لاڙڪاڻو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 45:
بمبئي سرڪار پنهنجن ٻن حڪم نامن هر هڪ نمبر 4942 (بامبي روينيو ڪوڊ 1870 جي سيڪشن 7 تحت) ۽ 4942.1 (انڊين رجسٽريشن ايڪٽ 3 آف 1877 جي سيڪشن 5 تحت) ذريعي پهرين آگسٽ 1901ع کان [[لاڙڪاڻو ضلعو]] قائم ڪيو ۽ ان لاءِ [[شڪارپور]] ۽ [[ڪراچي]] ضلعن مان هي تعلقا ڪڍي لاڙڪاڻي ضلعي کي ڏنا ويا. ضلعي شڪارپور جا تعلقا، لاڙڪاڻو، [[قمبر]]، [[رتوديرو]]، لب مهرڻ (ڏوڪري)، [[ڪڪڙ]]، [[ميهڙ]] ۽ [[نصيرآباد]]. ضلعي ڪراچيءَ جا تعلقا، [[جوهي]]، [[دادو]] ۽ [[سيوهڻ]]. هي حڪم ناما بمبئي سرڪار جي چيف سيڪريٽري جي. ڊبليو. پي ميوئر مڪنزئي جي صحي سان جاري ٿيا. <ref>http://gulhayat.com/chronology1901.asp</ref>
 
==لاڙڪاڻي جون لائبريريون==
[[جائلس لائبرري]]
اُڻويهين صديءَ جي آخر ۾، ”[[جائلس]]“ لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر ٿي گذريو آهي . سال 1884ع ۾، سندس نالي پٺيان ”[[تجر باغ]]" ۾ هڪ وڏي لائبرري قائم ٿي، جيڪا لاڙڪاڻي شهر ۾ عمدي لائبرري سڏبي هئي. لائبرري، تجر باغ (موجوده نالو ”[[جناح باغ]]“) جي تاريخي عمارت ”تجر“ ۾ قائم ڪيل هئي. هيءَ عمارت ٽالپرن جي وزير، [[نواب ولي محمد خان لغاري]]ءَ جي امانت طور رکيل لاش مٿان اڏائي وئي هئي. لائبرريءَ سان گڏ ريڊنگ روم به هئي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي اخبارون اينديون هيون. لاڙڪاڻي واسين ۾ قومي شعور ۽ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ هن لائبرريءَ جو اهم ڪردار رهيو آهي. ســُـلجهيل ماڻهو اخبارون ۽ رسالا پڙهي، باغ اندر بينچن تي ويهي، ملڪي صورتحال تي بحث مباحثا ڪندا هئا. لاڙڪاڻي جي ڀائيبندن به منجهانئس خوب لاڀ حاصل ڪيو .
ورهاڱي کان اڳ لائبريريءَ ۾ نهايت معياري رسالا به ايندا هئا. انهن ڏينهن ۾ Modern Review”“ ڪلڪتو)، ”New Times“ (ڪراچي) ۽ ”ٽربيون“ (لاهور) - برصغير جون مشهور تحريڪون اُڀاريندڙ رسالا ۽ اخبارون ليکيون وينديون هيون، ۽ باقاعده ٽپال رستي هن لائبرريءَ ۾ پهچنديون هيون. شوقين ماڻهو اخبارن جي پهچڻ سان لائبرريءَ ۾ انبوهه جي صورت ۾ گڏ ٿي ويندا هئا.
اُنهن ڏينهن ۾ هن لائبرريءَ ۾ انگريزي، اُردو، هندي ۽ سنڌي ڪتابن جو وڏو تعداد موجود هو. خاص ڪري انگريزيءَ جا چونڊ ڪتاب هن لائبرريءَ ۾ جمع ٿيل هئا . سال 1974ع ۾ ”پاڪستان نيشنل سينٽر“ قائم ٿيڻ سان، هيءُ قديم لائبرري اُن ۾ ضم ٿي وئي.<ref>لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ</ref>
 
== پڻ ڏسو ==