اُبَتَ ڪَنڊِڙي:(انگريزي: Prickly chaff flower ) هي ٻوٽو ڏهرن جي سخت زمين ۾ ٿيندو آهي اٽڪل ٻه فوٽ کن ڊگهو ٿئي. رنگ جو گهاٽو سائو ڏسبو آهي. ان جون ٽاريون ڏانڊيءَ مان نڪرنديون آهن. هر هڪ ٽاريءَ جي ڇيڙي ۾ ٽي انچ کن سنگ ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڀُرٽ وانگر ٻج بند ٿيل هوندو آهي. هرهڪ ٻج جي مٿان سنها ڪنڊا ٿيندا آهن، جي سنگ تي اُبتا لڳل هوندا آهن جنهنڪري اهو نالو پيو اٿس. هن کي رڍون، ٻڪريون ۽ اُٺ کائيندا آهن[1] هيءُ ٻوٽو گهڻو ڪري سنڌ ۾ هرهنڌ ٿئي ٿو. هن -ٻوٽي- جي ٽارين ۾ قدرتي طرح اُبتا ڪنڊا ٿيندا آهن، انهيءَ نسبت سان -ٻوٽي- جو نالو به ’ابت ڪنڊڙي‘ پئجي ويو. فارسيءَ ۾ هن کي ”خارناز“ چوندا آهن. هن جو نباتاتي نالو ايڪرونز ايسپيرا (Achyranthus aspera) آهي. گهڻو ڪري هيءُ ٻوٽو پاڻيءَ ۽ پوسل وارين جاين جي ڪنارن تي ٿيندو آهي. باغن ۾ گهڻو ٿئي ٿو. هيءُ ٻوٽو اندازاً ٻه فوٽ کن اوچو ٿيندو آهي. هرهڪ ٽاريءَ جي ڇيڙي ۾ ٽي -انچ- کن سنگ ٿيندو اٿس، جنهن ۾ -ڀُرٽ- وانگر -ٻج- ٿيندا آهن، جيڪي سنگ تي اُبتا لڳل هوندا آهن. هن -ٻوٽي- کي ٻڪريون ۽ اُٺ چاهه سان کائيندا آهن. حڪيم -ان- لاءِ چون ٿا ته هن -ٻوٽي- کي گهوٽي -پاڻي- ڪري پيارجي ته طبي لحاظ کان رت جي صفائي، خارش ۽ ڦٽن ڦُرڙين ۽ ٻين خرابين لاءِ مفيد آهي.

ابت ڪنڊڙي
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Amaranthoideae
نسل: ايڪرونز
جنس: Template:Taxonomy/ايڪرونز{. ايسپيرا (انگريزي: Achyranthes aspera )
حياتياتي نالو
ايڪرونز ايسپيرا (انگريزي: Achyranthes aspera )
ڪارل لينيوئس

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو