استاد بخاري: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 86:
== مڃتا ==
 
استاد بخاري پروفيشنل حساب سان سورنهن سال ٻارڙن جي تربيت ڪرڻ کان پوءِ پهريون سيڪنڊري اسڪول ٽيچر ۽ 1963ع ۾ ليڪچرار ٿيو. هن دوران هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ليڪچرار کان پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر به بڻيو، جنهن تان 60 سالن جي ڄمار ۾ رٽائر ڪيائون. سندن علمي خدمتن عيوض سنڌ سرڪار ڊگري ڪاليج دادو جو نالو استاد بخاري ڊگري ڪاليج رکيو آهي. کيس وفات کان پوءِادبيپوءِ ادبي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان تمغهءِ حُسن ڪارڪردگي ڏنو.<ref>https://en.wikipedia.org/wiki/Pride_of_Performance_Awards_(2000%E2%80%9309)</ref>
 
استاد بخاري نه صرف لائق استاد ۽ سٺو شاعر هيو، پر هُو هڪ سٺو موسيقار پڻ هو. هن پنهنجي ڪيترن ئي گيتن جون ڌنون ترتيب ڏنيون. استاد سموري حياتي شاعري جي جھول ۾ تازا توانا گيت ڀيٽا ڏنا. استاد بخاري بلڊ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪو هيو. موت سان وڙهندي استاد لنڊن مان بلڊ ٽرانفريشن به ڪرائي، نيٺ 9 آڪٽوبر 1992ع تي استاد لاڏاڻو ڪري ويو. ڪيترائي سال گذري چڪا آهن تڏهن به استاد جي شاعريءَ ساڳي پاٻوه ۽ شوق سان پڙهي ويندي آهي.