ڄام ساقي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
[[عڪس:Jam Saqi.jpg|thumb|کاٻو]]
'''ڄام ساقي'''، ناليوارو سياسي ۽ سماجي اڳواڻ جو پورو نالو محمد ڄام ولد محمد سچل جنجهي آهي. هن 31 آڪٽوبر 1946ع1944ع تي ڳوٺ جنجهيءَ، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.
 
==تعليم==
پرائمري تعليم 1953ع ۾ ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ 1963ع ۾ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ڇاڇري مان، انٽر 1964ع ۾ ۽ بي. اي 1967ع ۾ سچل سرمست آرٽس ڪاليج [[حيدرآباد]] مان ڪرڻ بعدڪرڻ کانپوءِ ايم. اي (سياسيات) [[سنڌ يونيورسٽي]]ءَ مان ڪيائين.
 
==سياسي سفر==
ڄام ساقي سياسي سرگرمين جي شروعات هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران 1961ع ۾ ڪئي. هيءُ پهريون ڀيرو ڪاليج واري زماني ۾ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. '''سنڌ نئشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن''' قائم ٿي ته ان جو هيءُ پهريون صدر چونڊيو. حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ تقريبڪاڄ ۾ ڄام ساقي بنگال ۾ ٿيل فوجي آپريشن ۾ بنگالين جي قتل عام خلاف بيان جاري ڪيو، جيڪو بي. بي. سي، ريڊيو آل انڊيا ۽ ٻين عالمي نشرياتي ادارن تان پکڙيو (نشر) ٿيو، جنهن بعدکانپوءِ کيس سخت حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو ۽ ڪيترائي سالورھيه فوجي ۽ سول قانون وٽتحت ملزمڏوھي قرار رهيو. جنهن دوران هيءُ ڪڏهن روپوشي، ڪڏهن گرفتاري، ڪڏهن عدالتن، ڪورٽ مارشلن ۽ جيلن جي عتابڏاڍ هيٺ رهيو. سندس روپوشيءَ دوران سمري ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ ٻين الزامن هيٺ مٿس سمري ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي کيس هڪ سالورهيه قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. 10 جنوري 1972ع تي ڳجھ ۾ رھڻ (روپوشي) ختم ڪري نئشنل عوامي پارٽي ’نعپ‘ جي مرڪزي اڳواڻن سيد باقر شاههشاھ ۽ غلام محمد لغاريءَ جي پريس ڪانفرنس ۾ ظاهر ٿيو. ان بعدکانپوءِ هن [[سنڌ]] جو دورو شروع ڪيو، جنهن دوران کيس [[سکر]] مان گرفتار ڪري [[حيدرآباد]] سٽي ٿاڻي تي آندو ويو، جتي هن ڏههڏھ پندرهن ڏينهن بک هڙتال ڪئي. پوءِ کيس 15 فبروريءَ تي جيل موڪليو ويو، جتي پڻ هن بک هڙتال شروع ڪئي، جيڪا ٻن هفتن کانپوءِ ’نعپ‘ اڳواڻن جي چوڻ تي ختم ڪيائين. سندس ملاقات تي ڳچ عرصي تائين پابندي رهي. جيل ۾ قيدين کي پڙهائڻ ۽ جيل جي فيڪٽريءَ ۾ پورهيو ڪرڻ سبب سندس سزا گهٽ ٿي ۽ کيس پهرين نومبر 1972ع تي آزاد ڪيو ويو. آزاديءَ واري ڏينهن فيض محمد قصور گرديزيءَ سان بلوچستان ويو، جتي تنهن وقت نعپ جي حڪومت هئي ۽ ولي خان، ذوالفقار علي ڀُٽي سان ڳالهايو به هو ته کيس گرفتار نه ڪيو وڃي. هن تي 73-1972ع ۾ بغاوت جو ڪيس مڙهيو ويو. جنهن دؤران هن ماهوار ٽي اخبارون جاري ڪيون، جن ۾ سنڌ مان ’هلچل‘ (سنڌيءَ ۾) ۽ ’سرخ پرچم‘ (اردو ۾) ۽ بلوچستان مان ’جدوجهد‘ (اردو) شامل هيون. انهن مان ٻه اخبارون: ’سرخ پرچم‘، ’جدوجهد‘ 1980ع تائين جاري رهيون، جن جو پاڻ ايڊيٽر هو. جڏهن ته هلچل اڃا تائين نڪرندڙ آهي. فوج ۽ پوليس ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو ۽ 1986ع تائين کيس مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. جنهن کانپوءِ حيدرآباد سينٽرل جيل مان بيماريءَ جي حالت ۾ ڪڍي جناح اسپتال [[ڪراچي]] ۾ داخل ڪرڻ بعدکانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. هيءُ [[سنڌ]] ۾ ڪميونسٽ اڳواڻ طور اڀريو. 1988ع ۾ سوئيڊن سان تعلقلاڳاپو رکندڙ سندس هم خيال ساٿين هن کي جرمني، بلغاريا، چيڪوسلواڪيا، سوئيڊن ۽ سوويت يونين وغيره جا دورا ڪرايا. ڄام ساقي ڪميونسٽ سياست کان اڳ ۽ پوءِ واري عرصي ۾ روزگار کي به وقت ڏنو.
 
