لاڙڪاڻو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 58:
لاڙڪاڻو شهر سنڌ جو چوٿون وڏو شهر آهي. هن کي 1904ع ۾ تعلقي جو درجو مليو. هتي جو مشهور ماڳ مو موئن جو دڙو ۽ مشهور ميوو زيتون، ۽ مشهور شخصيتون ذوالفقار علي ڀٽو شهيد بينظر ڀٽو آهن.
 
==تاريخ==
==قائد اعظم جو لاڙڪاڻي جو دورو==
18 آڪٽوبر 1938ع تي قائد اعظم [[محمد علي جناح]] لاڙڪاڻي آيو هو. ان موقعي تي ميونسپالٽي لاڙڪاڻي جي صدر امير علي لاھوري آجياڻو ڏيندي تقرير ڪئي هئي، جنهنان ۾وقت لاڙڪاڻينائب جيصدر دردپرتاب جيراءِ ڊانهنواسومل پڻ شامل هئيھيو.
 
بخدمت ۾ جناب [[محمد علي جناح]]، جناب باريٽ لا
<br />
ميبر مجلس قانون ساز صدر ڪل هند مسلم ليگ
 
جناب اعليٰ،
 
ميونسپل لاڙڪاڻي جي طرفان اسين ڪائونسلر اوهان کي پنهنجي شهر ۾ پهريون دفعو اچڻ تي، نهايت احترام ۽ خلوص سان خوش آمديد چئون ٿا.
 
جناب اعليٰ،
 
اسان جي هن غريب شهر ۾ ڪجھ به نه آهي، جو اوهان جي تفريح لاءِ پيش ڪيو وڃي. تاريخي لحاظ کان اسان جي شهر کي '''گلستان سنڌ''' جو قابل فخر‘ نالو ڏنو ويو آهي، پر اهو نالو هينئر پراڻو ٿي ويو آهي. اسان جي حڪومت '''لائيڊ سکر بئراج''' جي تڪميل کي ٻاهرين دنيا ۾ پنهنجي لاءِ قابل فخر ڪارنامي جي طور تي پيش ڪري سگھي ٿي. پر هي بئراج اسان جي شهر لاءِ مستقل ڏک ۽ تڪليف جو سبب بڻي آهي. اسان جي شهر جي وچان جيڪو شاندار '''گھاڙ واهه''' وهندو هو، سو شهر جي جي خوبصورتي جو غير معمولي ڪارڻ هيو، هينئر ختم ٿي چڪو آهي. ان سان شهر جي اؤج ۽ خوشحالي جا اهي ڏينهن به ويا، جڏهن هن شهر لاءِ ٻيڙيون تمام گھڻو ڪجھ آڻينديون هيون. سير ۽ تفريح جا اهي اسباب به ختم ٿي ويا، جن جي ڪري ماڻهو صحت مند ۽ مطمئن رهندا هئا.
ان جي باوجود هيءَ ڳالھ اسان جي لاءِ عزت ۽ افتخار جو سبب آهي، جو اسين اهڙي قديم تهذيب جا پاڙيسري آهيون، جيڪا [[موهن جي دڙي]] مان ملي آهي. ... جيڪڏهن اسين پنهنجن ابن ڏاڏن جي شاندار روايتن تي فخر ۽ سرت جو اظهار ڪري رهيا آهيون، ته اهو نااميدي جي جذبي تحت ناهي، پر عظيم ماضي مان پيدا ٿيندڙ مضبوط ۽ زبردست اعتماد جي ڪري آهي. جيتوڻيڪ اسين مشڪلاتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون. جيڪي ناقص ميونسپل نظام جي ڪمزوري، چونڊن جي اداري ۽ ڪنٽرولنگ اٿارٽيز جي ٽڪراءُ ۾ ايندڙ قانونن جي ڪري پيدا ٿيون آهن. ان هوندي به اسان کي خدا تي مڪمل ڀروسو آهي. اسين دعاگو آهيون ته اسان کي سچائي ۽ سڌي رستي تي عمل ڪرڻ جي تو فيق عطا ڪري.
 
اسين آهيون اوهان جا نياز مند
امير علي لاهوري صدر، پرتاب راءِ واسومل نائب صدر.
<ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=260</ref>