آئيوري ڪوسٽ(انگريزي: Ivory Coast ) جنھن کي ڪوٽ ڊي وور:(Côte d'Ivoire) جي نالي سان به سڃاتو ويندو آهي ان جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف ڪوٽ ڊي وور (Republic of Côte d'Ivoire) آهي[6] اھو ھڪ خودمختيار ملڪ آهي ۽ اولھ آفريڪا ۾ واقع آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ يامسوڪرو آھي پر معاشي گادي جو هنڌ عابدجان اٿس جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر پڻ آهي. ھن ملڪ جون سرحدون اولھ ۾ گينيا ۽لائبيريا سان، اتر ۾ برڪينافاسو ۽ مالي سان ۽ اوڀر ۾ گھانا سان لڳن ٿيون. ان جي ڏکڻ ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ سان گينيا وارو نار واقع آهي. ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي فرينچ آهي[7]ھن ملڪ کي 1893 ۾ فرانس پنھنجي ڪالوني بڻايو ۽ 1960 ۾ فيلڪس ھوفوئي بوئني جي قيادت ۾ فرانس کان آزاد ٿيو . ھوفوئي بوئني 1993 تائين ملڪ جو سربراھ رھيو. ھي ملڪ 2002 کان2007 تائين مذھبي بنيادن تي پھرين گھرو ويڙھ مان گذريو [8] وري 2010 کان 2011 تائين ملڪ ٻيون دفعو گھرو ويڙھ جو شڪار ٿيو.[9] ھي بااختيار صدر وارو ملڪ آهي. ھن ملڪ ۾ ڪوڪا ۽ ڪافي جي پيداوار ڪثرت سان ٿئي ٿي.

عابدجان آئيوري ڪوسٽ جو سڀ کان وڏو شهر
آئيوري ڪوسٽ

ريپبلڪ آف ڪَوٽ ڊِي وَور
Republic of Côte d'Ivoire
Flag of آئيوري ڪوسٽ
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: اتحاد - نظم - محنت
مڪانيت  آئيوري ڪوسٽ  (تيز نيرو) نقشو آفريڪي يونين  (ھلڪو نيرو)
مڪانيت  آئيوري ڪوسٽ  (تيز نيرو)

نقشو آفريڪي يونين  (ھلڪو نيرو)

جو مقامآئيوري ڪوسٽ
گادي جو هنڌ يَامَسُوڪرَو(سياسي)
عابدجان(معاشي)
6°51′N 5°18′W / 6.850°N 5.300°W / 6.850; -5.300
سڀ کان وڏو شهر عابدجان
دفتري ٻوليون فرينچ
مقامي ٻوليون
نسلي گروھ (1998)
مقامي آبادي
  • آئووري
  • آئوَورَين
حڪومت وحداني صدارتيريپبلڪ پارلياماني نظام ھيٺ
• صدر
اَلَسَن وُتَاھا
خالي
حميد بڪايوڪو
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
قومي اسيمبلي
آزادي
• فرانس کان ورتائين
7 آگسٽ 1960
پکيڙ
• جملي
322٬463 km2 (124٬504 sq mi) (68th)
• پاڻي (%)
1.4[1]
آبادي
• 2018 اندازو
23,740,424[2] (54th)
• 2015 مردم شماري
24,905,843
•  گھاٽائي
63.9 /km2 (165.5 /sq mi) (139th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$96.092 ارب ڊالر[3]
• في سيڪڙو
$3,849[3]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$38.396 ارب ڊالر [3]

