شِو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: موبائل ايپ سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
'''شِو''' ديوتا تمام قديم آهي، شِو جو مطلب آهي ”مبارڪ“ جيڪا عام طور استعمال ۾ اچي ٿي ٻيون معنائون آهن، مهربان، نيڪ دل، شفيق، روشن ۽ مسرور وغيره. شِو ديوتا هندن جي [[ٽمورتي]] (تريمورتي) جو حصو آهي. ان ٽمورتي ۾ ٽي ديوتا شامل آهن، [[برهما]]، [[وشنو]] ۽ شِو. ٽمورتي ۾ وشنو ۽ شِو جي گڏ هجڻ باوجود هندن ۾ هڪڙا [[وشنوپرست]] آهن ته ٻيا [[شِوپرست]].
شِو ديوتا جي قديم دور ۾ [[سنڌ]]، [[پنجاب]]، [[خيبر پختونخوا]] ۽ [[بلوچستان (صوبو)|بلوچستان]] جي واديءَ ۾ پوڄا جو عام رواج هو. انهيءَ دور ۾ شِو زرخيزي جو ديوتا ڪري ڪوٺيو ويندو هو. ان وقت شِو جو خطاب هو ”پسوپتي“ يا حيوانن جو مالڪ ۽ پالڻهار. آدجڳاد کان نانگ کي پڻ زرخيزي جي علامت تصور ڪيو ويندو آهي. تنهنڪري شِو ديوتا کي عام طور نانگ سميت ظاهر ڪيو ويندو آهي.
 
[[|frame|شِو ديوتا، هندن جو اهم ترين ديوتا]]
 
واديء سنڌ جي قديم آثارن مان شِو جي علامت ڍڳو پڻ ڏيکاريل آهي. ڍڳي مان صاف ظاهر آهي ته ان جو تعلق پوکيءَ سان هو. آرين جي حملن کان اڳ سنڌ جا ماڻهو زراعت سان وابسته هئا. هندن وٽ لنگ يا لنگم پوڄا آرين کان اڳ موجود هئي، جيڪا پڻ شِو سان وابسته هئي. ان مان پيدائش جو تعلق شِو سان واضع ٿئي ٿو.