استنبول: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: ترڪيءَ جو پهريون گاديءَ جو هنڌ، جنهن جو پراڻو نالو ”قسطنطنيه“ هو. 1930ع ۾ سرڪاري طور تي...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
ترڪيءَ جو پهريون گاديءَ جو هنڌ، جنهن جو پراڻو نالو ”[[قسطنطنيہ|قسطنطنيه]]“ هو. 1930ع ۾ سرڪاري طور تي قسطنطنيه بدران ”استنبول“ نالو رکيو ويو. 1923ع تائين ترڪيءَ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. هينئر ترڪيءَ جو اهم واپاري مرڪز ۽ -بندرگاهه- آهي. هتي يونيورسٽي به آهي، جيڪا 1453ع ۾ قائم ٿي، ۽ 1933ع ۾ اِن جي ٻيهر تنظيم ڪئي وئي. هتي آرٿوڊاڪس يونانين، رومن ڪئٿلڪ ۽ آرميني طريقن جون درسگاهون ۽ خانقاهون آهن. وچئين دؤر جي هن شهر جون ڪئين ميل ڊگهيون ديوارون ۽ قلعا اڄ به موجود آهن. استنبول، ڪيتريون ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن ۽ قبيلن جي آباديءَ وارو شهر آهي. 1973ع ۾ -ايشيا- ۽ يورپ جا حصا هتي جي باسفورس پل ذريعي ڳنڍيا ويا آهن. باسفورس پل 3524 فوٽ ڊگهي آهي. -استنبول- ۾ ئي نبي ڪريم صلي -الله- عليه وسلم -جن- جي ميزبان حضرت
ابو ايوب -انصاري- رضه جي مزار آهي. حضرت بلال رضه جي نالي سان منسوب هڪ خوبصورت مسجد اسلامي فن تعمير جو شاهڪار آهي. هتي ٽوپڪاپي نالي ميوزيم به آهي، جنهن ۾ ٻين نوادرات سان گڏ نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم جو وار مبارڪ پڻ رکيل آهي. ترڪيءَ جو هي شهر قديم ۽ جديد ثقافتن جي ميلاپ جو سهڻو ڏيک ڏيئي ٿو.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B3%D8%AA%D9%86%D8%A8%D9%88%D9%84 استنبول : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}