ابن النديم: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: بوالفرج محمد -بن- اسحاق النديم الوراق البغداديءَ 385هه/995ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڄم جو سن نه ٿو ملي ۽ نه ئي...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
بوالفرج محمد -بن- اسحاق النديم الوراق البغداديءَ 385هه/995ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڄم جو سن نه ٿو ملي ۽ نه ئي سندس حياتيءَ جو احوال معلوم آهي، پر لفظ ’وراق‘ مان خبر پوي ٿي ته هو ڪتابن جو ڪاروبار ڪندو هو، هن 377هه/987ع ۾ عربي ڪتابن جي جامع فهرست شايع ڪئي، جيڪا پوءِ ’فهرست -ابن النديم-‘ يا ’الفهرست‘ جي نالي سان مشهور ٿي. فهرست ۾ اهي سڀ ڪتاب شامل آهن، جيڪي انهيءَ عهد ۾ عربي ٻوليءَ ۾ موجود هئا، يا ٻين ٻولين مان ترجمو ٿي عالم -اسلام- ۾ شامل ٿي ويا هئا. هن علم جي هر شاخ لاءِ الڳ باب لکيو ۽ -ان- فن جي مختصر -تاريخ- بيان ڪرڻ کان پوءِ سڀني مشهور مصنفن ۽ انهن جي تصنيفن کي -تاريخ- وار ترتيب سان لکيو.
ابن النديم -ان- وقت جي سنڌ جي ماڻهن جي حالت، ثقافتي ۽ سماجي پهلوئن، وڻج واپار ۽ ٻوليءَ لاءِ مستعمل رسم الخط جو به ذڪر ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي -باري- ۾ لکيو اٿس ته اُن جا تقريباً ٻه سؤ رسم الخط آهن. ’الفهرست‘ چوٿين صدي هجريءَ جي ادبي ۽ علمي ترقيءَ جو مڪمل آئينو آهي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A8%D9%86%20%D8%A7%D9%84%D9%86%D8%AF%D9%8A%D9%85 ابن النديم : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}