وڪيپيڊيا:ڪَثِرَتاً پُڇيا وِيندَڙ سُوالَ (ڪَپُوس): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 7:
==ڪهڙي موضوع تي مضمون لکي سگھجي ٿو؟==
{{مبسس4}}[[:category:سائنس|سائنس]]، [[:category:ڀونءِ ڀياس ۽ ڀونءِ نگاري|ڀونءِ نگاري]]، [[:category:معاشيات|معاشيات]]، [[:category:آرٽس|آرٽس]]، [[:category:لطيف فن|لطيف فن]]، [[:category:ادب|ادب]]، [[:category:شوبز|شوبز]]، [[:category:شخصيات|شخصيات]]، [[:category:تاريخ|تاريخ]]، [[:category:سياست|سياست]]، [[:category:رانديون|رانديون]]، [[:category:شاعري|شاعري]]، مطلب ته دنيا جي هر موضوع تي مضمون لکي سنڌي وڪيپيڊيا تي رکي سگھجي ٿو. توهان جنهن به شعبي سان تعلق رکو ٿا ۽ جنهن به موضوع تي ٿوري به ڄاڻ رکو ٿا، ان تي پنهنجي پسند ۽ ميسر وقت سارو ڪو به مضمون لکي رکي سگھو ٿا. تنهن کان سواءِ جيڪڏهن توهان سنڌي وڪيپيڊيا تي اڳي ئي موجود ڪنهن مضمون ۾ واڌارو ڪرڻ چاهيو، ڀلي هڪ جملي جو ئي سهي، ته ضرور اهڙو واڌارو ڪندا. ان کان سواءِ جيڪڏهن توهان ڪنهن موضوع تي ترجما ڪرڻ جو شوق رکو ٿا ته مهرباني ڪري انگريزي يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي وڪيپيڊيا تان مضمون جيئن جو تيئن ڪاپي ڪري سنڌي وڪيپيڊيا تي پيسٽ ڪندا ۽ پوءِ ميسر وقت پٽاندر هوريان هوريان مضمون جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪندا ويندا.
 
==ڪهڙن صفحن ۾ ترميم ڪري سگھجي ٿي؟==
{{مبسس4}}اڪثر صفحا اهڙا آهن، جن ۾ ڪير به ترميم ڪري سگھي ٿو. توهان ڀلي لاگ اِن نه ٿيل هجو يا ڀلي توهان جو کاتو به نه کليل هجي، پوءِ به توهان اڪثر صفحن ۾ ترميم ڪري سگھو ٿا. ڪي چند صفحا اهڙا هوندا آهن جن کي صرف ۽ صرف منتظمين ئي سنواري يا تبديل ڪري سگھن ٿا، جهڙوڪ مُک صفحو. اهڙن صفحن کي تحفظيل صفحا چيو ويندو آهي. مطلب ته جن صفحن کي منتظمين تحفظي ڇڏيندا، انهن صفحن کي هر يوزر ترميمي نه ٿو سگھي. ان کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن منتظمين ڪن صفحن کي نيم تحفظيندا آهن. اهڙن صفحن کي صرف اهي ئي يوزر ترميمي سگھندا آهن جن جو وڪيپيڊيا تي کاتو کُليل هوندو آهي.
 
==نياپو ڪيئن ڪجي==