ملڪ جو نالو سنواريو

پندرهين ۽ سورھين صدي عيسويءَ ۾ پورچوگيزي ۽ فرانسيسي واپارين آفريڪا جي اولھندي سامونڊي ڪناري کي واپار جي جنسن جي مطابق چئن حصن م ورھائي چار واپاري جنسن جا نالا ڏنا جن ۾ ھڪ عاج (ivory) سان منصوب ڪيو ويو جيڪو اپر گني ۽ لوئر گني وچ ۾ واقع ھيو. موجوده آئيوري ڪوسٽ جو نالو ان ڪناري جي نالي تان پئجي ويو[10][11] ھڪ ڪناري جو نالو پيپر ڪوسٽ (مرچن وارو ڪنارو 🌶️) جنھن کي گرين ڪوسٽ (اناج وارو ڪنارو) پڻ سڏيندا ھئا جيڪو ھن وقت لائبيريا وارو ڪنارو آھي. ٽيون ڪنارو گولڊ ڪوسٽ (سون وارو ڪنارو) جيڪو ھن وقت گھانا وارو ڪنارو آھي ۽ چوٿون سليو ڪوسٽ (غلامن وارو ڪنارو) ھيو جيڪو ھن وقت ٽوگو، بينن ۽ نائيجيريا وارو ڪنارو آھي[12][10][13][14][15] [lower-alpha 1][17][18][12][11][15][19][18][10][16][17][13][19][16] ملڪ اھو نالو فرانس جي قبضي ۾ برقرار رکيو ۽ 1960ر ۾ آزادي حاصل ڪرڻ بعد پڻ برقرار رکيو[20]

تاريخ سنواريو

 
يورپين جي آمد کان پھريان موجوده آئيوري ڪوسٽ پنج بادشاھتن ۾ ورھايل ھو

يورپين جي ھتي آمد کان پھريان موجوده آئيوري ڪوسٽ پنج بادشاھتن ۾ ورھايل ھو. ان جي وچولي ۽ اترئين حصي ۾ مسلمانن جي جولا نسل جي ماڻھن جي ڪانگ ايمپائر ارڙهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ قائم ٿي. ڪانگ ايمپائر خوشحال زراعت جو مرڪز ھئي. 1895ع ۾ واسوئلو ايمپائر جي ساموري توري ڪانگ شھر تي حملو ڪري قبضو ڪيو. جيامان واري ايبرون ماڻھن جي بادشاھت پندرهين صدي عيسويءَ ۾ قائم ٿي جن بوندوڪو جي ماندي ماڻھن ۾ پنھنجو غلبو قائم رکيو. بوندوڪو اسلام ۽ تجارت جو وڏو مرڪز ٿي ويو. ان بادشاھيءَ ۾ قرآن جا عالم اولھ آفريڪا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي شاگردن جي ڌيان جو مرڪز ٿي ويا. اگني بادشاھتن جي حاڪمن جي وارثن آئيوري ڪوسٽ جي آزادي بعد پنھنجي الڳ سڃاڻپ برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي. 1969ع جي پڇاڙيءَ ۾ سانوي آئيوري ڪوسٽ کان ڌار ٿي خودمختيار بادشاهت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي[21] يورپين مان پورچوگيزين اولھ آفريڪا جو پھريون بحري سفر 1482ع ۾ ڪيو. اولھ آفريڪا جي پھرين فرانسيسي آبادي موجوده سينيگال جي سينٽ لوئيس ۾ سترھين صدي عيسويءَ جي وچ ۾ قائم ٿي. ان ئي دور ۾ نيدرلينڊز جي ڊچن ڊاڪر کان ڪجهه فاصلي تي گوري ٻيٽ تي واقع فرينچ آبادي تي قبضو ڪيو. 1637ع ۾ فرينچ عيسائي تبليغي مرڪز گولڊ ڪوسٽ تي قائم ڪيو ويو جيڪو ھن وقت موجوده گھانا جو علائقو آهي. فرانس ھن سرزمين تي ارڙھين صدي جي وچ کان اڳ باقائده قابض نہ ٿي سگھيو ھو پر 44-1843ع ۾ فرانس جي ايڊمرل لوئيس ايڊورڊ بوئٽ وليمز گرينڊ باسم جي بادشاھن سان عھدناما ڪيا جن تحت انھن جون بادشاھتون فرانس جون تابعدار بڻجي ويون. سامونڊي ڪناري جي معاشي مشغولين يورپين جي اندروني علائقن جي مفادن خاص طور تي نائيجر ندي ۽ سينيگال ندي جي وچ وارن علائقن ۾ مفادن کي وڌائي ڇڏيو.

