اجرڪ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
{{حوالا}} {{ڪچو}} {{سنڌي قوم پرستي}} زمرو:سنڌي ثقافت شامل ڪيا ويا
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 17:
سنڌ جي هزارن سالن جي -تاريخ- ۾ هن هنر جا ڪئين ڪاريگر پيدا ٿيا هوندا، پر وقت جي وهڪري انهن نالن کي محفوظ نه رکيو. بهرحال ويجهڙ واري دؤر ۾ هيٺين ڪاريگرن جا نالا معلوم ٿيا آهن:
الهڏنو سومرو کٽي، ڀليڏنو سومرو کٽي، حاجي جمعو ۽ يعقوب لٽائي، ويٺل وسي ملوڪ شاهه (-ٽکڙ- جا)، جيڪي -پاڪستان- کان اڳ جا ڪاريگر هئا. حاجي عثمان ۽ طاهر محمد، ٻئي ڀائر مٽيارين جا هئا. سعيدپور جي مَنُو کٽيءَ، وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ حاجي وريل ۽ محمد عيسو به سٺا ڪاريگر ٿي گذريا آهن. حاجي وڪيو شاهه ڪاريگر هو، جنهن مٽيءَ جي پورن سان ڪم ڪيو، ڪاٺ جا پور پوءِ ٺهرايائين. ڀينڊي جو گل محمد سومرو کٽي، سيکاٽ جو حاجي صالح کٽي سومرو ۽ ماتليءَ جو محمد حسن، گذاري ويا. واري -تڙ-، سکر جو ڪاريگر محمد صالح سومرو، 1999ع ۾ گذاري ويو، جيڪو مشهور شاعر ادل سومري جو والد هو. مشهور ڪاريگرن ۾، مٽيارين جو -بچل- ’-بمبئي-‘، ڪم جي سهڻائيءَ ۽ تيزيءَ سبب -بمبئي- نالو پيس. کيبرن جا محمد صديق سهتو ۽ حاجي عثمان،. سيکاٽ ۾ محمد يونس کٽي سومرو، ٽنڊي محمد خان ۾ حاجي ڀليڏنو، حاجي لکاڏنو ۽ حاجي محمد شفيع ماتليءَ ۾ هاڻي محمد حسن جو پٽ محمد عثمان ڪم ڪندو آهي.
ڪي هندو جاتيءَ جا ماڻهو به اڳ ۾ -اجرڪ- ڇُرڻ جو ڪم ڪندا هئا، -جن- مان ڪي هالا ۾ رهندا هئا، جيڪي ڪجهه سال اڳ لڏي ڀارت هليا ويا، -جن- ۾ واسو مل، دولهه ڏنو مل، مينگهومل، ڪيول مل ۽ ڀڳڙي مل جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. مٺيءَ ۾ کتري هندو -اجرڪ- جو ڪم ڪن ٿا، -جن- ۾ نٿو مل کتري هن وقت ڪاريگر ليکيو وڃي ٿو. <ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AC%D8%B1%DA%AA اجرڪ : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>