ڪٽنب: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
[[File:Family.svg|thumb|200px]]
{{مبسس4}}
معاشري ۾ رھڻ لاءِ [[انسان]] اڪيلو زندگي نٿو گذاري سگھي۔ ان لاءِ انسانن سان گڏ رھڻ جو نظام ٺاھيو ويو، جيڪو صدین کان لاڳو آھي۔ ھن نظام تحت انسان ڪنھن معاشري ۾ رھڻ لاءِ لاڳاپا ٺاھيندو آھي۔ پنھنجو ھڪ الڳ گھر ٺاھيندو آھي ۽ پوءِ اُن گھر جو وڏو بڻجي، گھر جي نظام کي سٺي طریقي سان ھلائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي۔ ھن نظام کي ڪُٽنب چيو ويندو آھي۔ ُن ۾ ڪنھن به انسان جا ويجھا ۽ خوني مائٽ شامل ٿي سگھن ٿا۔ ڪُٽنب جو سربراھ گھڻو ڪري بزرگ یا وڏي عُمر وارو شخص ھوندو آھي۔
 
اڄ کان هزارين سال اڳ ابتدائي وحشي دور ۾ انسان اڪيلو زندگي گذاريندو هو. هن کي خانداني رشتن جي ساڃاهه ڪانه هوندي هئي ۽ هو گڏيل زندگي جي لاڀ کان نا آشنا هو. پر جڏهن حالتون بدلجڻ لڳيون، سماج ترقي ڪرڻ لڳو ته هو انهيءَ سان اڪيلي سر ٽڪر کائڻ ۽ منهن ڏيڻ جي اهل ٿي نه سگهيو. هو اڪيلي سر نه صرف غذا حاصل ڪرڻ ۾ تڪليف محسوس ڪرڻ لڳو پر ويرين جي حملي کان به پاڻ بچائي نه سگهيو ته هن اڪيلي سر جيون گهارڻ کان گروهن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. گروهن ۾ رهڻ ڪري هن کي شڪار ڪرڻ، غذا حاصل ڪرڻ ۽ ويرين جي حملي کان پاڻ بچائڻ جي سهولت ملي. ان ڪري اوائلي انسان ۾ ٻين سان گڏ رهڻ ۽ گڏجي محنت ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو. جڏهن انسان ابتدائي وحشي سماج ۾ گروهن جي شڪل ۾ رهڻ شروع ڪيو ته شروع ۾ هو خوني مائٽيءَ جي جذبي تحت گڏ ٿيو ۽ ان ئي لاڳاپي تحت ڪٽنب جو بنياد پيو.