 
لوئي گسٽاف بنگر فرانسيسي اولھ آفريڪا ۾ آئيوري ڪوسٽ جي فيميئنڪرو شھر جي اڳواڻن سان معاھدي تي صحيحون ڪندي

فرانس مقامي حاڪمن سان واپار وڌائڻ جا معاھدا ڪري علائقي ۾ پنھنجي غلبي کي وڌائيندو ويو. ان سامونڊي ڪناري تي غير فرانسيسي واپارين کي روڪڻ لاءِ ۽ اندروني علائقن مان ٿيندڙ فرانسيسي آبادي تي حملن کي روڪڻ لاءِ پنھنجا بحري اڏا قائم ڪيا. فرينڪو پروشيائي جنگ ۾ 1871ع ۾ فرانس جي شڪست ۽ فرانس جي صوبي اَلزَاس لُورِين جي جرمني ۾ شامل ٿي وڃڻ ضم ٿيڻ سان فرانس جي حڪومت کي ڪالونيون وڌائڻ واري خواھش تان دستبردار ٿيڻو پيو ۽ اولھ آفريڪا جي واپاري ٿاڪن مان آئيوري ڪوسٽ جي علائقن سميت پنھنجون فوجي گيريژنون واپس ڪري انھن کي اتان جي مقامي واپارين جي رحم ڪرم تي ڇڏڻو پيو[21]. 1886ع ۾ فرانس پنھجي مضبوط قبضي جي دعوا جي حق ۾ ٻيھر اولھ آفريڪا جي سامونڊي ڪناري تي واقع واپاري ٿاڪن تي سڌو سنئون ڪنٽرول حاصل ڪيو ۽ اندروني علائقن جي کوجنا جي پروگرام کي تيزيءَ سان اڳتي وڌايو. 1887ع ۾ ليفٽيننٽ لوئي گسٽاف بنگر آئيوري ڪوسٽ جي علائقن جي کوجنا لاء ٻن سالن جو سفر شروع ڪيو. سفر جي خاتمي وقت ھي چار عھدناما ڪري چڪو هو جن تحت آئيوري ڪوسٽ جي اندر فرانس جون تعبيدار رياستون قائم ٿي ويون.

 
1892ع ۾ فرينچ ويسٽ آفريڪا جي نئين گورنر لوئي گسٽاف بنگر جي ڪانگ شھر ۾ آمد

1880 جي ڏھاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ فرانس آئيوري ڪوسٽ جي ساحلي علائقن تي مڪمل قبضو ڄمائي چڪو ھو ۽ 1889ع ۾ برطانيا ان جي آئيوري ڪوسٽ جي ان علائقن تي حاڪميت کي تسليم ڪري ڇڏيو. 1893ع ۾ آئيوري ڪوسٽ فرانس جي ڪالوني بڻجي ويو ۽ ڪيپٽن بنگر ان جو گورنر مقرر ٿيو. فرانس ڪافي، ڪوڪا، ڪيلي ۽ ناريل جي تيل وارن فصلن کي فروغ ڏنو. ملڪ ۾ بيوروڪريسي ۾ رڳو فرانسيسي شامل ھيا. انھن فصلن جو ٽيون حصو مالڪي ۾ فرانس جا شھري پڻ شامل ھيا . پوکي لاء جبري پورهئي وارو نظام رکيو ويو.

