ڪوپرنيڪس: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: اڳ ۾ اهو خيال موجود هو ته زمين کتل هئي ۽ سج، چنڊ، تارا مٿس لٿا اڀريا ٿي. اهو رايو نه رڳو عام جي مشاه...
 
م ←‏top: clean up using AWB
سِٽَ 1:
اڳ ۾ اهو خيال موجود هو ته زمين کتل هئي ۽ سج، چنڊ، تارا مٿس لٿا اڀريا ٿي. اهو رايو نه رڳو عام جي مشاهدي تي بيٺل هو، پر مذهب جي راءِ به ساڳي هئي، جنهن سان ارسطاطاليس ۽ هڪ ٽاليمي تارن جي علم جو ماهر به متفق هئا. جڏهن 1492ع ۾ ڪِرسٽوفر ڪولمبس (Christopher Columbus) مهاساگر پار ڪري وڃي نئين دنيا لڌي، تڏهن يورپ جي اک کلي ته مار! هي جو اسين سمجهي ويٺا هئاسين ته يورپ جي اولهه وارو پاڻي ڌرتيءَ جي حد هئي سو ته صحيح ڪو نه نڪتو. پوءِ ته گهڙي پيا اجهاڳ ۾ ۽ دنيا جو افق تصور ۾ گهڻو وڌي ويو ۽ هر هڪ قدم اڳتي حوصلو وڌائيندو رهين.
 
1543ع ۾ پولينڊ جي علم هيئت جي ماهر '''نڪولس ڪوپرنيڪس''' (Nicolaus Copernicus) ظاهر ڪيو ته زمين کتل نه آهي، پر سج جي چؤڦير خلا ۾ آزاد ڦرندي ٿي وتي. ان جي هاڪار اٽليءَ جي گئليلو گئليلي (Galileo Galilei) ڪئي، جنهن ٽيليسڪوپ سان پوري تحقيقات ڪئي هئي ۽ بيڪن جو همعصر هو پر بيڪن مڇ ئي نه ڇنڊيس، حالانڪ موجوده راءِ موجب کانئس اڳڀرو هو. بيڪن ڪوپرنيڪس جي نظريي کي ٿڏيو ته سندس هڪ ٻئي همعصر برونو اکين تي رکيس. ڇاڪاڻ جو هاڻي ڌرتي ڌڪاڻيل ۽ عرش کان هيٺ ڪيريل ڪانه هئي پر آزاد ۽ عرش واسي هئي ۽ سندس رهواسي ڪنهن به مخلوق کان گهٽ نه هئا پر زور ته هميشه پاڻ کي سچو سمجهي ڪري گذرندو آهي، جيسين سچ زور پڪڙي، کيس ڏوهاري ٺهرائي. سو ويچارو برونو به ڪفر جي فتويٰ هيٺ مذهبي بانيڪارن روم ۾ جيئري جلائي ڇڏيو. 1633ع ۾ گئليلو به ساڳي عدالت جي گرفت ۾ ڪافر ثابت ٿيو. پر توبهه تائب ٿي جان بچايائين. چون ٿا ته توبهه ڪرڻ کان پوءِ جڏهن گوڏا زمين تان کنيائين ٿي ته وري به دل ۾ آيس ته ڌرتي ته اها ئي پئي ڦري. اڄ ته ڪو اڻ پڙهيل به ائين ڪو نه چوندو ته زمين کتل آهي، جو ڪيترا ته سندس چؤڦير چڪر به ڦري آيا آهن. <ref>http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Science_n_Tech/Book1/Book_page3.html</ref>
<ref>ڪتاب: نفسيات (پاڻ سڃاڻ)</ref>
 
{{حوالا}}
 
 
[[زمرو:فلڪيات]]