==ملازمتون==
1964ع ڌاري هو واپڊا ۾ ڪجههڪجھ عرصو ڪلارڪ رهيو، پر سياست سان گهڻي چاهه سبب هن اها نوڪري ڇڏي ڏني. 99- 1998ع ۾ هيءُ اسٽيٽ لائيف ۾ سيلز آفيسر ۽ هڪ غير ملڪي ڪيميائي ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر به رهيو.
 
==ادبي سرگرميون==
سِٽَ 16:
 
==لکڻيون==
ڄام ساقيءَ جا 7 ڪتاب شايع ٿيا. جن ۾: ’کاهوڙي کجن‘ (ناوليٽ: 1972ع)، ’سنڌ جي شاگرد تحريڪ‘ (1973ع، جيڪو ٻيو ڀيرو ’سنڌ جي شاگرد جدوجهد‘ جي نالي سان پڻ ڇپيو)، ’مظلوم قومن جو مستقبل‘ (انٽرويو)، ’چکين جي چيت ڪري‘ (مضمون: 74-1973ع)، ’ضمير ڪي قيدي‘ (اردو: 87-1986ع)، ’ضمير جا قيدي‘ (سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو) شامل آهن. ڄام ساقيءَ جون سياسي وابستگيون ۽ همدرديون مختلف پارٽين سان رهيون، جن ۾: جون 1964ع کان 1991ع تائين ڪميونسٽ پارٽي؛ 1968ع کان پيپلز پارٽي؛ 1970ع کان نيشنل عوامي پارٽي (پارٽيءَ تي پابندي مڙهجڻ تائين) شامل آهن. جڏهن ته سوويت يونين ٽٽڻ کان ڪجهه سال پوءِ هو (1994ع) پيپلز پارٽيءَ جو باقاعده ميمبر ٿيو ۽ جولاءِ 1994ع کان نومبر 1996ع تائين سنڌ جي وڏي وزير عبدالله شاهه جو جبري پورهئي مامرن بابت صلاحڪار پڻ رهيو. هن وقت پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل جو ميمبر ۽ پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽيءَ (پيمرا) جو (اپريل 2010ع) کان۾ ميمبر به آهيرھيو.<ref>ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012</ref>
 
==لاڏاڻو==
ڄام ساقي، سومر جي ڏيھاڙي 5 مارچ 2018ع تي نسيم نگر، حيدراٻاد ۾ 73 ورھين جي ڄمار ۾ گذاري ويو.
 
 
==حوالا==