آرامي ٻوليون: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 4:
[[سيريا]] يا [[شام]] جي ڀلوڙ آباد زمينن ۽ ان جي گاديءَ جي هنڌ [[دمشق]] جي ساوڪ سان ڀريل موهيندڙ زمين جي سبب ان کي آرم يا آرم باغ به سڏيو ويندو هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سامي يا سرياني ٻوليءَ جو ٽيون نالو [[آرامي]] آهي. چيو وڃي ٿو ته حضرت نوح جي پُٽ سام جو گهر به شام ۾ ئي هو. تنهنڪري هڙني سامي قومن جي الڳ الڳ ٻولين کي گڏيل طور تي [[سامي]]، [[سرياني]] ۽ [[آرامي]] ٻوليون چيو وڃي ٿو. ٻولين جي سامي ويڙهي ۾ [[فونيقي]]، [[اسيري]]، [[ڪلدي]]، [[عبراني]]، [[بابلي]] ۽ [[حطيطي]] ٻوليون شامل آهن.
 
چون ٿا ته حضرت عيسا جي زماني ۾ [[فلسطين]] ۽ ڪنعان سميت ان جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ [[آرامي]] ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، جيڪا اصل ۾ [[عبراني]] ٻوليءَ جي هڪ شاخ آهي. هاڻوڪي [[عربي]]، اصل ۾ قديم [[آرامي]] ٻوليءَ جي ئي هڪ بدليل شڪل آهي, جنهن جي لپيءَ ۾ تبديلي آيل آهي، پر لپيءَ ۾ اها تبديلي اسلام جي اچڻ کان گهڻو اڳ آئي هئي. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ مڪي شريف ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ علائقن جا رهاڪو گهڻو ڪري [[آرامي]] ٻولي ڳالهائيندا هئا. تنهنڪري قرآن شريف جي آيتن سڳورين ۾ ڪيترائي آرامي لفظ به شامل آهن.<ref>[https://ur.wikipedia.org/wiki/%D8%A2%D8%B1%D8%A7%D9%85%DB%8C_%D8%B2%D8%A8%D8%A7%D9%86%DB%8C%DA%BA آرامی زبان - آزاد دائرۃ المعارف، ویکیپیڈیا<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
==عربي ٻوليءَ جو خاندان==