ڏکڻ آمريڪا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
{{کنڊ}} {{حوالا}} زمرو:کنڊ
م clean up using AWB
سِٽَ 1:
[[عڪس:South_America_satellite_orthographic.jpg|thumb|اتر آمريڪا کنڊ]]
'''ڏکڻ آمريڪا''' ستن کنڊن مان هڪ آهي.
 
== جاگرافي ==
سِٽَ 9:
انڊيز هتان جو سڀ کان وڏو جابلو سلسلو آهي جڏهن ته کنڊ جي اوڀر واري علائقي ۾ اميزون درياه سان گڏ جھنگن سان ڀريو پيو آهي.
 
اميزون جو وڏو جھنگ  2510000 چورس ميلن تي پکڙيل آهي ۽ اندازن دنيا جي سڀ معلوم ٿيل زنده جانورن جي اڌ آبادي هتي آهي. <ref>ڈی کے اسٹوڈنٹس اٹلس، ناشر: ڈی کے پبلشنگ انکارپوریٹڈ، آئی ایس بی این 0789490528</ref>
 
اميزون ۽ پارانا هتي جا وڏا درياهه آهن جيڪي اوقيانوس وڏي سمنڊ ۾ ڪرن ٿا. انڊيز جي جابلو سلسلي ۾ آتش فشان به آهن جن ۾ کنڊ جو سڀ کان وڏو متحرڪ آتش فشان ڪوٽوپاڪسي به شامل آهي جنهن جي بلندي 19347 فٽ آهي. هي آتش فشان اولهه جي ملڪ [[الڪويڊور]] ۾ آهي.انڊيز جپو جابلو سلسلو اتر ۾ ڏکڻ ۾ پکڙيل آهي جنهن جي ويڪر 4500 ميل آهي. اهڙي طرح هي دنيا جو ڊگھو ترين جابلو سلسلو آهي.
سِٽَ 15:
کنڊ ۾ ريستاني علائقا به آهن جن ۾ [[پينٽاگونيا]] ۽ ايٽاڪاما [[ريگستان]] مشهور آهن.
 
دنيا جو سڀ کان وڏو آبشار ”اينجل آبشار“، ايراضي جي حصاب سان سڀ کان وڏو درياهه ”اميزون درياهه“ ، ڊگھو ترين جابلو سلسلو ”انڊيز“، زمين جو خشڪ ترين علائقو ”ايٽاڪاما ريگستان“، سڀ کان وڏو جھنگ ”اميزون جھنگ“، سمنڊ جي سطح کان سڀ کان مٿي گادي جو هنڌ ”[[لاپاز]]، بوليويا“، دنيا جي سڀ کان اوچي [[ڍنڍ]] ”ٽيٽيڪاڪا ڍنڍ“ ۽ ڏکڻ ۾ دنيا جو سڀ کان ڏورانهون شهر ”پورٽو ٽورٽو، [[چلي]]“ هن ئي کنڊ م آهي.
 
== تاريخ ==
17 هين صدي ۾ [[اسپين]] ۽ [[پرتگال]] جي جهازرانن جي طرفان هن زمين جي ڳولهڻ کان پوء ٻنهي ملڪ هتي قبضو ڪري ڇڏيو ۽ هتان جا ملڪ ڊگھي غلامي ۾ هليا ويا. اسپين ۽ پرتگال هتي پنهنجي ثقافت جو گهرو اثر ڇڏيو جيڪو اڄ به ڏسي سگھجي ٿو. ڏکڻ  آمريڪا جي ملڪ برازيل ۾ پرتگيزي جڏهن ته تقريبن ٻين ملڪن ۾ هسپانوي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. اتر ۾ سرينام ۽ گيانا جا ننڍا  ملڪ نيدرلينڊ ۽ [[برطانيه]] جي غلامي ۾ رهيا آهن. ڊگھي غلامي جي ڪري هتي مختلف نسلن جا ماڻهو ملن ٿا جن ۾ يورپي، آبائي آمريڪي ۽ آفريڪي نسل شامل آهن. ڪجھ اصل آمريڪي ماڻهو اڄ به آميزون جي گھاٽن جھنگن م رهن ٿا.
 
== آبادي ==
سِٽَ 38:
</small>
|}
کنڊ جي اڪثريت ساحلي علائقن ۾ رهي ٿي. برازيل ايراضي ۽ آبادي جي لحاظ کان کنڊ جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي ۽ کنڊ جي آبادي جو اڌ هتان کن تعلق رکي ٿو. گھڻي آبادي شهرن ۾رهي ٿي جن ۾ ڪافي شهر گھاٽي آبادي ۽ غير مغياري رهائشي سهولتن جي ڪري مسئلن جو شڪار آهن. برازيل جو شهر سائو پولو دنيا جي تيزي سان وڌندڙ شهرن مان هڪ آهي ۽ هن کنڊ جو سڀ کان وڏو شهر آهي. اميزون جا جھنگ ۽ انڊيز جو جابلو سلسلو نه جي برابر آباد آهن.
 
== معيشت ==
سِٽَ 49:
دنيا ۾ ملندڙ ڪيترائي ٻوٽا ڏکڻ آمريڪا جي پيداوار آهن جن ۾ ٽماٽو ۽ پٽاٽو قابلِ ذڪر آهن. اڄڪله ۡافي، ڪوڪا ، رٻڙ ، مڪئي ۽ ڪمند هتان جون اهم پوکون آهن جڏهن ته انڊيز جي وادين ۾ [[انگور]] به پوکيا وڃن ٿا.
 
کنڊ جو گھڻو حصو [[انٽارڪٽيڪا]] جي ويجھو هجڻ جي ڪري ڏاڍو ٿڌو علائقو آهي.
 
== ملڪ ==
گڏيل قومن موجب هيٺيان ملڪ ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۾ آهن.
 
 
 
{{کنڊ}}
{{حوالا}}
 
 
 
[[زمرو:کنڊ]]