ابو طالب
(عربي ۾: أبو طالب بن عبد المطلب خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم سال 539   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
مڪو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت سال 619 (79–80 سال)[1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
مڪو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
ٻار علي [3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو child (P40) وڪي ڊيٽا تي
پيءُ عبدالمطلب   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو father (P22) وڪي ڊيٽا تي
ڀاءُ ڀيڻ
عملي زندگي
پيشو واپاري ،شاعر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي عربي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

عام الفيل (هاٿين واري سال) کان پنجٽيهه(35) سال پهريان ابو طالب محسن اسلام رئيس البطحاء مڪي جي سرزمين ۾ اک کولي. تاريخ لکڻ وارن سندن اصلي نالي بابت اختلاف ڪيو آهي ڪجهه جو چوڻ آهي ته سندن اسم گرامي پنهنجي وڏي ڏاڏي جي نالي مطابق عبدالمناف هو، ڪجهه سندن نالو عمران ۽ ڪجهه وري شيبه بيان ڪيو آهي ليڪن وڌيڪ مشهور عمران آهي.

ڪنيت سنواريو

سندن ڪنيت ابو طالب آهي جيڪا سندن وڏي پٽ طالب جي نالي سان منسوب آهي ۽ انهي ڪنيت سان پوري انسانيت کين ياد ڪندي آهي

القاب سنواريو

حضرت ابوطالب جي لقبن مان شيخ البطحا، سيد البطحا ۽ رئيس البطحا سڀ کان وڌيڪ مشهور آهن.

پرورش سنواريو

حضرت ابو طالب عليه السلام جي 43 سال عمر مبارڪ پنهنجي والد بزرگوار جناب عبد المطلب جهڙي عظيم هستيءَ جي سائي هيٺ گذري ۽ پاڻ انهن جي نگراني هيٺ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندا رهيا.

زندگي سنواريو

حضرت ابو طالب عليه السلام پنهنجي دور ۾ هڪ بلند پايه اديب، بهترين انداز ۾ گفتگو ڪندڙ، عظيم فڪر ۽ سوچ رکندڙ وڏا دانشور ۽ بهترين قائد سمجهيا ويندا هئا. اعتدال پسند، انصاف پسند، حلم ۽ بردباري جي زيور سان آراسته هئا. علامه ديار بڪري لکن ٿا ته جناب هاشم کان بعد حاجين جي کاڌي پيتي جو شرف جناب عبدالمطلب کي حاصل ٿيو ۽ عبدالمطلب جي وفات کان پوءِ ظهور اسلام تائين هن عظيم خدمت کي حضرت ابوطالب انجام ڏيندا رهيا[4]

حضرت ابوطالب جي اولاد سنواريو

ابن قتيبه جو چوڻ آهي ته حضرت ابوطالب جا چار فرزند هئا طالب، عقيل ،جعفر، حضرت علي عليه السلام[5]

۽ ديار بڪري جو چوڻ آهي ته انهن پٽن کان علاوه حضرت ابوطالب م جون ٽي ڌيئر به هيون ربطه، جمانه، فاخته (امِّ هاني)[6]

حضرت محمد صه جي پرورش سنواريو

حضرت محمد مصطفي صه ننڍ پڻ جي عمر مبارڪ حضرت ابوطالب جي زيرِ نگراني بسر ڪئي ۽ پيغمبرِ اسلام صلي الله عليه و آله وسلم جي عمر مبارڪ جو گهڻو حصو حضرت ابو طالب جي زير سايه ئي گذريو آهي، پالڻهار جيڪي احسانات اسان جي پاڪ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم تي ڪيا آهن اُنهن احسانن منجهان خاص ڪري هن احسان (پرورش حضرت ابو طالب ) جو تذڪرو ڪندي فرمائي ٿو {اَلَمۡ يَجِدۡکَ يتيماً فَاٰوٰي} ڇا اُن (ابو طالب عليه السلام) توکي يتيم سمجهي ڪري پناهه نه ڏني؟( سوره ضحيٰ، آيت 6) قرآنجي شیعہ سني مفسرن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته مٿئين آيت ۾ پناهه مان مراد حضرت ابوطالب عليه السلام جو پاڪ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم سان لطف ۽ شفقت ڀريو ورتاءُ آهي.

حضرت ابوطالب جو ايمان سنواريو

شیعہ مذهب جي عالمن جو عقيدو آهي ته حضرت ابوطالب پيدائش کان وٺي آخر زندگي تائين حضرت ابراهيم عليه السلام جي مذهب تي قائم رهيو ء ڪڏهن بت پرستي نه ڪيائي. ان جي برعڪس سني مذهب جي عالمن امام بخاري پنهجي ڪتاب صحيح بخاري ۾ حضرت ابو طالب کي ڪافر لکيو آهيامام مسلم سندس صحيح مسلم ۾ لکي ٿو ته حضرت ابوطالب جهنم جي سڀ کان گهٽ درجي ۾ رهندو[7]..

حوالا سنواريو

  1. GND ID: https://d-nb.info/gnd/123907519 — اخذ شدہ بتاریخ: 15 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  2. Gran Enciclopèdia Catalana ID (former scheme): https://www.enciclopedia.cat/ec-gec-0000398.xml — subject named as: Abū Ṭālib — عنوان : Gran Enciclopèdia Catalana — ناشر: Grup Enciclopèdia
  3. عنوان : Али ибн Абу Талиб — شائع شدہ از: Islamskiy enciklopedicheskiy slovar
  4. (تاريخ خميس، ج 1، ص 157)
  5. http://books.rafed.net/view.php?type=c_fbook&b_id=128
  6. 14 Sitaray Book In Urdu by YaImamAli - Islamic Books
  7. فصل: 92 - باب شَفَاعَةِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم لأَبِي طَالِبٍ وَالتَّخْفِيفِ عَنْهُ بِسَبَبِهِ|نداء الإيمان