آبھوا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م ←‏top: clean up using AWB
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
 
سِٽَ 4:
[[سنڌ]] ۾ چار مندون ٿين ٿيون: [[سيارو]]، [[بھار]]، [[اونھارو]] ۽ [[سرء|سرءُ]]. [[فيبروري|فيبروريءَ]] جي اڌ کان بھار يا بسنت جي مند شروع ٿيندي آھي، جيڪا [[اپريل]] جي اڌ تائين ھلي ٿي ۽ پوءِ گرمي شروع ٿيندي آھي. مينھن جي موسم جون، [[جولاءِ]] کان شروع ٿيندي آھي. گرميءَ ۾ ٻنپھرن جو سج ڪاپار تي ھوندو آھي، جنھنڪري گرميءَ جو درجو وڌي ويندو آھي. جون جو مھينو سخت گرم ھوندو آھي. انھيءَ مھيني ۾ [[جيڪب آباد]] ۾ گرميءَ جو درجو 126 فارنهائيٽ ڊگرين تائين پھچي ويندو آھي. عام طرح اونھاري ۾ گرميءَ جو درجو 115 فارنهائيٽ ڊگريون ھوندو آھي. [[نومبر]] کان سياري جي مند شروع ٿي ويندي آھي. سياري ۾ ھوا [[اتر]] اڀرندي کان لڳندي آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن برسات به پوندي آھي.
 
[[ڪراچي]]، [[حيدرآباد]]، [[ٺٽو]] ۽ [[بدين]] ضلعا سامونڊي ڪناري سان لاڳو ھئڻ ڪري، اونھاري ۾ گھٽ گرم ۽ سياري ۾ گھٽ سرد ٿين ٿا. سرءَ جي رت تپاوليءَ ۽ پن ڇڻ جي رت ھوندي آھي ۽ [[سيپٽمبر]] ۽ [[آڪٽوبر]] جا ڏھاڙا سرءَ ۾ شمار ٿيندا آھن. ھيءَ مند [[ڪڻڪ]] پوکڻ جي ھوندي آھي. سنڌ جي جدا جدا خطن ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن وانگر گرميءَ توڙي سرديءَ جو درجو گھٽ وڌ به ٿيندو رھندو آھي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%A8%DA%BE%D9%88%D8%A7 آبھوا : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}