ڪاٺ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 13:14, 12 جنوري 2018ع

ڪاٺ ھڪ ڪارباني ماو آھي، جنھن جي پيداوار وڻن جي ٿڙن ۾ وقت سان گڏ سخت ٿيندڙ حياتياتي مادي جي طور تي ٿيندي آھي. ھڪ زندا وڻ ۾ ھي مادو پن ۽ ٻين وڌندڙ حصن تائين غذائي جزن ۽ پاڻي جي پھچ ڪندو آھي، ۽ گڏ ئي ھي وڻ کي سھارو ڏيندو آھي تہ جيئن وڻ پاڻ بيھي ڪري آخري اوچائي ۽ ماپ ٺاھي سگھي. ڪاٺ وڻ جي ان مواد کي بہ چيو ويندو آھي، جنھن جي ھئيت ٿڙ جي مادي وانگر ھوندي آھي، مثال طور ڏارون ۽ ڪڏھن ڪڏھن پاڙون بہ چورائينديون آھن.

ڪاٺ جي سطح، جنھن ۾ ڪاٺ جا ڪيترائي نقش آشڪار آھن

انساني تاريخ جي شروعات کان ئي انسان ڪاٺ جو استعمال ڪيترن ئي مقصدن جھڙوڪ ٻارڻ ۽ اڏاوت ۽ واپار جي طور تي ڪري رھيو آھي. اڏاوت جي طور تي ان جو استعمال خاص طور عمارت، اوزار، ھٿيار، فرنيچر، پيڪيجنگ، ڪاٺ جو ڪم ۽ ڪاغذ وغيره ٺاھڻ ۾ ڪم ايندو آھي.