بارود: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م ←‏top: clean up using AWB
سِٽَ 3:
بارود جي ايجاد کي راجر بيڪن يا برٿولڊ شوارٽز (Berthold Schwarz) ڏانهن منسوب ڪيو ويندو هو، پر نئين تحقيق مطابق بارود جي ايجاد 9 صديءَ ڌاري چين ۾ ٿي. يورپ ۾ هن جو رواج 14 صديءَ ۾ پيو، جنهن کان پوءِ جنگ جي طريقن ۾ انقلاب اچي ويو. 19 صديءَ ۾ اهڙا بارود ايجاد ٿيا، جيڪي دونهين کان پاڪ هئا. [[1864ء|1864ع]] ۾ پروشيا ([[جرمني|جرمنيءَ]]) جي توپ خاني واري ڪپتان ايڊورڊ شلٽرز هڪ اهڙو بارود ٺاهيو، جيڪو [[1870ء|1870ع]] کان پوءِ شلٽز پائوڊر جي نالي سان مشهور ٿيو. گهڻو ڪري شوري ۽ نباتي ريشن جي جزن مان ٺهيل دونهين کان پاڪ بارود جو غالباً پهريون ڪامياب مثال هو. هي بارود بندوقن، شيلڪي ڪارتوسن ۾، دستي بمن ۽ توپ جي گولن ڇڏڻ لاءِ استعمال ٿيندو هو. پال ويئيل (Paul Vieille) 1885ع ۾ رائيفلن لاءِ شوري ۾ تَر ٿيل ڪپهه، ايٿر ۽ الڪوهل جي ميلاپ سان بارود تيار ڪيو، جيڪو بارود ”ب“ (Powder-B) جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ائلفرڊ نوبل (Alfred Noble) بعد ۾ ان ۾ بيلٽسائٽ جو اضافو ڪيو ۽ شوري ۾ تر ڪپهه کي شوري ۽ گليسرين جي ڪريم ۾ ماري نئون بارود ٺاهيو. ڪارڊائٽ (Cordite) دونهين کان پاڪ هڪ ٻيو بارود آهي، جيڪو سر ايف. اي ايبل ۽ سر جيمز ڊيوار 1889ع ۾ ايجاد ڪيو. ان ۾ شوري جي وڏي مقدار ۾ تر ٿيل گن ڪاٽن ۽ نائٽرو گليسرين هوندي آهي، جن کي ائسيٽون (Acetone) جي مدد سان گڏايو ويندو آهي. ان کان سواءِ انڊيورائٽ (Indurate) بارود، سي. اي منرو (Monroe) 1891ع ۾ ايجاد ڪيو. ان کان پوءِ اڄ تائين بارود وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ سڄيءَ دنيا لاءِ خوف جي علامت بنيل آهي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%D8%B1%D9%88%D8%AF</ref>
{{حوالا}}
 
[[زمرو:سائنس]]