ابراھيم اسماعيل چندريگر (اردو: ابراہیم اسماعیل چندریگر؛ عام طور تي آءِ آءِ چندريگر طور سڃاتل) ڇھون پاڪستان جو وزيراعظم ھو تقريبن 2 مھينن لاءِ آڪٽوبر 17، 1957ع کان ڊسمبر 16، 1957ع تائين.آءِ آءِ چندريگر، احمد آباد (ڀارت) ۾ 15 سيپٽمبر 1897ع تي ڄائو.[1]

ابراھيم اسماعيل چندريگر
ابراھيم اسماعيل چندريگر
6ھون پاڪستان جو وزيراعظم
عهدو سنڀاليو
17 آڪٽوبر 1957ع – 16 ڊسمبر 1957
صدر اسڪندر مرزا
پيشرو حسين شھيد سھروردي
جانشين فيروز خان نون
3rd اولھ پنجاب جو گورنر
عهدو سنڀاليو
24 نومبر 1951ع – 2 مئي 1953ع
شاهي حڪمران جارج ڇھون
ايلزبيٿ ٻين
گورنر جنرل ملڪ غلام محمد
پيشرو عبد الرب نشتر
جانشين ميان امين الدين
4ٿون سرحد صوبي جو گورنر
عهدو سنڀاليو
21 فيبروري 1950ع – 23 نومبر 1951ع
شاهي حڪمران جارج ڇھون
گورنر جنرل خواجا ناظم الديب
ملڪ غلام محمد
پيشرو صاحبزادو محمد خرشيد
جانشين خواجا شھاب الدين
ذاتي تفصيل
پيدائش 15 اپريل 1898(1898-04-15)
احمد آباد، بمبئي پريزيڊينسي، برطانوي ھندستان
(ھاڻي گجرات، ڀارت)
وفات 26 سيپٽمبر 1960 (عمر 62 سال)
لنڊن، انگلينڊ، گڏيل بادشاھت
سياسي جماعت مسلم ليگ
مادر علمي بمبئي يونيورسٽي

تعليم سنواريو

بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ ايل. ايل. بي جا امتحان پاس ڪيائين.'[1]

سياست ۽ خدمتون سنواريو

1937ع ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي احمد آباد جي ٻھراڙيءَ واري تڪ مان بمبئيءَ جي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1943ع کان 1947ع تائين آل انڊيا مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر رھيو. گورنمينٽ آف انڊيا جي عبوري حڪومت (آڪٽوبر 1946ع کان آگسٽ 1947ع) ۾ مسلم ليگ پاران واپار جو وزير ٿيو.[1]

پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ آگسٽ 1947ع کان مئي 1948ع تائين حڪومت پاڪستان جو واپار، صنعت ۽ تعميرات جو وزير ٿيو. 1948ع ۾ سرحد صوبي جو گورنر ۽ 1953ع ۾ پنجاب صوبي جو گورنر رھيو. 1955ع ۾ چوڌري محمد عليءَ جي مرڪزي ڪابينا ۾ وزير قانون رھيو. 1956ع جي آئين جو مسودو ھن تيار ڪيو. 18 آڪٽوبر 1957ع کان 16 ڊسمبر 1957ع تائين پاڪستان جي ڇھين وزيراعظم جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين.[1]

وفات ۽ مڃتا سنواريو

26 سيپٽمبر 1960ع تي وفات ڪيائين، ڪراچي شھر جو ھڪ وڏو روڊ سندس نالي پٺيان آءِ. آءِ. چندريگر روڊ مشھور آھي، جنهن جو اڳوڻو نالو ميڪلوڊ روڊ هو ان روڊ تي پاڪستان، خصوصاً ڪراچيءَ، جي فنانشنل ادارن ۽ اسٽيٽ بئنڪ سميت اڪثر وڏين بينڪن جا مرڪزي آفيسون آهن. هن روڊ تي اردو اخبار ”جنگ“ جو دفتر آهي. ڪنهن وقت بند ٿي ويل سنڌي اخبار ”جاڳو“ جو دفتر به هن روڊ تي هو، جنهن جو ايڊيٽر فقير محمد لاشاري هو.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

سرڪاري عهدا
پيشرو
محمد ابراھيم خان جهگڙ
وقتي
خيبر پختونخوا جو گورنر
1950–1951
جانشين
خواجا شھاب دين
پيشرو
عبد الرب نشتر
پنجاب جو گورنر
1951–1953
جانشين
ميان امين الدين
پيشرو
حسين شھيد سھرودي
پاڪستان جو وزيراعظم
1957
جانشين
فيروز خان نون

سانچو:پاڪستان جا وزيراعظم سانچو:جناح