نامياري براڊ ڪاسٽر آغا ناصر، 1955ع ڌاري، ريڊيو پاڪستان تان پروگرام پروڊيوسر جي حيثيت ۾ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. پنهنجي تقرريءَ کان اڳ هن ريڊيي لاءِ، ڪيترائي ڊراما لکيا هئا، ريڊيو پروگرامن ۾ حصو پڻ ورتو هئائين، پر پروڊيوسر جي حيثيت سان گهڻو مشهور ٿيو. 8 سال ريڊيو پاڪستان تي خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ 1964ع ۾ کيس ٽي. وي ٽريننگ لاءِ لنڊن موڪليو ويو ۽ واپسيءَ ۾ کيس اطلاعات ۽ سُڌ سماءَ واري وزارت جي ٽي. وي پلاننگ سيل ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. نومبر 1964ع ۾ پهرين ٽي. وي اسٽيشن جي افتتاح جي موقعي تي سندس بدلي لاهور ڪئي وئي. ٽي. ويءَ تي هن، هڪ سؤ کان وڌيڪ ڊراما ۽ شو پروڊيوس ڪيا آهن. 1967ع ۾ آغا صاحب، ريڊيو تان استعيفيٰ ڏئي مستقل طور پروگرام مئنيجر طور تي مقرر ٿيو. 1971ع ۾ کيس پي ٽي ويءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز لاءِ نامزد ڪيو ويو ۽ هو ڊائريڪٽر آف پروگرام ايڊمنسٽريشن بڻجي ويو. 8 سالن تائين انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. بعد ۾ 1988ع تائين پي ٽي ويءَ جي مختلف اهم انتظامي عهدن تي رهيو. سندس ادبي ڪم به وڏي اهميت جوڳو آهي. سندس ٻه ڪتاب ’آغا ناصر ڪي سات ڊرامي‘ ۽ ’ٽيليويزن ڪي ڊرامي‘ ڇپيل آهن.[1]