 
1913ع ۾ فرينچ ويسٽ آفريڪا جون ڪالونيون

ملڪ ۾ فرينچ آبادي جي اضافي جي ڪجهه ھنڌن تي مقامي ماڻھن طرفان مزاحمت پڻ ٿي جنھن ڪري فوجي نفرين ۾ اضافو ڪري اندروني علائقن ۾ نيون چوڪيون قائم ڪيون ويون. مزاحمت ۾ سڀ کان وڏو نالو ساموري توري جو ھيو جنھن 1880 ۽ 1890 واري ڏھاڪن ۾ ڀر وارن علائقن کي فتح ڪري، غلامي کي بحال ڪري، واسوئلو ايمپائر جو بنياد وڌو جيڪا اڄوڪي دؤر جي مالي، گني، بورڪينا فاسو، ۽ آئيوري ڪوسٽ تائين ڦھلجي چڪي ھئي. فرانس نيٺ کيس شڪست ڏئي 18998ع ۾ گرفتار ڪري ان جي ايمپائر جو خاتمو آندو. 1904ع کان 1958ع تائين آئيوري ڪوسٽ فرينچ ويسٽ آفريڪا جي وفاق جو حصو رھيو.

آزاد آئيوري ڪوسٽ سنواريو

ٻي جنگ عظيم ۾ فرانس سان وفاداري جي سلي م فرانس آفريڪا جي ڪالونين جي رھاڪن کي فرانس جي شھريت ڏئي کين سياسي ۽ معاشي حق ڏنا.

 
فيلڪس ھوفوئي بوئني ۽ فسٽ ليڊي ميري ٿريس ھوئفوئي بوئني وائيٽ هائوس جي داخلي ھال ۾ صدر جان ايف ڪينيڊي ۽ فسٽ ليڊي جيڪولين ڪينيڊي سان گڏ 1962ع ۾

فيلڪس ھوفوئي بوئني بوئلي قبيلي جي سردار جو پٽ ھيو جيڪو خودمختيار آئيوري ڪوسٽ جو باني ٿيو. 1944 ۾ ھن ڪالوني واري فرينچ آبادگارن جي حمايت واري پوکي جي پاليسي جي رد ۾ ڪوڪا جي پوک ڪندڙن جي زرعي ٽريڊ يونين جوڙي ھئي. ھوئفوئيٽ بوئني جلد ئي مشھوري ماڻي ۽ پيرس جي فرينچ پارليامينٽ جو رڪن ٿي ويو. سال کن بعد فرانس جبري پورهئي کي منسوخ ڪري ڇڏيو. ھوئفوئيٽ بوئني فرينچ حڪومت سان مضبوط تعلقات قائم ڪيا ڇوتہ سندس خيال مطابق ان طريقي سان ئي آئيوري ڪوسٽ کي فائدو ملي سگھيو پئي. فرانس کيس وزير مقرر ڪيو. ھوفوئي بوئني پھريون آفريڪي ھيو جنھن کي يورپ جي ڪنھن حڪومت ۾ وزير مقرر ڪيو ويو. 1956ع ۾ اوورسيز ريفارم ايڪٽ ذريعي فرانس جي حڪومت کوڙ اختيار فرينچ ويسٽ آفريڪا جي حڪومتن جي حوالي ڪيا ۽ ووٽن جون باقي نابرابريون بہ ختم ڪري ڇڏيون. 1958ع ۾ آئيوري ڪوسٽ فريچ ڪميونٽي جو خودمختيار رڪن ٿي ويو. 1960ع ۾ ھن ملڪ آزادي ماڻي ۽ ان وقت اھو فرينچ ويسٽ آفريڪا جو سڀ کان وڌيڪَ خوشحال ملڪ ھيو. فرينچ اولھ آفريڪا جي برآمدن ۾ 40 سيڪڙو آئيوري ڪوسٽ جو حصو ھيو. ھوفوئي بوئني ملڪ جو پھريون صدر ٿيو. ھن جي دور حڪومت ۾ زرعي پيداوار ۾ خاطر خواهه اضافو ٿيو ۽ ھن آبادگارن کي زرعي جنسن جي اگھن ۾ اضافو آڻي فائدو ڏنو ، ڪافي جي پيداوار ۾ اضافو آيو. برازيل ۽ ڪولمبيا بعد آئيوري ڪوسٽ دنيا جو ٽيون نمبر وڏو ڪافي پيدا ڪندڙ ملڪ ٿي ويو. 1979ع تائين ملڪ ڪوڪا جي پيدوار ۾ دنيا اندر پھرہن صف جي ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو ھو. پائين ايپل ۽ ناريل جو تيل جي برآمد ڪندڙ وڏن ملڪن ۾ شامل ٿي ويو. ھوفوئي بوئني پنھنجي ڳوٺ يامسوڪرو کي ملڪ جي سياسي گادي جي هنڌ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ھي ھڪ پارٽي جي حڪمراني واري نظام تحت لاڳيتو ملڪ جو حڪمران رھيو. 1990 ۾ سوين سرڪاري ملازمن ھڙتال ڪري ڇڏي جنھن جي حمايت شاگردن ادارن ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج ذريعي ڪئي. سياسي تحريڪ حڪومت کي ڪثير جماعتي نظام لاڳو ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. 1993ع ۾ ھوفوئي بوئني وفات ڪري ويو. مرڻ کان اڳ ھن قيادت جي وارثي لاء ھينري ڪونان بيدي جو نالو ڏنو. آڪٽوبر 1995ع ۾ بيدي وڏي اڪثريت سان چونڊون کٽي آيو ۽ ھن معيشت ۾ افراط زر ۽ پرڏيھي قرض ۾ ڪمي آڻي ڪجهه بھتري آندي.

