آرڪِڊ ، هن انگريزي نالي هيٺ ڪيترائي ٻوٽآ جدا جدا قد، رنگ ۽ شڪل جا اچي وڃن ٿا. هنن جو هڪڙو نه ٻيو قسم دنيا جي سڀ ڪنهن ڀاڱي ۾ ٿئي ٿو. هي سهڻن ۽ خوشبودار گلن هئڻ ڪري پسند ايندا آهن. هنن تي خلاصا ڪتاب لکيل آهن. آرڪڊ اصل گرم آبهوا ۾ ٿيندا آهن. عمدا عمدا قسم نيپال، ڀوٽان، آسام، برما ۽ سيلون مان اچن ٿا. گهڻن هنڌن ۾ جهنگلي ٿين ٿا. ڏکڻ آمريڪا مان به هن جا چڱا قسم ايندا آهن.

آرڪڊ جي تصوير

آرڪڊ
آرڪڊ جي رنگن جي پليٽ
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): آرڪڊيسيا
Type genus
آرڪس
ٽورن اڳوڻو ايل.
ذيلي خاندان
آرڪڊ گلن جا علائقا سائي رنگ سان ڏيکاريل

فرن جي ذات وانگي آرڪڊ به اصل ٽَڪرن جي سوراخن ۾ وِٿين ۾، توڙي وڏن وڻن جي ٿڙن ۽ ٽارين تي ٿيندا آهن. اڪثر جتي ڇانو ۽ پوسل هوندي آهي، اتي ٿيندا آهن. ڪي قسم ته اُس ۾ چڱا ٿيندا آهن. بيٺل يا سينواريل پاڻيءَ مان سو هنن کي نقصان پهچندو آهي. آرڪڊ ٻن وڏن قسمن يا ڀاڱن ۾ وراهيا اٿن. هڪڙي کي زميني ۽ ٻئي کي آسماني چون ٿا. زميني آرڪڊ اهي آهن، جي اڪثر زمين تي ٿين ٿا ۽ انهن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ گِهڙيل ٿين ٿيون، جتان هنن کي قُوت ۽ ٻي پرورش ملي ٿي. آسماني آرڪڊ اهي آهن، جي وڻن جي ٿڙن ۽ ٽارين تي ٿا ٿين ۽ انهن جون پاڙون هوا ۾ نڪري بيهن ٿيون، جتان هن کي قوت ۽ ٻي پرورش ملي ٿي. تنهنڪري ضروري آهي ته آرڪڊ جي ذات سڃاڻي پوءِ ان موجب ان جي پرداخت ڪجي. اها سڃاڻپ آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿي. زميني قسم جون پاڙون ٿورو گهڻو تندن ۽ تارن واريون ٿيون ٿين ۽ آسماني قسم جون پاڙون ڊگهيون، ٿلهيون ۽ ڳر يا ماس واريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.[2]

پوکي سنواريو

آرڪڊ پوکڻ لاءِ چڱو رستو اهو آهي ته پهريائين هنن جي وطني جاءِ ۽ حالت وارو اسباب موجود ڪجي. پوسل، موافق گرمي، ڇانوَ، کليل هوا ۽ صفائي- اهي سڀ هنن جي لاءِ ضروري آهن. ڇانوَ ۽ اُس گڏيل هئڻ کپي، جيئن وڻ ۾ ٿيندو آهي. انهيءَ لاءِ لانڍي يا منهه جيڪو باغن ۾ اهڙي ڪم لاءِ ٺاهيندا آهن ۽ جنهن جو اسان هن ڪتاب جي شروع ۾ ذڪر ڪيو آهي، سو تمام چڱو آهي. زميني آرڪڊ پاٽين، ڪونڊين ۽ لڙڪندڙ کوکن يا ٽوڪرين ۾ پوکڻ گهرجن.

انهن ۾ هيٺئين نسخي موجب مٽي وجهڻ گهرجي: اڱرن جا ڀور، جيڪي چڻي کان اکروٽ جي داڻي جيڏا، ۽ پڪي سر يا پراڻي گچ جا ڀور، مٿين اڱرن جيڏا؛ پراڻي سڙيل پنن جي ڀاڻ سان ملائي ڪونڊيون ڀرڻ گهرجن. تر ۾ وڏا وڏا ڀور سوراخ جي مٿان وجهجن ۽ انهن جي مٿان سينور يا ڪاٻار جو هڪڙو تهه ڏئي ڇڏجي ته پاڻيءَ جو نيڪال هجي. انهيءَ ۾ آرڪڊ پوکجي. آسماني آرڪڊ ڪنهن بُنڊ يا تختي سان ضرور لڳائڻ گهرجي. ڪنهن ٽامي جي تار سان وراڪا ڏئي، ٻڌي، لڳائي ڇڏجيس. اها نظر رکجي ته آرڪڊ جون پاڙون انهيءَ بنڊ يا تختي تي سَنيون پکڙي لڳي بيهن. پوءِ پاڻهئي پاڻ جهلي چڙهندو ويندو، جيسين ڪ سوڪڙ نه اينديس ۽ هوا گهميل رهندي. ڪونڊين جي پاسن مان به سوراخ ڪري ڇڏجن پر متان جيت ۽ ڪينئان اندر لنگهي وڃي نقصان رسائين، تنهنڪري وڻ واري ڪونڊي، ٻيءَ پاڻيءَ سان ڀريل وڏيءَ ڪونڊيءَ ۾ رکي ڇڏجي ته جيتن ۽ ڪينئن کان بچاءُ ٿئي ۽ پوسل به پوري رهي. ڪونڊيون ڪوشش ڪري مٿس ڏاڪن تي يا ٻين شين تي رکجن؛ زمين تي بلڪل نه رکجن؛ خاص ڪري برسات جي موسم ۾.

