فوبوس ۽ ڊيموس: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م ←‏top: clean up using AWB
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
'''فوبوس ۽ ڊيموس''' Phobos & Diemos
 
ھي ڪھاڻي تڏھن جي آھي جڏھن اسان [[مريخ]] کي ھڪ عجيب راز نموني ڏسي رھيا ھئاسين. مريخ اسان جي خيالن کان لھي ڪري آھستي آھستي ڪتابن ۾ ڇپجڻ لگو ھو. اسان جي سوچ، فڪر، ناول ۽ ڪھاڻين ۾ مريخ تي خلائي مخلوق ھجڻ جون ڳالھيون ڪيون پئي ويون. مريخ کي ته اسان صدين کان سڃاڻون ٿا پر مريخ جا ٻه چنڊ به ھوندا ؟ اھو ڪنھن کي به خبر نه ھئي. اھو دور اسان جي اندازن جو دور ھو.
 
17ھين صدي جي شروعاتي ڏھاڪن تائين Kepler به Law of planetry motion گرھن جي چرپر جا قانون ڏئي چڪا ھئا. 1726ء ۾ ليکڪ جوناٿن سوفٽ پنھنجي ڪتاب Gulliver's Travels ۾ مريخ جي ٻن چنڊن جي اڳڪٿي ڪري سڀني کي ڏندن ۾ آنڱريون ڏئي ڇڏيون. جيتوڻيڪ ان وقت تائين مريخ جا چنڊن جي کوجنا اڃان نه ٿي ھئي. سوفٽ پنھنجي اڳڪٿيء ۾ ٻنھين چنڊن جي مفاصلي ۽ محوري گردش جي باري پڻ ٻڌايو. ھن اڳڪٿي ڪئي ته ھڪ چنڊ 10 ڏھ ڪلاڪن ۾ جڏھن ته ٻيو چنڊ 21.5 ڪلاڪن ۾ چڪر پورو ڪن ٿا.