ايٽلانٽڪ سمنڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م ←‏top: clean up using AWB
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
دنيا جي وڏن سمنڊن مان هڪ جو نالو '''ائٽلانٽڪ سمنڊ''' آهي، جنهن کي عربي ۾ ”بحر اوقيانوس“ سڏيو وڃي ٿو. هي پئسفڪ وڏي سمنڊ کانپوءِ دنيا جو ٻيو نمبر وڏو سمنڊآهي. هن جي پکيڙ 31,830,000 ڪروڙ چورس ميل (166,240,000 چورس ڪلوميٽر) آهي. ان ۾ هن سان لاڳاپيل ٻين سمنڊن جي پکيڙ به شامل آهي. ڌرتيءَ جي 5/1 حصي تي اهو سمنڊ پکڙيل آهي. جڏهن ته دنيا ۾ سامونڊي ايراضيءَ جي لحاظ کان اٽڪل 23.9 سيڪڙو ايراضي والاري ٿو. هن سمنڊ جي وڌ ۾ وڌ ويڪر 8 هزار ڪلوميٽر آهي. جڏهن ته ننڍي ۾ ننڍي ويڪر جيڪا [[برازيل]] ۽ آفريڪا کنڊ جي وچ ۾ آهي، سا 2700 ڪلوميٽر اٿس. اتر ۽ ڏکڻ قطب تائين هن سمنڊ جي ڊيگھه 15 هزار ڪلوميٽر آهي. هن سمنڊ تي ائٽلانٽڪ نالو آفريڪا کنڊ جي اتراولهه واري ائٽلس (Atlas) جبل سبب پيو. جيڪو ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ سان لاڳاپيل اوڀر ۾ آهي. جڏهن ته بيفن اُپسمنڊ (Baffin Bay)، هڊسن اُپسمنڊ، سينٽ لارينس نار (Lawrence St. Gulf)، ميڪسيڪو نار ۽ ڪيربين سمنڊ اولهه ۾ اٿس. خط استوا وسيلي، هيءُ سمنڊ ٻن مکيه ڀاڱن يعني اتر ائٽلانٽڪ ۽ ڏکڻ ائٽلانٽڪ ۾ ورهائجي ٿو.
 
ائٽلانٽڪ سمنڊ جي وڌ ۾ وڌ گھرائي، پورٽيروڪو ٽرينچ (Puerto Rico Trench) وٽ آهي. جيڪا 30,249 فوٽ ٿئي ٿي. هيءُ سمنڊ اوڀر ۾ آفريڪا ۽ يورپ کنڊ ۽ اولهه ۾ ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا کنڊن تائين پکڙيل آهي. هن سمنڊ کي دنيا جي سڀني سمنڊن ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. هن سمنڊ ۽ ساڻس لاڳاپيل ننڍن ننڍن سمنڊن تي دنيا جا وڏا وڏا تجارتي بندرگاهه موجود آهن. اهي سڀئي بندرگاهه هن سمنڊ وسيلي هڪٻئي سان واپاري ناتن ۾ جڪڙيل آهن. هن سمنڊ ۾ دنيا جا وڏا وڏا ٿڌا ۽ ڪوسا وهڪرا پيدا ٿيندا رهندا آهن، جن جو دنيا جي اڪثر ملڪن جي آبهوا تي اثر پوندو آهي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A6%D9%BD%D9%84%D8%A7%D9%86%D9%BD%DA%AA%20%D8%B3%D9%85%D9%86%DA%8A ائٽلانٽڪ سمنڊ : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
{{حوالا}}