 
2002 جي چونڊن جا نتيجا

1999ع جي آخر ۾ بيدي فوج مان پنھنجن مخالفن کي نيڪالي ڏني. ساڳي سال فوج جي ھڪ ناراض گروھ ان خلاف بغاوت ڪري فوجي انقلاب برپا ڪيو. بيدي ملڪ ڇڏي فرانس ڀڄي جلاوطن ٿي ويو. جنرل رابرٽ گيئي اقتدار ۾ آيو. نئين قيادت بدعنواني ۽ سوين ۾ لاٿ آندي ۽ سادگي جي پاليسي اختيار ڪئي. جولاء 2000 ۾ ملڪ ۾ نئين آئين جو نفاذ ٿيو جنھن م صدر جي اميدوار لاء آئوري قوميت لازمي ھجڻ جو شرط شامل ڪيو ويو. آڪٽوبر 2000 ۾ صدارتي چونڊ ٿي. لران گيبگبو چونڊ کٽي ملڪ جو صدر ٿيو. الاسن وتاھا کي آئيوري ڪوسٽ جي سپريم ڪورٽ سندس بورڪينا فاسو جي قوميت ھجڻ ڪري نااھل قرار ڏنو. ملڪ ۾ فساد وڌي ويا.

گھرو ويڙھ سنواريو

19 سيپٽمبر 2002 تي صدر لران گيبگبو اٽلي ويل ھيو تہ پوئتي ھٿياربند ويڙھ شروع ٿي وئي. جنگبندي بعد فرانس ڌرين جي جنگبندي وارين حدن کي برقرار رکڻ لاءِ پنھنجي فوج موڪلي[22]

 
ھٿياربند آئوري 2004 ۾ فرينچ فوجين لڳ بيٺل

جنوري 2003 ۾ گيبگبو ۽ باغي اڳواڻن وچ ۾ ٺاھ ٿيا ۽ انھن قومي اتحاد واري حڪومت قائم ڪئي پر اھا ڪمزور حڪومت رھي ۽ ڌرين ۾ ٻيھر ويڙھ شروع ٿي وئي.


