granting“ هن علم جي تحقيق وارن جو چوڻ آهي تہ هر تحقيق ۽ اڀياس ۾ داخليت موجود آهي جنھن کي قبول ڪيو وڃي، ڇو تہ ’خالص خارجيت‘ نالي ڪابہ شيءِ نہ ٿيندي آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.