اسلام: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 24:
لغوي معنيٰ آهي صلح، سلامتي، اطاعت. ظاهري ۽ باطني عيبن کان پاڪ رهڻ. اهو انهيءَ دين جو نالو آهي، جيڪو -الله- پاڪ، سچن رسولن ۽ هادين جي ذريعي انسانن جي هدايت لاءِ موڪليو آهي. انهيءَ جو آخري، مڪمل ۽ مقدس دين اهو آهي، جيڪو قرآن شريف جي شڪل ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صلي -الله- عليه وسلم تي نازل ٿيو. شرعي لحاظ سان -اسلام- جو مطلب آهي: خدا جي احڪامن جي، جيئن قرآن شريف ۾ آيا آهن، بنا شڪ شبهي جي دل جي خلوص سان اطاعت ڪرڻ. ٻين لفظن ۾، ڪتاب ۽ سنت جي تعليمات تي عمل پيرا رهڻ -اسلام- آهي. نبي سڳورو صلي -الله- عليه وسلم جيڪا شريعت دائمي هدايت لاءِ کڻي آيو، اها چئن عنوانن جو مجموعو آهي: عقائد، عبادت، معاملات ۽ اخلاق. (1) -بندي- ۽ خالق جي وچ ۾ تعلق واضح ڪرڻ وارا احڪام، جيڪي ذهني ۽ قلبي حالتن سان واسطو رکن ٿا، اهي ”عقائد“ چئبا، ۽ انهن تي ثابت قدم رهڻ کي ”ايمان“ چئبو آهي. (2) -جن- احڪامن جو تعلق -بندي- جي جسم ۽ مال سان آهي، اهي ”عبادت“ آهن: يعني نماز ۽ روزو، جسماني عبادتون آهن، زڪوات مالي ۽ تمدني عبادت ۽ ”حج“ مالي، جسماني ۽ تمدني عبادت. -ان- طرح ڪلمي، نماز، روزي، زڪواة ۽ حج کي -اسلام- جو بنياد قرار ڏنو ويو آهي. (3) جيڪي احڪام، -بندي- ۽ سندس درميان آهن، يا ٻيءَ مخلوق جي -باري- ۾ آهن، انهن کي قانوني حيثيت هجي ته ”معاملات“ جي دائري ۾ اچن ٿا ۽ (4) جيڪڏهن انهن جي حيثيت روحاني نصيحتن ۽ ڀائپيءَ واري هجي ته اهي ”اخلاق“ جي دائري ۾ اچن ٿا.
نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم فرمايو آهي ته ”آءُ فضائل اخلاق جي تڪميل لاءِ آيو آهيان“. پهرئين عنوان کي ”ايمان“ ۽ باقي ٽنهي جو مجموعو ”عمل صالح“ آهن. عمل صالح جا ٽي ڏاڪا آهن: (1) خدا جي اڳيان -بندي- جو اظهار عبديت ۽ -ان- جي احڪامن جي تعميل يعني عبادت؛ (2) بندن ۽ ٻيءَ مخلوق سان ڪاروباري معاملن ۾ الاهي احڪام جي پابندي يعني ”معاملات“؛ (3) بندن ۽ ٻيءَ مخلوق سان محبت ۽ نيڪيءَ وارو ورتاءُ يعني ”اخلاق“.
مختصر طرح، ”اسلام“ جي اها وصف، -اسلام- جي مڪمل -ترين- شڪل آهي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B3%D9%84%D8%A7%D9%85 اسلام : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== تاريخ ==
سِٽَ 58:
==حوالو==
{{حوالو}}
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
== خارجي ڳنڍڻا ==