   
الاسن وتاھا
صدر

ڊينيئل ڪابلان ڊنڪن
وزيراعظم 2010 کان 2017ع تائين

صدارتي چونڊون جيڪي 2005 ۾ڻٿيڻ کپنديون ھيون آھي ملتوي ٿي 2010 ۾ وڃي ٿيون جن ۾ الاسن وتاھا صدر چونڊجي آيو ۽ ساڳي سال ڊينيئل ڪابلان ڊنڪن وزيراعظم چونڊجي آيو[23] چونڊ نتيجا تڪراري ٿي ويا گيبگبو جي حامين ان جي چونڊ کٽڻ جي دعوا ڪئي ۽ باغين واري علائقي ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳايا پر اقوام متحده جي مبصرن انھن الزامن جي تصديق نہ ڪئي[23]. ھڪ دفعو ٻيھر گھرو ويڙھ جو انديشو وڌي ويو[23]. گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل ھڪ قرارداد ذريعي الاسن وتاھا جي حق ۾ چونڊ کي تسليم ڪيو[24].

 
2011ع جي گھرو ويڙھ دوران بي گھر ٿيل ماڻھن جي پناھ گاھ

چونڊ نتيجي جي ان تڪرار ھڪ دفعو ٻيھر گھرو ويڙھ کي جنم ڏنو[25] ملڪ جي آبادي گھرو ويڙھ ۾ بي حد متاثر ٿي[26] پھرين گھرو ويڙھ 2004ع جي پڇاڙيءَ ۾ ختم ٿيڻ بعد ملڪ ٻن حصن ۾ ورھايل رھيو. اتريون حصو باغين واري نئين فورس وٽ رھيو باقي حصو پراڻي گيبگبو واري فوج وٽ رھيو. 2010 جي چونڊ ۾ گيبگبو اتر واري اميدوار الاسن وتاھا کان ھارائي ويو[27]. 2 ڊسمبر 2010 تي ملڪ جي اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي مطابق الاسن وتاھا %54 سيڪڙو ووٽ کنيا جڏھن تہ مقابلي ۾ ھارائندڙ گيبگبو %46 ووٽ حاصل ڪيا. گيبگبو جي حامي آئيني ڪائونسل ان اعلان کي مسترد ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ جون زميني ۽ فضائي سرحدون ھر قسم جي چرپر کان بند ڪري ڇڏيون[28]. گڏيل قومن ۽ فرانس جي فوجين گيبگبو جي خلاف فوجي ڪاروائي شروع ڪئي[29]. گيبگبو 11اپريل 2011 تي پنھنجي رھائش گاھ تان گرفتار ڪيو ويو.ملڪ ان ٻين گھرو ويڙھ م شديد تباھي جو شڪار ٿي چڪو ھو جنھن بعد الاسن اوتاھا ملڪ کي متحد ڪرڻ ۽ معيشت جي بحالي لاء بھتر ڪردار ادا ڪيو[30].

 
اڳوڻو صدر گيبگبو انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ جي حراست ۾[31]

گيبگبو تي انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ، ھيگ ۾ جنوري 2016ع م مقدمو هلايو ويو. ڪورٽ کيس مشروط آزادي ڏيندي جنوري 2019 ۾ بري ڪري ڇڏيو[32][33] کيس بيلجيئم کان ٻاھر وڃڻ تي پابندي وڌي [34]

سياسي نظام سنواريو

ھن ملڪ جي حڪومت جون ٽي شاخون آهن: انتظامي عملداري، قانونسازي ۽ عدليه. پارليامينٽ ٻہ ايواني آھي جن ۾ ان سڌي طرح چونڊجي ايندڙ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي. قومي اسيمبلي ھيٺيون ايوان آھي جنھن جا 225 رڪن آھن جن جي چونڊ پنجن سالن لاءِ ٿيندي آهي. 1983ع کان آئيوري ڪوسٽ جو سياسي گادي جو هنڌ يامسوڪرو شھر آھي ۽ عابدجان ملڪ جو انتظامي مرڪز آھي. پرڏيھي سفارتخانن جو وڏو تعداد عابد جان ۾ واقع آهي.

