ٻين مھاڀاري جنگ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''ٻي عالمي جنگ''' انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي، طويل ۽ خونريز ۽ تباهه ڪن لڙائي ٻي عالمي جنگ هئي، جيڪا...
 
م clean up using AWB
سِٽَ 5:
جرمني ۽ روس جي خوفناڪ لڙائي: ٻي عالمي جنگ جو فيصلو جرمني ۽ روس جي شديد، طويل ۽ خونريز جنگ جي نتيجي ۾ وڃي ٿيو. هٽلر روس سان جنگ ۾ شڪست کانپوءِ هر محاذ تي پوئتي پوندو ويو. تان جو دشمن جرمنيءَ کي چئن ئي طرفن کان گھيري ويا. هٽلر جي Minister for Armament يعني (هٿيارن واري وزير) البرٽ اسپيئر پنهنجين ياداشتن ۾ لکيو آهي ته، ”ڪابينا جي جنهن اجلاس ۾ هٽلر روس تي حملي جو پلان (Operation Barbarossa) ”آپريشن باربروسا“ جي منظوري ڏني، ان وقت هو فرانس کي ڏيڍ مهيني جي مختصر جنگ ۾ اڳئي شڪست ڏئي چڪو هو ۽ کلندي کيس چيو هئائين ته:<ref name="سنڌيانا"/>
 
“As Compared to war with France the “Operation Barbarosa” will be a child’s play”.
 
عني ”فرانس سان ٿيل جنگ جي نسبت آپريشن باربروسا ته اسان لاءِ هڪ ٻارن جي راند ثابت ٿيندي.“ پر ائين ٿيو ڪونه. روس تي حملي هٽلر کي ائين تباهه ڪري ڇڏيو، جيئن ڏيڍ سؤ سال اڳ ۾ نيپولين جي لکين سپاهين جي زبردست فرينچ فوج کي روس ۾ تباهه ڪيو ويو هو. نيپولين پنهنجي چند هزار جان نثار سپاهين سان وڏي مشڪل سان پنهنجي جان بچائي واپس فرانس پهچي سگھيو هو. جيتوڻيڪ هن ماسڪو شهر تي به قبضو ڪري سڄي شهر کي ساڙائي ڇڏيو هو ۽ هٽلر جي فوج تي ماسڪو کان 35 ميل پري رهجي وئي هئي. برطانيه جي فيلڊ مارشل منٽگو مري ته چيو هو ته: ”جنگ جي وڏن اصولن ۾ هاڻي هن اصول جو به اضافو ٿيڻ کپي ته:(Never march on Moscow) يعني ”ماسڪو تي ڪڏهن به حملو نه ڪجو.“ فاتح روسي فوج ۽ برلن تي روسي حملي جي اڳواڻي ڪندڙ جنرل زوخوف جرمنيءَ جي شڪست ۽ روس جي فتح جو وڏو سبب اهو ٻڌايو هو ته، ”هٽلر پنهنجي طاقت جو حقيقت کان وڌيڪ ۽ اسان جي طاقت جو حقيقت کان گھٽ اندازو لڳايو هو.“ ساڳيو جرمن وزير جنگ البرٽ اسپيئر پنهنجين يادگيرن ۾ اهو به لکي ٿو ته، ”بعد ۾ روس هٿان جرمنيءَ جي شڪست تي تبصرو ڪندي هٽلر وڏي اداسيءَ سان کيس چيو هو ته:<ref name="سنڌيانا"/>
 
“Future belongs to our powerful neighbour as Germans have proved themselves weaker people.”
 
يعني ”مستقبل اسان جي طاقتور پاڙيسري (روس) جو آهي، ڇاڪاڻ جو جرمن قوم پاڻ کي (روسين جي ڀيٽ ۾) ڪمزور ثابت ڪيو آهي.“
 
روس تي حملو ڪندڙن لاءِ وڏي ۾ وڏي مسئلو هميشه لاءِ پنهنجين فوجن کي هٿيار، بارود، کاڌي، تيل ۽ ضروري شين جي سپلاءِ جو رهيو آهي ۽ ٻيو وڏي ۾ وڏي مسئلو روس جي خوفناڪ سردي هئي. جنهن ۾ روسين کان سواءِ ٻيا ٻاهران حملي آور نه ٿي وڙهي سگھيا. روسين ۽ سردي ٻنهي سان وڙهڻ مشڪل هو. جرمنيءَ سان به ائين ٿيو. جرمنيءَ جو پلان هو ته ايندڙ سردين کان اڳ ۾ روسين کي شڪست ڏني ويندي. ائين ٿيو ڪونه روسي پويان هٽندا ۽ ملڪ خالي ڪندا ويا ۽ پويان فصل ۽ ٻيون ضرورت جون شيون به برباد ڪندا ويا. اهڙيءَ طرح جرمنيءَ کي دوبدو وڙهڻ جو موقعو ئي ڪونه مليو، جو روسي فوجن کي ختم ڪري سگھي. ان کانپوءِ جرمن فوجون پيشقدمي ڪندي 5 ڊسمبر 1941ع تي ماسڪو کان 35 ميل پري پهچي بيهي رهيون، جو انهن جي سپلاءِ لائين ان کان وڌيڪ سلامت ڪانه هئي ۽ روسي گوريلا فوجون هر هنڌ انهن تي حملا ڪري رهيون هيون، جرمن ته ايتري روسي علائقي تي قبضو ڪري چڪو هو، جو روسي اهو 1944ع تائين جرمن فوجن کان مس خالي ڪرائي سگھيا هئا.<ref name="سنڌيانا"/>