وڪيپيڊيا:ڪَثِرَتاً پُڇيا وِيندَڙ سُوالَ (ڪَپُوس): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
==نياپو ڪيئن ڪجي==
{{مبسس4}}توهان کي جيڪو به نياپو وصول ٿيندو، اهو نوٽ ڪندا ته توهان جي ٽاڪ پيج تي ڇڏيل هُوندو. اهڙي ڇڏيل نياپي جي ڀرسان نياپو موڪليندڙ جِِي آئِي ڊِي يعني ته سُڃاڻَپَ به ليکللکل هوندي. ان کي ڪلڪ ڪندا ته سندس يوزر پيج تي پهچي ويندا. جيڪڏهن توهان به هُنَ لاءِ نياپو ڇڏڻ چاهيو ٿا ته سندس ٽاڪ پيج تي ڇڏيندا. مطلب ته سندس يُوزر پيج کُلندو ته توهان کي سندس تعارف نظر ايندو. ۽ مٿان ”بحث‟ يا ”ڊسڪشن‟ نالي هڪ چُٽڪِي نظر ايندي. بحث واري ان چُٽڪِيءَ کي ڪلڪ ڪندا ته سندس ٽاڪ پيج کلندو. جيڪو به نياپو ڏيڻو هجي اتي ڇڏيندا ۽ نياپي جي آخر ۾ چار لهرون ‌‌~ ضرور ٽائيپ ڪندا. ان سان کيس معلوم ٿيندو ته اهو نياپو ڪنهن ڇڏيو آهي. پر ان لاءِ ضروري آهي ته اهو سڀ ڪرڻ کان اڳ توهان سائِينِ اِنِ ٿيل هُجو. جيڪڏهن توهان سائين ان ٿيڻ کان سواءِ نياپو ڇڏيندا ته نياپو ته کيس وصول ٿِي ويندو پر کيس اها خبر نه پوندي ته اهو نياپو ڪنهن ڇڏيو آهي. <br>
اوهان کي مک صفحي تي ساڄي پاسي ڪجھه ڳنڍڻا يعني ته لنڪس نظر ايندا. جيڪڏهن اوهان غور ڪندا ته اوهان کي انهن منجھه ”خاص صفحا‟ جو ڳنڍڻو پڻ نظر ايندو. ان کي ڪلڪ ڪندا ته نئون صفحو کلندو، جنهن ۾ ڳنڍڻن جي هڪ فهرستَ ڏنل هوندي. اها فهرستَ الفبيوار آهي. ان ۾ توهان کي يُوزر لسٽ جو ڳنڍڻو به نظر ايندو. يُوزر لسٽ تي ويندا ته توهان کي وڪيپيڊيا تي ايندڙ سمورن يُوزرس جو نالو نظر ايندو ۽ توهان جو پنهنجو به. ان کان سواءِ انهن سڀني دوستن جون آئِي ڊيز نظر اينديون جن ڪڏهن وڪيپيڊيا تي پير ڀريا ته هئا، پر جيئن ويا آهن ته وري مڙي ڪو نه نهاريو اٿن. مطلب ته سڀني جون آئِي ڊيز نظر اينديون. ڪنهن تي به ڪلڪ ڪرڻ سان توهان انهن جي يُوزر پيج تي پهچي سگھو ٿا.
جڏهن توهان وڪيپيڊيا جي مُک صفحي تي سائين ان ٿيڻ کان پوءِ نظر ڊوڙائيندا ته توهان کي مٿي کاٻي پاسي ”مون سان ڳالهه‟ جو ڳنڍڻو نظر ايندو. جنهن تي اوهان ڪلڪ ڪندا ته اوهان پنهنجي ئي ٽاڪ پيج تي پهچي ويندا.