انتظامي ورهاست سنواريو

 
آئيوري ڪوسٽ جا ضلعا

2011ع کان ھي ملڪ 12 ضلعن ۽ 2 ضلعن جي برابر شھرن ۾ ورھايل آھي. ضلعا وري وڌيڪ 31 ريجنن ۾ ورھايل آھن، جيڪي وري 108 ڊپارٽمينٽن ۾ ورھايل آھن، جيڪي وري 510 پريفيڪچرن ۾ ورھايل آھن جن ۾ ڳوٺ واقع آھن[35]

آئيوري ڪوسٽ جي ضلعن، ريجنن جو ذڪر انھن کي صدر مقامن سميت ھيٺ ڏجي ٿو:

نقشو#. ضلعو ضلعي صدر مقام ريجن ريجن جو صدر مقام آبادي[36]
1 عابد جان
(ضلعي خودمختيار عابد جان)
4,707,404
2 باس ساسندرہ ضلعو سان پيڊرو گبوڪلي ريجن ساسندرہ 400,798
ناوا ريجن سَوئُبرَي 1,053,084
سان پيڊرو ريجن سان پيڊرو 826,666
3 ڪوموئي ضلعو ابينگوئرو اِنڊَينِئَي جُوئابِلن ابينگوئرو 560,432
ڏکڻ-ڪوموئي ابوئيسو 642,620
4 ڊنگلي ضلعو اَودِئَينِي فولون ريجن مِنِگنَان 96,415
ڪبادئوگو اودئيني 193,364
5 گوھ جيبوئا ضلعو گئگنوئا گوھ گئگنوئا 876,117
لوھ جيبوئا ديوو 729,169
6 لڪ ديمبوڪرو بيليئر ريجن يامسوڪرو[37] 346,768
افئو دائوڪرو 311,642
مورونوئو ريجن بونگوئانو 352,616
اين زي ريجن ديمبوڪرو 247,578
7 ليگونز ضلعو دبئو ايگنيبي تيئاسا اگبوول 606,852
گرينڊس پونٽس دبئو 356,495
لا مي ايڊزوپي 514,700
8 مونٽيگنيس ضلعو مئن ڪيولري گئيگلو 459,964
گئيمون دوئيڪوئي 919,392
ٽانڪپي مئن 992,564
9 سساندرا- مراھوئي ضلعو دالوئا ھائوٽ سساندرا ڊالوئا 1,430,960
ماراھوئي بوئافلي 862,344
10 ساوانيس ضلعو ڪورھوگو بيگوئي بائونديالي 375,687
پورو ڪورھوگو 763,852
ٽڪولوگو فرڪيسيڊوئگو 467,958
11 وئلي ڊو بنڊاما بوئاڪَي گبيڪ بوئاڪي 1,010,849
ھمبول ڪاٽيئولا 429,977
12 ووروبا ضلعو سيگئيلا بَيرَي ريجن مانڪونو 389,758
بافنگ ريجن توئبا 183,047
ووروڊوئگو سيگئيلا 272,334
13 يامسوڪرو 355,573
14 زئنزان ضلعو بوندوڪو بوئنڪاني بوئنا 267,167
گونٽوئگو بوندوڪو 667,185

