ٽائيٽن: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م ←‏top: clean up using AWB
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
'''ٽائيٽن''' TITAN
 
ٽائيٽن [[زحل]] يعني Saturn جو سڀني کان وڏو چنڊ ۽ اسان جي سولر سسٽم جو ٻئي نمبر تي وڏو چنڊ آھي. ٽائيٽن 25 مارچ 1655ء تي ڏچ ماھر نجوم ڪرسچن ھائيجن دريافت ڪئي. ٽائيٽن اسان جي نظام شمسي جو اھو واحد چنڊ آھي جتي زمين وانگي گھاٽو وايو منڊل آھي. ماھرين جو خيال آھي ته ٽائيٽن جو وايومنڊل زمين جي شروعاتي وايي منڊل سان ملندڙ جلندڙ آھي. ڇو ته ٽائيٽن جي سطح تي ڪيميڪل ۽ جيولوجيڪل حرڪتون ٿينديون رھن ٿيون. ٽائيٽن بادل جي ھڪ ٿلھي پرت سان ڍڪيل آھي انھيءَ ڪارڻ ھن جو مٿاڇرو اسان لاء ڊگھي وقت تائين راز بڻيل ھو.
 
ٽائيٽن جو وايومنڊل 600 ڪلو ميٽر مٿانهين تائين ڦھيليل آھي. جيڪو زمين جي وايي منڊل کان ڪافي زياده آھي. انھيءَ ڪارڻ اسان ٽائيٽن کي اسان جي نظام شمسي جو وڏي ۾ وڏو چنڊ سمجھندا رھياسين. آخر وائجر1 خلائي مشن 1980ء ۾ ھن جي سائيز جي صحيح نموني حساب ڪيائين ۽ ثابت ڪيائين ته مشتري Jupiter جو چنڊ گينيڊ اسان جي نظام شمسي جو سڀني کان وڏو چنڊ آھي. ٽائيٽن جون ڪئي عجيب ۽ انوکيون ڳالھيون آھن.