آغا خان

نزاري اسماعيلي شيعن جو امام


اسماعيلي فرقي جي امامن جو اعزازي لقب آھي، جيڪو سڀ کان پھرين اوڻيھين صديءَ ۾ آغا شاھ حسن عليءَ کي ايران جي شھنشاھ، فتح علي شاھ قاچار کان مليو، جنھن جو ھيءُ ناٺي ھو. ھن امامت واري سلسلي ۾ ھيستائين چار آغا خان ٿي چڪا آھن. آغا خاني اسماعيلي فرقي جو سنڌ سان وڏو واسطو رهيو آهي ۽ سندس معتقدن ۽ پوئلڳن جو وڏو تعداد سنڌ ۾ رهي ٿو.[1] نظاري اسماعيلي شيعن جو اوڻويھين صدي جي شروعات کان وٺي مروج ھڪ لقب آهي. لفظ آغا معنيَ آقا ۽ خان معنيَ وڏو آھي. اھو ھڪ مورثي لقب آهي[2]. ھڪ ئي وقت رڳو ھڪ آغا خان ٿي سگھي ٿو[2]. موجوده آغا خان 1936 ۾ پيدا ٿيندڙ پرنس ڪريم الحسيني آھي جيڪو آغا خان چوٿون آھي. ان جا پيشرو حسن علي شاھ (آغا خان پھريون)، علي شاھ (آغا خان ٻيون) ۽ سر سلطان محمد شاھ (آغا خان ٽيون) ھئا[2]. آغا خان پھريون 1846 ۾ ايران کان سنڌ ۽ پوء بمبئي منتقل ٿيو جتي 1866 ۾ سندس ان حيثيت کي سرڪاري طور تي تسليم ڪيو ويو. آغا خان ٽيون ان منصب تي 72 سال رھيو.ھن اسماعيلي برادري جي علحده حيثيت کي ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا ۾ تسليم ڪرايو. آغا خان ٽيون انڊيا جي آزادي جي تحريڪ ۽ عالمي امن جو حامي ھيو. 1937 ۾ ھي ليگ آف نيشنز جو صدر پڻ رھيو[2]. ھن پنھنجو جائنشين پٽن جي بدران پنھنجي نوجوان پوٽي پرنس ڪريم الحسيني کي ڪيو جنھن ھارورڊ يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي ھئي ۽ 20 سالن جي عمر ۾ اسماعيلي نظاري برادري جي امام جي منصب تي فائز ٿي آغا خان ٿيو[2].

نظاري اسماعيلي شيعن جو امام جو/جي آغا خان
عربي ٻولي: آغا خان
فارسي: آقاخان
موجوده سربراھ

موجوده آغا خان چوٿين 2014 ۾ جي تصوير
شاھ ڪريم الحسيني
since 11 جولائي 1957
تفصيل
خطاب ھز ھائنيس
پھريون شاھي سربراھ حسن علي شاھ
قيام 1817

حوالا سنواريو

  1. آغا خان : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages #71 ,