حوالا سنواريو

  1. "Côte d'Ivoire". The World Factbook. CIA Directorate of Intelligence. حاصل ڪيل 8 August 2008. 
  2. "Côte d'Ivoire". The World Factbook. CIA Directorate of Intelligence. حاصل ڪيل 18 February 2017. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 "Côte d'Ivoire". International Monetary Fund. 
  4. "Gini Index". World Bank. حاصل ڪيل 2 March 2011. 
  5. "2016 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 21 March 2017. 
  6. "Pre-European Period". Library of Congress Country Studies. Library of Congress. حاصل ڪيل 11 April 2009. 
  7. "Loi n° 2000-513 du 1er août 2000 portant Constitution de la République de Côte d'Ivoire" (fr ۾). Journal Officiel de la République de Côte d'Ivoire 42 (30): 529–538. 3 August 2000. http://www.jfaconseil.com/jorci/2000/RCI%20JO%202000-30.pdf. Retrieved 7 August 2008. 
  8. Loi no 2000-513 du 1er août 2000 portant constitution de la République de Côte d’Ivoire, Journal officiel de la République de Côte d’Ivoire, no 30, Abidjan, jeudi 3 août 2000, p. 529–538
  9. 10.0 10.1 10.2 Thornton 199653–56.
  10. 11.0 11.1 Lipski 200539.
  11. 12.0 12.1 Duckett 1853594.
  12. 13.0 13.1 Homans 185814.
  13. Lipsky 200539.
  14. 15.0 15.1 Plée 1868146.
  15. 16.0 16.1 16.2 Vaissète 1755185–186.
  16. 17.0 17.1 Blanchard 181857.
  17. 18.0 18.1 Chisholm 1911100.
  18. 19.0 19.1 Walckenaer 182735.
  19. "The Ivory Coast". World Digital Library. وقت 4 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 February 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  20. 21.0 21.1 "Ivory Coast – Arrival of the Europeans". Library of Congress Country Studies. Library of Congress. وقت 14 January 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 April 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  21. "Ivory Coast – Heart of Darkness". Kepi.cncplusplus.com. وقت 10 May 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 June 2010. 
  22. 23.0 23.1 23.2 "Thousands flee Ivory Coast for Liberia amid poll crisis". BBC News. 26 December 2010. https://www.bbc.co.uk/news/world-africa-12079552. Retrieved 26 December 2010. 
  23. "Final Communique on the Extraordinary Session of the Authority of Heads of State and Government on Cote D’Ivoire" آرڪائيو ڪيا ويا 3 May 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Economic Community of West African States (ECOWAS), 7 December 2010.
  24. DiCampo, Peter. "An Uncertain Future". Ivory Coast: Elections Turn to War. Pulitzer Center. وقت 9 July 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 8 August 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  25. "Home". Slave Free Chocolate. وقت 15 July 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 July 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  26. Agnero, Eric (10 November 2010). "Ivory Coast postpones presidential runoff vote". CNN. http://www.cnn.com/2010/WORLD/africa/11/10/ivory.coast.runoff/. Retrieved 11 November 2010. 
  27. "Ivory Coast election: Army says it has sealed borders". BBC. 3 December 2010. https://www.bbc.co.uk/news/world-africa-11905971. Retrieved 3 November 2010. 
  28. Lynch, Colum; Branigin, William (11 April 2011). "Ivory Coast strongman arrested after French forces intervene". Washington Post. https://www.washingtonpost.com/world/ivory-coast-strongman-arrested-after-french-forces-intervene/2011/04/11/AFOBaeKD_story.html. Retrieved 12 April 2011. 
  29. Griffiths, Thalia (11 April 2011). "The war is over — but Ouattara's struggle has barely begun". The Guardian (London). https://www.theguardian.com/commentisfree/2011/apr/11/ivory-coast-gbagbo-ouattara-economic-crisis. 
  30. "Ivory Coast’s former president Laurent Gbagbo oversaw ‘unspeakable crimes’, says ICC آرڪائيو ڪيا ويا 14 October 2017 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.". The Daily Telegraph. 28 January 2016.
  31. "ICC orders conditional release of ex-Ivory Coast leader Gbagbo". France 24. وقت 6 March 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 March 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  32. "Former Ivory Coast President Laurent Gbagbo freed by International Criminal Court, CNN". وقت 15 January 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 January 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  33. "Ivory Coast's ex-president Laurent Gbagbo released to Belgium". www.aljazeera.com. وقت 4 March 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 March 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  34. Geopolitical Entities, Names, and Codes (GENC) second edition
  35. "Districts of Côte d'Ivoire". Statoids.  آئيوري ڪوسٽ جي شماريات جو ادارو
  36. يامسوڪرو بيليئر ريجن ۾ واقع آهي پر شھر ان ۾ ناھي.


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو