اٺ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ايپ سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
[[عڪس:Dromedary camel.jpg|thumbnail|اٺ]]
'''اٺ''' (Camel Dromedery/Camels Dromedarious) جي ڪٽنب جون دنيا ۾ ڪُل چار جنسون آهن، جن ۾ ڏکڻ آمريڪي وڪونا Vicuna ڪل ڊيگهه 1.5 (5 فٽ)، لاما Guanaco ڪل ڊيگهه هڪ کان 2.1 ميٽر (3 کان 7 فٽ ) ٿئي ٿي. انهن جنسن کي ٿوها ڪونه ٿين. البته باختري اٺ (Camelus Bactrainus) کي ٻه ٿوها آهن. هن وقت هي دنيا جو واحد اُٺ آهي جيڪو اڃا به جهنگلي ماحول ۾ ملي ٿو. ٻن ٿوهن وارو اُٺ سڀ کان پهرين 3500 سال اڳ پالتو ٿيو پر اڃا به ڪي باختري اُٺ جهنگلي آهن. ان کان سواءِ باقي سڀ جنسون پالتو ٿي چڪيون آهن. هڪ ٿوهي اٺ Camel Dromedarius [[هندستان]] ۾ [[راجستان]] جي صحرا کان وٺي [[سنڌ]]، [[بلوچستان]]، [[ايران]]، عرب دنيا ۽ [[آفريڪا]] جي [[اوڀر]] ۽ اترين علائقن ۾ پالتو جانور طور ملي ٿو. اهو اٺ صحرا ۾ جهنگلي جيوت طور باقي نه بچيو آهي. هن جانور صحرائي زندگيءَ مطابق پاڻ کي مڪمل طرح ٺهڪائي ڇڏيو آهي. اٺ پنهنجي ٿوهي ۾ چرٻيءَ جو ذخيرو استعمال ڪندو آهي. جڏهن پاڻيءَ ۽ خوراڪ جي اڻاٺ هجي، تڏهن اهو جسم جو وزن 40 سيڪڙو تائين وڃائيندو آهي ۽ ٻين پالتو جانورن جي ڀيٽ ۾ (ٿڌين حالت ۾ [[پاڻي]] پيئڻ کان سواءِ ڇهه ست مهينا) وڌيڪ زندهه رهي سگهي ٿو.<ref name="اٺ">[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%BA ''اٺ''] [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]] (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، [[سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو]]، حيدرآباد. سال:2012ع</ref><ref name="camel">[https://en.m.wikipedia.org/wiki/Camel ''Camel''] انگريزي وڪيپيڊيا تي اٺ بابت مضمون</ref>
 
 
 
== خاصيتون ==
 
گرميءَ ۾ ان جي جسم جي گرميءَ جو درجو وڌي ويندو آهي ۽ پاڻي بچائڻ لاءِ پگهر گهٽجي ويندو آهي. اٺ گهڻن ئي کارن ۽ ڪنڊر قسمن جو گاهه به چري ٿو. مٿيون چپ ٻه ڦاڪو اٿس، چرڻ مهل اهو ٽيڙي ڇڏيندو آهي. اٺ هڏاوان پڃرا به رڙڪي ويندو آهي. ننڍي وڳ ۾ ڏسبو آهي جنهن ۾ هڪ نر، ڪيئي ماديون ۽ ٻچا هوندا آهن. نر پنهنجي گروهه کي بچائڻ لاءِ ٽپا ڏيندو، وڙهندو ۽ چڪ وجهندو آهي ۽ دشمن کي ڀڄائي ڪڍندو آهي. هن اٺ جا رنگ هلڪي ڀوري کان وٺي ناسي ۽ ڪاري تائين گهڻائي ٿيندا آهن. ان جي ڊيگهه 2.2 کان 3.4 ميٽر (ساڍا ست کان 11 فٽ) ٿئي ٿي ۽ وزن 450 کان 550 ڪلو ٿئي ٿو. ان جو هيءَ نسل 3000 ق. م تائين مڪمل طور پالتو ٿي چڪو هو ۽ پوئتي هڪ به داڻو جهنگلي باقي ڪونه هو. اٺ گاهه، وڻن جا پن ۽ ميوات کائي ويندو آهي. مادي 370 ڏينهن پيٽ سان هوندي آهي ۽ هڪ ٻچو ڏيندي آهي.<ref name="اٺ"/><ref name="camel"/>
 
قدبت جي حساب سان ننڍو پڇ، ننڍا ڪن، ڊگهي ڳچي، ڊگهيون ٽنگون، تراکڙا گول ۽ چيريل پير اٿس، جن سان واريءَ ۾ سولو هلي ٿو. اٺ بار برداري، سواري ۽ زمين کيڙڻ ۽ نار وغيره ۾ هلائڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. حلال جانور آهي، ماڻهو ان جو گوشت ۽ کير واپرائيندا آهن. ڄَٽ مان کٿا ٺاهيندا آهن.<ref name="اٺ"/><ref name="camel"/>
 
== سنڌ ۾ اٺ ==
 
سنڌ ۾ ڊيلٽا واري علائقي ۾ اٺن جي وڏي پئماني تي پالنا ٿئي ٿي، جنهن ۾ 200 کان 500 تائين جا وڳ نظر ايندا آهن.<ref name="اٺ"/><ref name="camel"/>
 
=== نالا ===
عمر جي لحاظ سان سنڌيءَ ۾ اُٺ جا جدا جدا نالا:<ref name="اٺ"/><ref name="camel"/>
 
'''لاؤرو''': کير ڌائڪ ٻچو.
Line 38 ⟶ 40:
 
=== نسل ===
سنڌ ۾ نسل جي لحاظ کان اٺ گهڻن ئي قسمن جو ٿيندو آهي، جيئن ته:<ref name="اٺ"/><ref name="camel"/>
 
'''ڍاٽِي''': اٺ جو هيءُ نسل ’ڍٽِ‘ پاسي ٿيندو آهي. قدآوار ۽ بارگير ٿيندو آهي. مَهري اٺ به ڍاٽي ڀلا ٿيندا آهن. پنڌ ۾ هيءُ اُٺ تکو آهي. هڪ روايت مطابق راڻو رات وچ ۾ 100 ميل ڪري مومل وٽ ايندو هو، جو سندس اٺ به ڍاٽي هو.
Line 75 ⟶ 77:
== ڪجھ ٻيون خاصيتون ==
 
سياري جو اُٺ مست ٿيندو آهي ته تارون وات مان ٻاهر ڪڍي ڀڀڪيون ڏيندو آهي، ان آواز کي ڀڀڪي يا ڳوڙي چوندا آهن. هن جي آواز کي ’ڪڻڪڻ‘ چئبو آهي.حڪيمن جو چوڻ آهي ته طبي لحاظ کان اُٺ جو گوشت، گرم خشڪ اثر رکي ٿو. ڪيترين بيمارين کي فائدو ڏئي ٿو. اُ چاريندڙ کي سنڌيءَ ۾ اوٺار چئبو آهي.<ref name="اٺ"/><ref name="camel"/>
 
حڪيمن جو چوڻ آهي ته طبي لحاظ کان اُٺ جو گوشت، گرم خشڪ اثر رکي ٿو. ڪيترين بيمارين کي فائدو ڏئي ٿو. اُ چاريندڙ کي سنڌيءَ ۾ اوٺار چئبو آهي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%BA ''اٺ''] [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]] (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، [[سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو]]، حيدرآباد. سال:2012ع</ref><ref>[https://en.m.wikipedia.org/wiki/Camel ''Camel''] انگريزي وڪيپيڊيا تي اٺ بابت مضمون</ref>
 
 
== حوالا ==