اختر ھالائي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: خليفو محمد عمر ولد خليفو حافظ عبدالرحمان ميمڻ، 27 ڊسمبر 1917ع تي، هالا ۾ ڄائو. سندس پهريون تخلص ”مجر...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
 
سِٽَ 1:
خليفو محمد عمر ولد خليفو حافظ عبدالرحمان ميمڻ، 27 ڊسمبر 1917ع تي، هالا ۾ ڄائو. سندس پهريون تخلص ”مجرم“ هو، جيڪو 1940ع ۾ بدلائي ”-اختر هالائي-“ اختيار ڪيائين. پاڻ مڪتبن ۾ پڙهيو. -اردو-، فارسي ۽ عربي پنهنجي وڏي -ڀاءُ-، مولوي ميرمحمد ”مداح“ وٽ پڙهڻ ۽ لکڻ سکيو. شروع ۾ گربيون ۽ سوسيون اڻندو ۽ اڻائيندو هو. پوءِ خانداني پيشو، يوناني حڪمت اختيار ڪيائين. هوميوپئٿڪ ۾ به عبور حاصل ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس -استاد- سندس مامو محمد يعقوب ”مهمان“ هو. سندس ڪلام ”فردوس“، ”نئين زندگيءَ“، ۽ ٽماهي ”مهراڻ“ رسالن ۾ اڪثر شايع ٿيندو هو. 1951ع ۾ هفتيوار ”تعمير“ -اخبار- ڪڍيائين. -ان- تي بندش پوڻ کان پوءِ 1953ع ۾ هفتيوار ”ڪوثر“ -جاري- ڪيائين. ڪوثر جي مناسبت سان پنهنجي حڪمت خاني جو نالو به ”چشمهءِ ڪوثر“ رکيائين. پاڻ جيتوڻيڪ ڪيترائي اصلاحي، اخلاقي ۽ سياسي نظم به لکيائين، پر بنيادي طور هو غزل گو شاعر هو. سنڌ جي متعدد ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيائين. -اختر- هالائيءَ 27 -آڪٽوبر- 1959ع تي وفات ڪئي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AE%D8%AA%D8%B1%20%D9%87%D8%A7%D9%84%D8%A7%D8%A6%D9%8A اختر هالائي : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}