نومبر کان وٺي فيبروريءَ تائين آرڪڊ وڻ وڌڻ بند ڪن ٿا ۽ آرام وٺن ٿا. انهيءَ وچ ۾ گهڻو پاڻي نه گهرجين. فيبروريءَ جي آخر ۾ ڪونڊيون مٽائڻيون هجن ته مٽائي وٺجن، جو مارچ جي شروع ۾ هو گل جهلين ٿا. پوءِ ججهو پاڻي ڏجين؛ پچڪاريءَ سان ذري ذري پسائجين. جي انهيءَ فهمائش موجب ڪم ڪرڻ ۾ ايندو، ته مارچ ۽ اپريل جي مهينن ۾، آرڪڊ اهڙا مزي جهڙا ۽ ڏيک وارا رنگ ڏيکاريندا، جو انهن جي ڏٺي حيرت اچي ويندي.

آرڪڊن جي وڌائڻ جو رستو اهو آهي ته سندن پاڙون يا ڳنڍيون ڇني ڌار ڌار ڪري هڻجن. انهيءَ لاءِ چڱو وقت فيبروريءَ ۾ آهي، جڏهن هو آرام ۾ رهن ٿا. تکي چاڪونءَ سان پاڙن جي ڳنڍ ڳنڍ تندن سميت وڍي، ڪونڊين ۾ هڻجي ۽ جيسين وڌڻ نه لڳن تيسين پاڻي نه ڏجين. ڪٿي ڪٿي ته آرڪڊن لاءِ جدا جاءِ يا لانڍي ٺاهيندا آهن، جهڙيءَ طرح باغ جي لاءِ منهه جوڙيندا آهن،[2]

قسم سنواريو

آرڪڊن جا بيشمار قسم آهن، جي جدا جدا ملڪن مان اچن ٿا ۽ جدا جدا رنگن جا گل ڪن ٿا. انهن جو بيان ڏيڻ اجايو ٿو ڏسجي، جو انهن جا نالا ۽ ذاتيون سمجهائڻ مشڪل ڪم آهي. نموني لاءِ اسين ڪي ٿورا نالا هيٺ ڏيون ٿا:

پهريون، جائنيز ايئر پلانٽ (يعني چين جو هوائي اوڀڙ): هن جي گل جا پن ڪوريئڙي جي تاڃيءَ جهڙا ٿا ٿين. ٻيو، انڊين بٽر فلاءِ پلانٽ (يعني هند جو پوپٽ وڻ): هن کي آرڪڊن جي راڻي به سڏيندا آهن. هي کير جهڙا اڇا ۽ وڏا گل ڪندو آهي، هن جا چپ واڱڻائي ٿيندا آهن ۽ شڪل ۾ اهڙا ٿيندا آهن جهڙا پوپٽ، جي کنڀ کولي بيهندا آهن. ٽيون، وينسز سلپر (يعني زهره جي جُتِي): هي اڇا گل واڱڻائي پٽن سان جهليندو آهي. ڪي وري ساوا دٻڪن سان ۽ ڪي گلابي رنگ جا گل ڪندا آهن.

گهڻا ڏيهي ٻوٽا به آرڪڊن جي جماعت ۾ داخل آهن. انهن مان سڃاپڻ جهڙا هي آهن: پهريون، نانگلي، جنهن کي دکن پيچو چون ٿا. اڪثر مهابليشور جي وڻن تي ڏسبا آهن. اڇا گل اٿس. هن جا هڪ سئو اٺونجاهه قسم شمار ڪيا اٿن. انگريزي ڪتابي نالو اٿس ڊينڊ روبيم. ٻيو، عنبرقند، جو وڏا ساوا ۽ واڱڻائي گل ڪندو آهي ۽ گهاٽن ۾ ٿيندو آهي. انگريزي ڪتابي نالو اٿس يولوفيا. ٽيون، اچو اچ ۽ پان سنگ، هي دکني نالا آهن. انگريزي ڪتابي نالو اٿن ايرائيڊيز، ڦڪي گلابي رنگ جا گل، واڱڻائي چٽن سان ڪندا آهن. چوٿون، بي پاڙي ول، جا ساون ڌاڳن وانگي ٻيرين ۽ ٻين وڻن تي پکڙي بيهندي آهي، سا به هن جماعت ۾ اچي سگهي ٿي. ڪن آرڪڊن مان کاڌي جون شيون ٺهنديون آهن، جهڙوڪ يولوفيا، يعني عنبرقند جي پاڙن وارين نلين مان هڪڙي قوت وار پيڄيءَ جهڙي شيءِ جوڙيندا آهن، جا علب مصريءَ جي نالي سان مشهور آهي ۽ جنهن کي انگريزيءَ ۾ سالوپ چون ٿا.[2]

حوالا سنواريو

  1. Angiosperm Phylogeny Group (2009). "An update of the Angiosperm Phylogeny Group classification for the orders and families of flowering plants: APG III" (PDF). Botanical Journal of the Linnean Society 161 (2): 105–121. doi:10.1111/j.1095-8339.2009.00996.x. http://www3.interscience.wiley.com/journal/122630309/abstract. Retrieved 26 June 2013. 
  2. 2.0 2.1 2.2 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو