اخبار: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
Undo revision 78643 by Nadeem alibroihi (talk)
م ←‏top: clean up using AWB
سِٽَ 4:
اخبار-“ لفظ ”خبر“ جو جمع آهي. انگريزيءَ ۾ خبر لاءِ لفظ NEWS استعمال ٿئي ٿو. جيڪو مختلف ڏسائن North,East,West & South جا ابتدائي لفظ کڻي ٺاهيو ويو آهي. خبرون ريڊيو، ٽي. ويءَ ۽ -اخبار- ذريعي ماڻهن تائين پهچن ٿيون. لفظ -اخبار- جي اصطلاحي معنيٰ: اهڙا ورق يا پنا، -جن- تي خبرون، -ايڊيٽوريل-، مضمون ۽ ڪالم وغيره ڇپيل هجن. پراڻي زماني ۾ جڏهن -اخبار- جو ذريعو نه هو، ته خبرون، دهل وڄائي، ماڻهن کي گڏ ڪري ٻڌايون وينديون هيون. اهو بندوبست -بادشاهه- يا حاڪم پاران ڪيو ويندو هو، جنهن ذريعي ماڻهن تائين اعلان پهچندا هئا. اهڙن اعلانن کي پڙهو ڏيڻ به چيو ويندو هو. ساڳئي وقت مقرر ٿيل وقائع نويس به روزانو يا هفتيوار ملڪ جا حالات لکي حاڪم کي موڪليندا هئا.
دنيا جي پهرين قلمي -اخبار- اٺين صدي عيسويءَ ڌاري، چين ملڪ جي شهر بيجنگ مان -جاري- ٿي. -ان- کان پوءِ -اخبار- جا نوان طريقا ايجاد ٿيندا ويا. پندرهين ۽ سورهين صدي عيسويءَ ۾، يورپ ۾ -اخبار- ڇپڻ لاءِ ڇاپخانا ايجاد ٿيا. اوڻيهين صديءَ ۾ -اخبار- جديد روپ سان اڳيان آئي. ويهين صديءَ ۾، اخبارن ۾ -تصويرون- ۽ مورتون ڇپجڻ لڳيون. جديد دؤر ۾ اخبارون ڪمپيوٽر وسيلي نڪرن ٿيون. ۽ هاڻي ته انٽرنيٽ تي پڻ اخبارون موجود آهن، يعني ڪاغذ کان سواءِ اخبارون -جاري- ٿيڻ لڳيون آهن. بهرحال مختلف ملڪن مان مختلف ٻولين ۾ روزانيون ۽ هفتيوار اخبارون، هزارن جي تعداد ۾ ڇپجن ٿيون.
هر -اخبار- جي انتظاميا جا پنهنجا پنهنجا مقصد ۽ پاليسيون هونديون آهن. انهن جي پرچار ڪندي -اخبار- ۾، ملڪي ۽ غيرملڪي اخبارن جي خبرن ۾، ملڪي خبرن کي ترجيح ڏني ويندي آهي. سنڌ مان، سنڌي ٻوليءَ ۾ 20 کان مٿي روزانيون اخبارون نڪرن ٿيون. <ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AE%D8%A8%D8%A7%D8%B1</ref><ref>https://en.wikipedia.org/wiki/Newspaper</ref>