آگسٽ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 2:
'''آگسٽ''' (August) عيسوي سن جو اٺون مهينو ، جنهن تي اهو نالو ، رومين جي مشهور بادشاهه آگسٽس ( 63 ق . م 14 ق . م ) سبب پيو . جيئن ته رومي بادشاهه آگسٽس نهايت ايماندار ۽ انصاف پسند هوندو هو . تنهن ڪري روم جو عوام منجهانئس ڏاڍو خوش هوندو هو ۽ هن سان گهڻي محبت ۽ عقيدت رکندو هو . آگسٽس جي لفظي معنيٰ آهي دانا. رومين هن کي آگسٽس يعني ” مقدس يا محترم “ جو لقب ڏئي ڇڏيو . انهيءَ لقب پٺيان ، عيسوي سال جي اٺين مهيني تي ، آگسٽ نالو رکي ، رومي عوام پنهنجي عظيم شهنشاهه کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو . <br />
آگسٽس جو اصل نالو آڪٽيوين ( Octavian us ) هو ۽ هو جوليس سيزر جو ڀاڻج هو ۽ سيزر جي قتل بعد روم جو بادشاهه ٿيو . هن روم ملڪ کي تمام گهڻي ترقي وٺرائي . هن جي دور ۾ تعميرات کي فروغ حاصل ٿيو . <br />
جيئن ته ڏينهن جي حساب سان ، [[جولاءِ]] مهيني ۾ 31 ڏينهن ٿي آيا ۽ آگسٽ مهيني ۾ 30 ڏينهن پئي ٿيا . جيڪا ڳالهه رومي عوام کي پسند نه آئي . هنن ڇا ڪيو جو سيپٽمبر مهيني جي 31 ڏينهن مان هڪ ڏينهن گهٽائي ، آگسٽ ۾ آڻي ، ان کي 31 ڏينهن وارو مهينو بنائي ، پنهنجي عقيدت ۽ شهنشاهه جي وڏائيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو . هنن کي اها ڳالهه پسند ئي نه پئي آئي ، ته آگسٽ جو مهينو ، جولاءِ- جوليس سيزر جي نالي سان منسوب ٿيل مهينو ) مهيني کان گهٽ هجي . ان کان سواءِ اها ڳالهه به مشهور آهي ، ته شهنشاهه آگسٽس ، سال جي اٺين مهيني ۾ نهايت سٺا ۽ عوامي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا هئا . انهيءَ مهيني ۾ مصر جي فتح ٿي ، رومي ڪائونسل جي تشڪيل ٿي ۽ روم طويل جنگ جي خاتمي سبب مشهور ٿيو . انهيءَ ئي مهيني ۾ ادب، آرٽ ، موسيقي ۽ شاعريءَ کي ترقي ملي . تعميرات کي عروج حاصل ٿيو .آگسٽ مهيني ۾ ڌرتيءَ جي اڌ حصي تي ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿينديون آهن ، جڏهن ته باقي اڌ حصي تي ڏينهن وڏا ۽ راتيون ننڍيون ٿينديون آهن . هن مهيني ۾ برساتون به خوب پونديون آهن . درياهه موجن ۾ هوندا آهن.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%DA%AF%D8%B3%D9%BD آگسٽ : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
هن مهيني دوران اتر اڌ گول ۾ ڏينهن ننڍا ٿيندا آهن، پر ان جي ابتڙ ڏکڻ اڌ گول ۾ ڏينهن وڏا ٿي ويندا آهن. هن مهيني ۾ مينهن وسن ٿا.
<ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=418 سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار) (فقير محمد سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
==حوالا==