احسن الھاشمي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: -احسن الهاشمي-، سنڌي غزل جو اهم شاعر ٿي گذريو آهي، سندس اصل نالو سيد حسن علي شاهه ولد مٺن شاهه هو ۽...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
 
سِٽَ 1:
-احسن الهاشمي-، سنڌي غزل جو اهم شاعر ٿي گذريو آهي، سندس اصل نالو سيد حسن علي شاهه ولد مٺن شاهه هو ۽ پاڻ مٽياروي سيدن جي اجناڻي پاڙي مان آهي، -جن- جي نسب جو سلسلو حضرت -امام- موسيٰ ڪاظم عليه السلام سان ملي ٿو. 23 سيپٽمبر 1923ع تي حيدرآباد شهر جي ٽنڊي مير نورمحمد، لڳ گدو -بندر- ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- گدوبندر پرائمري اسڪول ۾ ورتائين، -ان- کان پوءِ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد، اوريئنٽل ڪاليج امرتسر ۽ درسگاهه ’عالم نزاد جاشڪ‘ -ايران- ۾ حاصل ڪيائين.
شاعريءَ ۾ -اول- وڏي -ڀاءُ- سيد حيدرشاهه ’حيدر‘ سندس رهنمائي ڪئي ۽ پوءِ طالب الموليٰ سائينءَ جي صحبت، رفاقت ۽ همت افزائي ساڻس شامل حال رهي. سندس شاعري اعليٰ پايي جي آهي. 43- 1942ع واري دور ۾ پهريائين خاڪسار تحريڪ ۽ پوءِ مسلم ليگ حيدرآباد شهر جي نئشنل گارڊ جو سالار اعليٰ رهيو. شاهه لطيف جو وڏو پارکو هو.
آخري وقت شاعريءَ جو شغل گهٽ، زمينداريءَ ڏانهن زياده لاڙو رکيائين، سندس ڪلام جو وڏو حصو ضايع ٿي ويو. ڪجهه ڪلام هِتان هُتان هٿ ڪري -تاج- جويي ”سُڪل وڻ صحرا جو“ عنوان سان ترتيب ڏنو آهي ۽ ڇپائيءَ هيٺ آهي. پٽن جي غيرطبعي موت جي صدمي کيس ضعيف ۽ هيڻو ڪري ڇڏيو. آخر ۾ اکين کان به وڏو ٿي ويو. دل جي باءِ پاس به ڪرايائين. 24 -جنوري- 2007ع تي وفات ڪيائين.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AD%D8%B3%D9%86%20%D8%A7%D9%84%D9%87%D8%A7%D8%B4%D9%85%D9%8A احسن الهاشمي : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}