آخوند نور محمد ڀٽي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
م Bot: Fixing redirects
سِٽَ 1:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو استاد، آخوند نور محمد ڀٽي پنهنجي دؤر جو پرهيزگار مُعلِم ٿي گذريو آهي. آخوند نور محمد ڀٽي سنڌ جي هن ڀٽائي صاحب جي ننڍپڻ ۾ کيس [[قرآن|قرآن شريف]] جي تعليم ڏني. ميون نور محمد ڀٽي، گنبٽ جي ڏيرن واري راڄ ويجهو ”وانئين“ جو ويٺل هو ۽ شاهه حبيب جو محبتي ۽ معتقد هو. شاهه حبيب پنهنجي فرزند شاهه عبداللطيف جي [[تعليم]] لاءِ کيس گهرائي پاڻ وٽ رهايو هو. هن شفيق استاد پنهنجي سعادتمند شاگرد کي مڪتبي تعليم پوري ڪرائي، ان بعد سندس وڌيڪ تعليم جو سلسلو جاري نه رهيو، پر ميين نور محمد، شاهه حبيب وٽ پيو ايندو هو. شاهه عبداللطيف جڏهن ڀِٽ کي وسايو تڏهن پنهنجي استاد ميون نور محمد کي سڏائي کيس سندس اوطاق لِيڪي ڏنائين ۽ ڀٽ تي پاڻ وٽ رهايائين. آخوند نور محمد ڀٽيءَ جي ولادت ۽ وفات جي تاريخن بابت تاريخ ۾ ڪي واضح شاهديون ڪو نه مليون آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکت موجب ڀٽ تي آخوند صاحب جي اوطاق جا نشان [[1954ع|1954ء]] تائين موجود هئا، پر انهيءَ سال درگاهه ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستي کي سرڪار طرفان ڪشادي ڪرڻ وقت اها ’ميين جي اوطاق‘ ڊهرائي وئي. ’ميين جي اوطاق‘ ۾ هڪ ’دِڪي‘ ٺهيل هئي، جيڪا چُن َ سان لتل هئي. شايد شاهه صاحب جڏهن پنهنجي استاد وٽ ايندو هو ته ان دِڪيءَ تي ويهندو هو.آخوند نور محمد جي پٽ، ميين ولي محمد جي پڻ ڀٽائي صاحب وٽ وڏي عزت هئي، ايتري قدر جو وفات بعد ميين ولي محمد ئي شاهه صاحب کي غسل ڏياريو ۽ [[جنازي نماز]] پڙهائي هئي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%AE%D9%88%D9%86%D8%AF%20%D9%86%D9%88%D8%B1%20%D9%85%D8%AD%D9%85%D8%AF%20%DA%80%D9%BD%D9%8A آخوند نور محمد ڀٽي : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==