آ پريوري يا آ پريوراء (انگريزي: A-priori) ھڪ لاطيني فقرو آھي جنھن جو ابتڙ a posteriori آھي جيڪي ٻئي فلسفي جا اصطلاح آھن جيڪي 1781ع ۾ امونيل ڪانٽ جي ڪتاب ڪرٽڪ آف پيوئر ريزن (انگريزي: Critique of Pure Reason) ۾ استعمال ٿيڻ کان پوء مشھور ٿيا[1]. اڳواٽ ساريل نتيجو/اڳ موجود حقيقت :لاطيني ٻوليءَ جي هن اصطلاح ذريعي اڳواٽ طئي ڪيل تاثر مطابق پاليسي جوڙيندڙ فرد/ادارو ڪن امڪاني نتيجن کي ذهن ۾ رکندي، پنهنجي حڪمت عملي جوڙي ٿو. يعني ڪنهن به طئي ٿيل فيصلي کي عمل ۾ آڻڻ سان جيڪي نتيجا نڪرندا، تن بابت کيس حاصل سگهاري ادراڪ سبب اڳواٽ آگاهي هوندي آهي. مثال طور جڏهن هڪ ڪمزور رياست ڪنهن سگهاري رياست جي سرحدن تي هروڀرو جي کؤنس جاري رکندي ، ته ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي کيس سگهاري رياست طرفان ڪن-مهٽ ضرور ٿيندي. هي مثال 1980ع جي ڏهاڪي ۾ چين ۽ ويٽنام جي وچ ۾ ٿيل جنگ لاءِ بلڪل مناسب معلوم ٿئي ٿو.[2]

حوالا سنواريو

  1. Bird, Graham (1995). Honderich, Ted. ed. The Oxford Companion to Philosophy. Oxford: Oxford University Press. p. 439. ISBN 0-19-866132-0. https://archive.org/details/oxfordcompaniont00hond/page/439. 
  2. .ڪتاب: بين الاقوامي تعلقات جي لغت ؛ مرتب: انعام شيخ؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي