ابن باجہ اندلس جو مشهور فلسفي ۽ دانشور هو، جنهن فلسفي، طب، ڪيميا ۽ علم هيئت تي ڪيترا ڪتاب لکيا، هن جو اصل نالو ابوبڪر محمد ابن يحييٰ سرقسطي هو.

Avempace
ابن باجه
پيدائش ت. 1085
زراگوزا، زراگوزا جو طائفا، اندلس، ھاڻي ارگان، زراگوزا (صوبو)، اسپين
وفات Missing required parameter 1=month! , 1138 (عمر اظھاري چُڪَ: < لاءِ معامل انگ کٽل. سال)
فيس، امراود سلطنت
قوميت اندلسي
'سائنسي پيشو'
شعبو فلڪياتدان، فلسفي، طبيب، طبيعاتدان، شاعر، سائنسدان
متاثر ٿيو ابن طفيل، البيترجي، Averroes، Maimonides

تعليم مان فارغ التحصيل ٿيڻ بعد ڪجهه وقت اندلس جي حاڪم يوسف تاشقين جو وزير ٿي رهيو، هي تصوف جو سخت مخالف هو، پر فلسفي ۾ هن کي مغرب جو ابن سينا سڏيو وڃي ٿو. مشهور فلسفي ابن رشد تي بہ چون ٿا تہ هن جو اثر هو. هن جي ڪتابن جا اصل متن ڪٿي بہ نہ ٿا ملن، البت سندن ڪتابن جا عبراني ۽ لاطيني زبانن ۾ ترجما يورپ جي ڪيترن لائبررين ۾ موجود آهن. 533ھ/1138ع ۾ وفات ڪيائين. اصل سرقسط (اسپين) جو هو. جوانيءَ ۾ ئي ڪنهن زهر ڏنس ۽ وفات ڪيائين. فلسفي، طب، هيئت، طبعي علوم ۽ ڪيميا ۾ سندس مرتبو نهايت بلند هو. سندس لکڻين جو سنڌ ۾ ڪيترن بزرگن تي اثر آهي.[1]

حوالا سنواريو