شڪارپور: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 4:
 
 
===تاريخ===
[[مرزا قليچ بيگ]] لکيو آهي تہ:«شڪارپور: هي شهر [[دائود پوٽن]] جو هو. سنه 1617ع ۾ جڏهن هنن [[لکي]] جي ميرن کي جنگ ۾ شڪست ڏني. تڏهن هيءُ شهر ٻڌائون ۽ پوءِ به سو کن ورهين تائين دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ انهي شهر جي هٿ ڪرڻ لاءِ جهيڙو هليو آيو. [[ميان يار محمد]] جي ڏينهن ۾ اهو شهر پنوهرن جي هٿ ۾ هو ۽ انهيءَ جو نالو خدا آباد رکيائون. آخر [[احمد شاھ دراني]] هٿ ڪري منجهس هڪڙو افغان حاڪم ويهاري، انهيءَ کي [[سيوي]] جي پرڳڻي سان شامل ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ کان پوءِ افغاني قافلا اتي اچڻ لڳا ۽ واپار وڌڻ ڪري شاهوڪار اچي گڏ ٿيا. اڪثر شهر ۾ [[سيد]] ۽ ملا ۽ [[افغان]] رهندا هئا. انهن مان مشهور ماڻهو هي هئا. (1) [[سيد محمد تقي بخاري]] ۽ سندس پٽ سيد ابو طالب ۽ سيد مير محمد (2) [[حاجي فقير الله]] اهي ٻئي فضيلت ۽ علميت ۽ پرهيز گاري وارا ماڻهو هئا. نزديڪي ۾ [[ماڙي جو ڳوٺ]] آهي، جنهن ۾ [[لکي پير جي قبر]] آهي. جنهن جي پٺيان لکيءَ جو ڳوٺ سڏجي ٿو. اتي هڪڙو گرم چشمو به آهي.»<ref>قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>