اتاشي (attaché)، ايلچي يا نائب سفارتڪار کي چئبو آهي. پراڻي زماني ۾ ملڪن جا بادشاھ پنھنجن هم منصبن ڏانھن، جيڪي سفارتي نمائندا موڪليندا هئا، تن کي ”اتاشي“ يا ”ايلچي“ سڏيو ويندو هو، پر جديد دور جي سفارتڪاريءَ ۾ ڪنھن بہ سفارتخاني ۾ عام طرح جونيئر آفيسر يا عملدار کي ساڳي نالي سان سڏيو ويندو آهي، جيڪڏهن ڪو آفيسر گهڻو سينيئر هوندو آهي تہ ان جي عھدي کي مخصوص شعبي ۾ حاصل غير فوجي مھارت جي حوالي سان ڳنڍي ”ليبر“، ”ڪمرشل“ ۽ ”ڪلچرل“ اتاشي سڏيو ويندو آهي. ٻئي طرف جيڪڏهن ڪو عملدار ڪنھن بہ فوجي تجربي ۾ مھارت جي ڪري سفارتخاني ۾ مقرر ڪيو ويندو آهي تہ سندس عھدي پٺيان ”سامونڊي“، ”هوائي“ ۽ ”بري“ اتاشي جو لقب ڪتب ايندو آهي. ان جي ابتڙ آمريڪي سفارتخاني ۾ مقرر ٽن سفارتڪارن مان سينيئر کي خود بخود ”دفاعي اتاشي“ سڏيو ويندو آهي، جيڪو مھمان ملڪ ۾ سڀني فوجي معاملن جو نگھبان هوندو آهي. اهي عملدار عام طور تي مقامي فوجي اختيارين سان رابطي ۾ رهندي دفاعي نوعيت جي معلومات حاصل ڪندا آهن ۽ علائقي ۾ تڪراري صورتحال بابت مناسب پاليسي اختيار ڪرڻ لاءِ پنھنجي ۽ ٻين حڪومت سان رابطي ۾ رهندا آهن.[1]

حوالا سنواريو