سنسڪرت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
اضافو ۽ ڳنڍڻا
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
<div style="direction: rtl; font-family: tahoma;" class="">
'''سَنسڪِرت''' هڪ پُراڻي [[ٻولي]] آهي. موجوده جوڙ [[هنڌو آريائي]] ٻولي آهي. اها [[هنڌو|هنڌن]] توڙي [[ٻُڌهمَت]] جي مَُقدَس ٻولي آهي  ۽ هندُستان جي ٻاويهن سرڪاري ٻولين ۾ هي شامل آهي . [[پنجابي]] ٻولي جو سنسڪرت سان گھرو تعلق آهي . سنسڪرت ڳالهائڻ وارن جو تعداد  اڄڪلھ ڪُجھ ھزار آهي. "ٻوليءَ متعلق لوچيندڙن ۾ پهريون ئي شخص [[پنڊت ’پاڻني‘]] آهي جنهن اڄ کان تقريباً ٽي هزار ورهيه اڳ سنسڪرت جي [[صرف نحو]] تي هڪ مستند ڪتاب لکيو هو. جنهن ۾ سنسڪرت جا [[ڌاتو]] پڻ ڏنل آهن. ان بعد ٻوليءَ جي تاريخ ۾ عيسوي سن يارهين صدي ۽ ٻارهين صديءَ ۾ ’[[ڌنپال آچاريه]]‘ ۽ ’[[هيمچندر آچاريه]]‘ جون تصنيفون ”[[پايلڇي]]، ۽ [[ديسي نام مالا]]“ قابل ذڪر آهن انهن صاحبن هندستان ۽ سنڌ جي ٻولين لاءِ جا کوجنا ڪئي سا نه فقط هاڻوڪين ڏيهي ٻولين جي رهنمائي ڪري ٿي پر مُحقَقـِين ۽ مُستشرَقين جي تحقيق لاءِ مشعل راهه ثابت ٿي آهي. جڏهن يورپي لوڪ، واپاريءَ ۽ فاتح جي صورت ۾ هندستان ۾ گهڙيا، تڏهن انهن هندستان جي رسم رواج، تهذيب ۽ تمدن سان گڏ هتي جي ٻولين، خصوصاً سنسڪرت جو به مطالع ڪيو، بعد ۾ بالاتفاق هندستان جي ٻولين کي آرين زبان جي هڪ شاخ ”انڊو يورپين ٻولين“ جي نالي سان سڏيو، ۽ وري ڪن محققن ته دنيا جي قديم زبان [[عبراني]] هجڻ واري نظريه جي ترديد ڪري سنسڪرت کي ئي تمام زبانن جي ماءُ سڏيو".<ref>سنڌي زبان--شيخ محمد اسماعيل؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع</ref>
 
== نیرڪتا ==